Realtime Hit Counter

Saturday 23 July 2011

موهن جو دڙو: ايس . آر. رائو، ترجمو سارنگ ماڇي

موهن جو دڙو: ايس . آر. رائو، ترجمو سارنگ ماڇي

July 11, 2011

سنڌو سلطنت جي، اڳوڻي وقت جي مرڪزي دارالحڪومت، موهن جو دڙو، سنڌونديءَ جي ڪناري سان، سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي ڏوڪري تعلقي ۾ آهي. هن وقت سندس پسگردائيءَ ۾ آباد ڳوٺ حسڻ واهڻ، ڍنڍ، بگي ٻنڌي ۽ وڪڙو

Wakro))

ڳوٺ آهن. (هن مضمون جو سنڌيڪار پڻ ڳوٺ وڪڙو سان تعلق رکندڙ ۽ رهاڪو آهي)، هن تهذيبي ماڳ کي پهرين ڊي، آر ڀنڊارڪر

(D.R.Bhandarkar)

1912ع ۾ ڏٺو هو. موهن جي دڙي جي کوٽائي سرجان مارشل جي نظرداري ۽ هدايتن تحت 22-1921ع تائين مسلسل ٿيندي رهي. ارنيسٽ ميڪي هن کنڊر جو هڪ حصو 1927 کان 1931ع تائين کوٽائي ڪرايو هو. مارٽيمر ويلر موهن جي دڙي تي 1950ع جي کوٽائيءَ ۾ اناج جا گدام ظاهر ڪيا هئا ۽ جارج ايف ڊالس 1964ع کان 1966ع تائين دڙي ۾ آزمائشي ۽ دريافتي کڏون کوٽايون هيون، جتي هو انهيءَ راءِ تي پهتو هو ته موجوده واٽر ٽيبل (پاڻيءَ جي سطح) کان قدرتي مٽي اڃان هيٺ هئي. موهن جي دڙو ۾ کنڊرن جو نظارو ٻن حصن ۾ آهي – هڪڙو اسٽوپا واري دڙي جي نالي سان مشهور آهي، ڇاڪاڻ ته اسٽوپا

(Buddhist Stupa)

وارو حصو ٻڌ متي جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ۽ ان تي بيٺل آهي، ۽ ٻاهريون دڙو هيٺائين شهر جي نمائندگي ڪري رهيو هو. اهڙي طرح سنڌو سلطنت جي عروج واري سنڌو لوڪن (هڙاپن) جي رٿابندي، شهر جي ٻن حصن ۾ ورهاست جو دهراءُ ڪري پئي، ايم ايس واٽس

(M.S.Vats)

ڪي اين پوري

(K.N.Pori)

هرگريوز

(Hargreaves)

ڪيو ايم مونئر

(Q.M.Moneer)

۽ ڪي اين ڊڪشٽ پنهنجي پنهنجي لکڻين ۾ موهن جو دڙو شهر ۾ ٻنهي دڙن جي وچ ۾ ڪيترين عمارتن جي هجڻ جو ذڪر ڪيو هو. ايم جانسن 1980 کان وٺي مونيئرسائيٽ

(Monerr site)

جو سائنسي ڇيد ڪندي ان جي ساختي تفصيلن کي وجود ۾ آندو آهي.

قلعو – Citadel

قلعي واري دڙي جي ماپ )پيمائش) m 183×356.5 ميٽر اتر کان ڏکڻ ڏانهن اڀريل ۽ ٻارنهن ميٽر اوچائي اٿس، ۽ سنڌونديءَ جي ٻوڏن واري پائيندڙ ان قديم ماڳ (شهر) کي پراچين سمي ۾ ڪٽي ٻن حصن ۾ به ورهايو آهي. ميڪي، شڪ ڏيکاريو آهي ته سنڌونديءَ جو اصلوڪو وهڪرو قلعي جي اترين ايراضيءَ کي به پنهنجي هيٺ آندو هو. ساڳي صورتحال ڪوٽڊا (ڍولاوير) ڳوٺ ۾ نکترانا تعلقي، ۾ خيري سر وٽ ڏسڻ ۾ ايندي، جيڪي ٻئي ماڳ ڪڇ ۾ خاص سنڌو سلطنت جي عروج واري )هڙاپن ( زماني سان واسطو رکن ٿا. ڪنهن قديم واهڙ جو پيٽ يا تري واري هيٺائين ٻنهي دڙن کي الڳ ڪري ٿي. جيڪي ٻئي رهائشي ماڳ، قلعي ۽ ٻاهرين شهر جي نالي سان سڃاتا ويندا آهن

قلعي کي ڪيتريون خاص جڳهون محدود نموني سان مرڪب ٿيل ويڙهي وڃن ٿيون، جيئن وڏو حوض، اناج جا ڀانڊا ۽ ڪاليج، سموريون اهي اڏاوتون ڪچين سرن جي مائيدار (ٻاهر نڪتل) ٿلهن تي تعمير ٿيل آهن، جنهن جي اڃا تائين صحيح نموني سان کوٽائي نه ٿي آهي، پر ڪجهه ابتدائي (شروع واريون) جڳهون انهيءَ جي هيٺان آهن. ويلر 1950 جي کوٽائي ءَ ۾ قدرتي زمين تائين پهچندي چيو هو ته جيڪڌهن سنجيدگيءَ سان ڏسجي ته هيٺين زمين تي پهچڻ لاءِ پاڻي جي سطح

(Water table)

مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. ڊچ

(Dutch) 1967

ع ۾ تجويز ڪيو ته موهن جو دڙو جي نقشي ۾ ’کوهن جي مشاهدي‘ بابت ورهاست سان پري پري چوويهن جڳهن تي برمي سان ٽنگ

(Drilled)

ڪري ان سرزمين

(Spot)

جي نشاندهي ڪندي راءِ ڏني هئي ته انهن کوهن جا نقشا سنڌو لوڪن جي مشغولي )ڪرت( کي ظاهر ڪن ٿا، جيڪي ارڙهن ميٽرن کان مٿي هيٺ گهرا سرن جي ڍير ۾ ڍڪيل ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل آهن. جيتوڻيڪ انهن جي ممڪن فطري ڌنڌي جي پوري ڄاڻ نه ملي آهي ته پراچين سمي، جڏهن سمنڊ ۾ گاهه

(Genus sea weed)

پاڻي مٿان ترندا هلندا ڦرندا رهندا هئا، جنهن کي سارگان دور

(Sargonid period)

سڏيو وڃي ٿو، ان وقت هن ماڳ جي وجود جي موجودگي هئي يا نه، ڊالس ٻن کوهن کي 65-1964 ۾ ٻارنهن ميٽر هيٺ کوٽي انهن لوڪن جي هستيءَ جي موجودگيءَ کي سندن امانتن جي بنياد تي تصديق سان ظاهر ڪيو هو. انهن قبضيدارن جي امانتن کي درياهي وهڪرن سان پيل تهه پوري طرح پڌرو ڪن ٿا ته ٻوڏن جو هڪ ٻئي پٺيان مسلسل اچڻ ڪري انهيءَ مهذب وستيءَ جي تباهي ٿي هئي. ويلر پنهنجو پاڻ قبول ڪيو ٿي ته جيئن ئي قلعي ۾ داخل ٿياسين ته کوٽائي هلندي پاڻيءَ جي زير زمين سطح مٿي چڙهي آئي ۽ کوٽائي جي مسئلي ۾ منجهائي وڌائين، جڳهن کي ٻوڏ کان بچاءُ هيو، ڇاڪاڻ ته ڪچين سرن جو چوڌاري ڪوٽ چڙهيل هيو، جيڪو لوٿل

(Lothal)

وانگر تيرنهن ميٽر ويڪرو هيو. هتي اهو ٻيهر دهرائجي ٿو ته ڀت جون پڪل سرون ۽ ٺڪر جي ٿائن جو ٺڪراٺو 3.05 ميٽرن جي گهرائيءَ ۾ لڏو ويو هو، لوٿل ڏي موجوده واٽر ٽيبل ظاهر ڪري ٿي ته ابتدائي بيٺڪ کي نديءَ جي پائندڙ ٻوڙيو هو. جنهن ڪري هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ ٻوڏن جي لٽ پوڻ ڪري شروع وارن ٽن هزار سال قبل مسيح ۾ سنڌوندي ۽ صابرمتي ندين جي اٿل واري پاسي جي شهرن ۽ ڳوٺن جي تباهي ضرور ٿي هوندي، جن جون امانتون ندين جي لٽ پوڻ ڪري محفوظ رهجي ويون هونديون. گجرات ۾ دسالپور، خيرسر، ڪوتدا، لوٿل، ڪوت

(Koth)

۽ ڀاڳتر

وBhagatrau) )

سان گڏ ڪيترائي عروج واري زماني جي لوڪن

(Mature Harappan)

جا ڳوٺ ۽ شهر 1900 قبل مسيح دوران غير معمولي وڏن ٻوڏن ڪري پنهنجو وجود وڃائي، ڌرتيءَ تان ميسارجي ويا هئا. ساڳي نموني سان چانهو دڙو، موهن جو دڙو، ۽ ڪجهه بهاولپور جون ٻوڏ ۾ ٻوڙيل امانتون ٻڌائن ٿيون ته لوئر سنڌو ماٿر جي بستين مٿان به ضرور ڪا مصيبت نازل ٿي هوندي. ياد رهي ته سنڌوندي پنهنجي قديم وهڪري جي بنسبت وقت بوقت رستا تبديل ڪندي رهي آهي

ڪوٽ ۽ ٿلها – Fortification and platforms

موهن جي دڙي جي قلعي کي ٻوڏ جي حفاظت ڪري عالم پناهه ۾ منارن ۽ ٻاهر نڪتل چبوترن کي اولهه ۽ ڏکڻ اولهه پاسن کان ٺاهيو ويو هو، انهن لاءِ ويلر جو خيال هيو ته اهي حملي آورن جي بچاءَ کان هئا. ڪوٽ اندر گهرن جون ڀتيون گهريدار ٿلهن تي تعمير ڪيل هيون، جيڪي ڀت سان چورس ٺلهن سان سجائل آهن، جن جي شروعاتي پيمائش 71×9.45 ميٽر آهي. هي ٺلهه پڪين سردن جي بنياد سان افق جي سنوت تي سڌو ڪاٺ جو مددي ضامن (ٿنڀو) آهي، جيڪي ڪيئن به ماضيءَ جي ٻوڏن ڪري سڙي ڀري ختم ٿي ويو ۽ انهيءَ ساخت (بناوت) کي جوکم ۾ وڌو. اَنَ جا ڀانڊا ۽ ابتدائي ٺلهه پڻ ڪاٺ جو ضامن طور ٺهيل هيو، جنهن تي رمبيءَ سان گلڪاريءَ جي ٽڪ ٿيل هوندي هئي. ڪاٺ جي مددي ضامن کي غلطيءَ سبب پڪين سرن سان ٺلهين جي تعمير سمجهي تڪڙ ۾ قبول ڪيو ويو هو. حالانڪ انهن معمارن ۾ تجربي جي بنياد تي مددي ضامن وجهڻ جي عادت پيل هئي. ڪوٽ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ ۾ ٻه برج پوئين (آخري) دروازي واري ٻانهينءَ ۾ شڪي بنياد تي سمجهه ۾ اچن ٿا، جيڪي ڀت جي پيڙهه

(Parapet)

۽ ٿلهن ڪري بند ٿيل هئا. هتان ڪيترائي گول بڙڇ (مٽيءَ جا گولا) لڌا ويا هئا، جيڪي ٻڌائن ٿا ته اهي شهر جي بچاءَ لاءِ ڪم آندا ويندا هوندا، پر اهڙيون شهادتون لوٿل ۽ ڪالي بينگن ۾ نه مليون آهن. پر ڪيتريون استعمال جون متبادل شيون ميسر ٿيون هيون، خاص ڪري عبادت، پوڄاپاٽ ۽ ڪريا ڪرم لاءِ. هڪڙي شئي گهم کان بچاءَ

(Ballast for Damp-proof)

واسطي ٽٽل حالت ۾ ملي هئي يا مٽيءَ جي فرش ۾ استعمال ٿيندي هئي. اهي پاڻيءَ جي نڪاس لاءِ کڏون ۽ وٽ تور جو سامان پڻ استعمال ڪندا هوندا

وڏو حوض- The Great Bath

قلعي ۾ آڳنڌ جي ڀرسان هڪ عوامي حوض آهي، جنهن جي اتر کان ڏکڻ ۾ ڊگهائي پيمائش 89. 11 ميٽر ۽ اوڀر کان اولهه ويڪر جي ماپ 7.01 ميٽر آهي ۽ سندس گهرائي 44. 2 ميٽر آهي

( يعني ڊيگهه 29 فوٽ، ويڪر 23 فوٽ ۽ اوچائي 6.6 فوٽ آهي.)

اڱڻ کي سرن جو فرش ٻڌل آهي، جنهن جي چوگرد ورانڊا آهن. انهن جي پٺئين طرف کان ٽنهي پاسن ۾ ڪمرن جي قطار جوڙيل آهي. هڪ ٻٽي پڳ وارو کوهه، هڪ ڪمري ۾ آهي، سو پاڻي فراهم ڪندو هو. حوض جي فرش تي اتر ڏانهن قدم کڻندو وڌندو وڃبو ته ڏکڻ کان حوض جو فرش ۽ ڀتين جا پاسا سرن جي ٽائيلس ۾ چيرولي گچ سان ڀريل ۽ تعمير ڪيل هئا. وڌيڪ انهن معمارن وڏي خبرداريءَ سان پاڻي سمڻ جي بچاءَ کان

(Damp- proof)

ڏامر جو هڪ قسم متعارف ڪرايو، جنهن جي فرش ۽ سرن واري ٽائيلس جي کال- وڇوٽن ۾ ٻه سينٽي ميٽر ڏامر وجهي چيروليءَ سان لپائي ڪرائي وئي هئي. حوض جي فرش تائين پهچڻ واسطي سرن جي ڏاڪڻ جوڙي وئي هئي، جنهن جي ڏاڪن تي قدمن رکڻ لاءِ ڏامر سان ڪاٺ جون پٽيون مضبوط ڪيون ويون هيون. حوض جي ڏکڻ اولهه کان وڏي ناليءَ تائين پاڻيءَ جي نڪاس جو بندوبست ٿيل هيو، جيڪو قلعي جي اولهه طرف کان گول آهي. ٻيو ڊرين جي ڪاٺيءَ جي ونگ جا اهڃاڻ عمارت سازيءَ ۾ ڌيان جوڳا آهن. هڪ ڪمرو ورانڊي سان آهي، جنهن جي مٿان

(Terrace)

چبوترو يا ٻي منزل جوڙيل آهي، ان تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺاهيل هئي. کوٽائي ڪندڙ ماهرن محسوس ڪيو آهي ته ٻوڏ وقت پاڻي ضرور سڄي شهر ۾ قلعي سميت رهاڪن جي ٿلهن تائين پهچندو هوندو، تنهن ڪري ظاهر ٿئي ٿو ته تر کان آخري ڇيڙي وارين عمارتن جي گڏيل غسلخانن

(Bath Complex)

جي جوڙڻ واسطي ڪچين سرن جو استعمال ڪيو هوندو. لوٿل ۽ رنگپور ۾ به موسمي ٻوڏ جو چاڙهه ٿلهن تائين پهچندو هو

خانگي غسلخانه – Private Baths

وڏي حوض واري اترين سوڙهي گهٽي پار ڪندي ڏسبو ته اٺن غسلخانن جون ننڍيون ڪوٺيون هڪ بلاڪ ۾ ٻن قطارن تي مشتمل آهن، هڪ قطار ڊرين جي پاسي ۾ هن طرف آهي. هر هڪ غلسخانو 1.8×2.9 ميٽر ٿيندو، سڀني کي سرن جو فرش ٻڌل آهي ۽ انهن جو نيڪر وڏي ڊرين سان ڳنڌيل آهي. هر هڪ غسلخانو مٿين منزل سان ڏاڪڻ وسيلي ڳنڍيل آهي، انهن غسلخانن جا دروازا هڪ ٻئي جي آمهه سامهه نه هئا، تنهن ڪري سندن خلوت پوشيده هئي. اهو کوٽائي ڪندڙ ماهرن کي معلوم ٿئي ٿو ته اهي غسلخانه پورهت استعمال ڪندا هئا ۽ وڌيڪ وڏي حوض مان وضو، شنان ۽ هٿ منهن ڌوئيندا هئا. ڊالس ٻڌايو آهي ته’مونيئر ايريا‘ جيڪا ’وي. ايس. ايريا ‘ جي سڌو اوڀر ٻاهرين شهر ۾ آهي، اوڏانهن هڪ ويڙهي (محلي) اندر ڀتين جي بناوت ٿولهه ۾ هلڪي هئي. وضوءَ جي فرش تي صفائي جو پورو بندوبست ٿيل هيو ۽ اصلوڪن روشن گهرن ۾ سرن سان ڏاڪڻيون هيون، جيڪي ظاهر ڪن پيون ته هتي ڪيترا خاندان يا ملازم انهن ڏاڪڻن ذريعي مٿين منزل تي پاڻي کڻي ويندا هئا. اهو دستور اڄ تائين سنڌ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو لاڳاپو ٻڌائي ٿو ته ڪوٽ ۾ غسلخانه کليل هوندا هئا، جن کي سرن جو فرش لڳل هوندو هو. هڪ قطار ۾ ٻارنهن گهر هئا، هر هڪ گهر ۾ ٻه ڪمرا هئا. جيئن لوٿل ۾ نشاندهي ٿيل آهي ته ڪوٽ اندر گهرن ۾ حڪمران ۽ سندس سان لاڳاپيل عملو رهائش پذير هيو. غسلخانه خاص عبادت ۽ ڪريا ڪرم وقت هر هڪ لاءِ استعمال ٿيندا هئا، اهو شاهوڪار هجي يا غريب، سمورو عوام غسلخانه ڪم آڻيندو هيو. موهن جو دڙو ۾ هر هڪ فرد لاءِ عوامي غسلخانه صاف سٿرا مهيا ڪيا ويندا هئا

اناج جو گودام – Granary

وڏي حوض جي اولهه ۾ قلعي سان اناج جا ستاويهه ڀانڊا ٺهرايا ويا هئا. لوٿل جهڙو هڪ مال گودام عام گذرگاهه (وڏي شاهراهه) کان هيو، جنهن جي تري ۾ ڪاٺ جا پڃرا اناج کي هوا ملڻ لاءِ ٺاهي رکيا ويا هئا، جيڪي ترتيب ۾ تمام مٿاهين درجي جا هئا. ٻاهرين ميدان وارو چبوترو مسمار ٿي چڪو هو، اهو برج قلعي ڀرسان ڏسڻ جهڙو هيو. اولاهين ڇيڙي ۾ هڪ هوادار ڀانڊو هيو، جيڪو اناج جي خالي ٻورين جي سهوليت فراهم ڪندو هو. انهن جڳهن ۾ فرش جو ڪم ۽ رمبيءَ سان ڪاٺ جي شهتيرن تي چترڪاريءَ جو ڪم ڏسڻ جهڙو هيو، جيڪي شهتير چبوتري ۾ پيل هئا، سي حالات جي تنگ نظريءَ ڪري برباد ٿي ويا هئا، اناج جي گدامن جي تعميري بنياد واري ماپ 22.86×45.72 ميٽر آهي، شروع جي بنسبت جڏهن غسلخانه تعمير ڪيا ويا هئا ته ان وقت ڏاکڻي پاسي وڏو حوض جوڙيو ويو هو. ماهرن جي راءِ آهي ته لوٿل جي مال گدامن وانگر موهن جو دڙو ۾ به گدامن جو ترو بهترين ٺهيل هيو

گدام جي ڏکڻ ۾ 6.07 ميٽر هڪ ڏاڪڻ آهي، جتان پيادل قلعي جي ٿلهي کان مٿي ڪشادو رستو ٺهيل آهي. لوٿل ۾ ڏاکڻي پاسي ڪوٽ کان شهر ڏانهن پيادل وڃبو ته اڳ ۾ وڏي گدام تي پهچبو، ٻيو وڏو رستو بندر کان مال گدام طرف اڀرندي پاسي کان وڃي ٿو

پروهتن جو ڪاليج- College of Priests

هڪ وڏي بناوت وارو اڱڻ، جنهن جي پيمائش 10.1 ميٽر ٿيندي، ان جي ٽن پاسن کان ورانڊا آهن ۽ وڏي حوض جي اتر اوڀر ڪنڊ تي صفبنديءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ ڪمرا آهن، جيڪي پروهتن جي ڪاليج جهڙا سمجهه ۾ اچن ٿا. انهن جي غير معمولي اهميت ۽ سندن تعمير جو مقصد چٽو نه آهي. پنج دروازا اوڀر جي قطار ۾ کلن ٿا، هڪ ڏکڻ ۽ اولهه تي کلي ٿو. مٿي منزل يا فليٽن جي ڇت ڏانهن ڏاڪڻ وڃي ٿي. انهيءَ حصي ۾ کوٽائيءَ دوران پاڻمرادو جڳهون ظاهر ٿيون آهن، جن جي تعميرجو حقيقي مقصد پروهتن جو ڪاليج ئي ٿي سگهي ٿو.

اسٽوپا جي اتر ۾ وڏو ميدان آهي، جنهن جي ڀتين جي ٿلهائي قياس طور ظاهر ڪن ٿيون ته اهي مندر

(Temple)

جون باقيات آهن، جنهن کي ڪنهن پئسن جي ادائگيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هوندو. کوٽائي ڪندڙ ماهرن کي قياس جي بنياد تي محسوس ٿئي پيو ته سنڌو سلطنت جي عروج واري زماني جو اهو مندر اسٽوپا هيٺان دفن ٿي ويو آهي، پر اهو ناجائز ۽ بي واجبي اشارو آهي

اسيمبلي هال- Assembly Hall

هڪ وڏي عمارت، جيڪا 27.44 ميٽر چورس، ويهن سرن جي ٿنڀن

(Piers)

سان پنجن دالانن ۾ ورهايل آهي، جنهن کي چئن حصن ۾ ٺاهي بيهاريو ويو آهي. هر هڪ قطار پنجن دالانن جي آهي، انهيءَ ۾ اتر کان داخل ٿيڻ جي گيٽ آهي، اهي دالان بادشاهي گهراڻي جي ملاقاتن جي هال سان مشابهت رکڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ اهي اسيمبلي هال طور استعمال ڪيا ويندا هئا، ماضيءَ ۾ انهن دالانن کي سرن جو فرش هڻي سوڙهين قطارن ۾ ورهايو ويو هو. اتي اولهه ۾ هڪ وڌيڪ معمولي بناوت وارو هال ۽ دالان هيو

گدام، وڏو حوض، اسيمبلي هال ۽ ٻيون ضروري عمارتون قلعي مان کوٽائيءَ دوران مليون آهن، جيڪي حڪمران جي آفيس يا ويهڻ جي جڳهه کي ظاهر ڪن ٿيون. شهري رٿابنديءَ ۾ ڪنهن ڌرمي آسٿان کي ظاهر ڪونه ڪيو ويو آهي. حڪمران بابت فطري انومان (قياس) به نه ٿو ڪري سگهجي ته اهو بادشاهه ڪو پروهت هيو. هڪ به اهڙي موثر شئي ملي هجي، جيڪا قلعي يا ڪوٽ ۾ پوڄا يا قربانيءَ جي آڇ واري عمل کي ظاهر ڪري. ڪالي بينگن جو قلعو مذهبي ڪريا ڪرم جي مرڪز هئڻ جي نيارپ

(Exception)

ڏيکاري ٿو. ساڳيءَ طرح موهن جو دڙو جو اسيمبلي هال ڌرمي جوڙجڪ ڏيکاريندو هوندو

موهن جي دڙي جي کوٽائي ٿيل هنڌن جو نقشو

هيٺيون شهر – Lower City

قلعي جي اوڀر ۾، ڪوٽ کان ڌار حصي کي هيٺيون شهر سڏجي ٿو، اهو هيٺيون شهر گهڻو ڪري 2.59 چورس ڪلوميٽر کان به وڌيڪ ڦهليل آهي. سندس هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين 1.61 ڪلوميٽر مفاصلو آهي، هيٺين شهر کي پڻ چوڌاري ڪوٽ ويڙهي وڃي ٿو. (حالانڪه انهيءَ عالم پناهه کان ٻاهر به شهر جا آثار ثابتيءَ لاءِ چٽا بيٺا آهن. تازو جڏهن سنڌونديءَ ۾ موهن جو دڙو جي بچاءَ لاءِ اسپربند ڏنا ويا هئا ته انهيءَ درياهه خوردي ايراضيءِ مان جيڪا هاڻي ڪچي ۾ شمار ٿئي ٿي، اتان به ان وقت موهن جو دڙو شهر جي جڳهن جا آثار پوري چٽائيءَ سان ظاهر ٿيا هئا. (جتان بلڊوزرمٽي کڻي اسپربند جوڙين پيا، يعني تحقيق بجاءِ تاريخي اڏاوتون ڊاهيون پيون وڃن ۽ اسپربند انهيءَ آثارن ۽ بندر جي مٽيءَ مان ٺاهيو پيو وڃي، مترجم) هيٺين شهر جي گهرن ۽ گهٽين جي رٿابندي خبرداريءَ واري انتظام کي ظاهر ڪري ٿي. اوڀر کان اولهه، گهٽين جي سراسري ڊيگهه 365.84 ميٽر آهي، جيتوڻيڪ گهٽيون اتر کان ڏکڻ 365.76 ميٽر هليون وينديون آهن. شاهراهه جي ويڪر 9.15 ميٽر آهي. تنهن هوندي به اندرين گهٽين جي ويڪر 2.25 ميٽر آهي. شهر جنهن جو هر هڪ بلاڪ ستن گهرن تي مشتمل آهي

گهر درين کان سواءِ هئا، پر ڪنهن وقت انهن کي پناهه جي وڏي ڀت سان پدرو هيو، ۽ ڪوٺيون هميشه مرڪزي اڱڻ (ايوان) جي چوگرد قطار ۾ ٺاهيون ويون هيون . موهن جو دڙو ۾ هڪ خاص نموني جو (علامتي) گهر هيو، جنهن ۾ اندر هڪ سوڙهي دروازي کان داخل ٿيڻو پوندو هو، ان دروازي جي ويڪر 1.52 ميٽر هئي. هڪ ڪولي مزور (شايد چوڪيدار) جي ڪوٺيءَ جي در جو منهن ننڍي ايوان ۾ پئي ٿو، جيڪو وڏي اڱڻ سان ڳنڍيل آهي ۽ هڪ بهترين ننڍي کوهه واري ڪوٺيءَ ڏانهن رستو نڪري ٿو، جيڪو فرش ٻڌل غسلخاني سان لاڳاپيل بهترين اڏاوت جو سمجهيو وڃي ٿو. وڏو ايوان 9.22 ميٽر چورس آهي، جنهن منجهان رازي جي ڪمال ڪاريگري سان ڪوٺيءَ واري کوهه جي نزديڪ ڀت کي ٽنگ ٿيل آهي. اتي هڪڙو ٺڪر جو پائيپ سرن سان بند ڪيل هو ۽ نيڪر جو پاڻي ڪوٺيءَ کان گذري اڱڻ وٽان ٿيندو وڏي عوامي ڊرين ڏانهن هليو وڃي ٿو. مٿين منزل جي نيڪر جو پاڻي گرائونڊ فلور جي ڪسيءَ تائين ڀت منجهان اڀن پائيپن ذريعي گذري هيٺ پهچي ٿو. هن هڪڙي گهر جو نقشو ايل ٽائيپ تي آهي، جتان رستي کان دالان

(Corridor)

۾ گول ڪنڊن سان غير معمولي چيمبر

(Chamber)

تعمير ٿيل آهي

محلات – Palace

کوٽائي ڪندڙ ماهرن لاءِ ڊي ڪي ايريا جي ڏاکڻي حصي (سيڪٽر) ۾ گڏيل بناوت جو هڪ 76.2 ميٽر چورس خاص محلات ويچارڻ جهڙو هيو، ڇاڪاڻ ته سندس ٻاهرين ڀتن جي ٿول 1.06 کان 2.14 ميٽر ٿيندي، جيڪي مورچا آهن. اتي ٻه اڱڻ هڪڙي دالان ۾ پوندا آهن، انهن ۾ هڪ دروازي وسيلي اندر داخل ٿبو آهي، جنهن جي ويڪر 1.52 ميٽر آهي ۽ ڏکڻ کان هڪ سوڙهي گهٽي آهي، جنهن جي ويڪر 2.44 ميٽر آهي. عمارت ۾ داخل ٿيڻ جا ٻه رستا هئا، جيڪي هڪ اترين سوڙهي گهٽيءَ کان هيا. انهيءَ مان هڪ لنگهه اولهه ڏي اڱڻ ۾ پوندو آهي ۽ ٻيو وڏي ايوان ۾ پوندو آهي. هي لنگهه ڏکڻ ۾ چوٿين دروازي کي سولو پوندو آهي، قطار ۾ ٻه کڏون گول مٽيءَ جون چپر نموني

(Wedge Shaped)

جي سرن سان تعمير ٿيل آهن. اهي فرضي کوريون هونديون، جنهن مان سرن ٺاهڻ

(Vitrified Bricks)

جي نشاندهي ٿئي ٿي، اهو ان جي برعڪس نه آهي ته اتي ڌرمي ڪريا ڪرم لاءِ باهه جي پوڄا ڪندا هئا. عمارت ۾ خاص دلچسپ ڳالهه مانيءَ لاءِ تنورن

(Bread Ovens)

جي آهي، جنهن جي قطر

(Diameter)

۾ ماپ 1.12 ميٽر ۽ اوچائي 0.92 ميٽر آهي، اهو اڱڻ جي ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ ۾ ٺهيل آهي. اهو سنڌ ۽ ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ مانيءَ جو جديد تنور تمام گهڻي پراچينتا ۽ قدامت ڏيکاري ٿو. عمارت شاهوڪار دڪاندارن جي وچ ۾ هئي. ڇا اهو هڪ محلات هيو، جنهن کي قلعي تعمير ڪيو ويو هوندو. شاهوڪار دڪاندارن جون ڪجهه عمارتون هڪ ميٽر ٿلهين ڀتين ۽ ڪيترن ڪوٺين سان هيون

دڪان – Shop

هڪ وڏي ساخت واري اڏاوت 19.66×26.52 ميٽر ماپ سان هئي، جنهن جي هر هڪ ڪمري (دڪان) ۾ چپردار نموني جي پترين سرن سان قطار ۾ پنج مخروطي کڏون

(Conical pits)

آهن، اها ويڪري عمارت وي ايس ايريا

(V S Area)

۾ پهرين گهٽي ڏانهن کلي ٿي. کڏن جو مطلب دلن، مٽن ۽ ڪولن جي ڀرتيءَ

(Storage jars)

يا اسٽور ڪرڻ جي جڳهه کي ظاهر ڪري ٿي، اها جڳهه ۽ ان سان لاڳيتي زمين ڪمرشل (تجارتي) مقصد لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي، پر هڪ انڊسٽريل علائقي وانگر جوڙيل نه هئي.

مندر – Temple

ايڇ آر ايريا ۾ هڪ وڏي بلڊنگ آهي، جنهن جون حدون ڏاکڻي سوڙهي مئل ماڻهن واري گهٽيءَ

(Dead man lane)

سان ملن ٿيون، ان جي پٺئين حصي کان ڪيتريون گڏيل وڏيون ڀتيون آهن. ان جو نمونو ’اي ون گهر‘

(House A1)

وانگر مستطيل ميدان جي شروعات ۾ هيو، سندس ماپ 12.2×15.85 ميٽر هئي. پهريائين شروعات ۾ هڪ وڏي دروازي سان ٻن بلاڪن جي عمارتن ۾ ٻن ڏاڪڻن سان سهڻا ۽ زيبائتا گذرگاهه

(Access)

آهن، جيڪي ٻٽي ٻنڀي جي نزديڪ آهن. عمارت جي اڏاوت جو گول سرن سان ڪم ٿيل آهي، اتان هڪ لنگهه ٻاهرين دروازي جي اڱڻ ۾ پئي ٿو، اهو هن وقت تائين صاف نه آهي، جنهن جو قطر 1.22 ميٽر ٿيندو. جيڪڏهن اها عمارت آتش پرستن جو قربان گاهه ڪري تسليم ڪئي وڃي ٿي، جنهن عمارت مان ٻه مجسما

(Statues)

لڌا ويا آهن، ٻن مان هڪ پروهت جو مجسمو آهي، حقيقت کي ويچار ۾ آڻجي ته ڪو ڌرمي قدر ضرور هوندو .هڪ سفيد چن پٿر ۾ ڏاڙهيءَ سان ماڻهوءَ جي مٿي وارو مجسمو ٻاهرين دروازي جي اوڀر پاسي کان ڪوٺيءَ مان لڌو ويو هو، جنهن جي اوچائي 17.52 سينٽي ميٽر هئي. وڏو مجسمو 42 سينٽي ميٽر اڀو سنگ مرمر جي نرم پٿر مان ٺهيل هيو، هي مجسمو ويٺل ماڻهوءَ جي نمائندگي ڪري رهيو هو، جنهن جا هٿ آرام سان سندس گوڏن تي رکيل هئا. هنن مجسمن مان هڪ ڏاڙهي وارو ۽ ٻئي کي ڳچيءَ ۾ ڳٽ پيل آهي، جيڪو مٿي هيٺان ڳچيءَ ۾ ٻن ڪنارن سان ڦاسي ڏيڻ جهڙو ڏيکاءُ پيو ڏئي. انهن جو ڳاڻيٽو ڪبو ته ٻاهرين دروازي ۽ ڏاڪڻ کان ٻئي مجسما ديوتا جي سماڌي يا مقبري جي ياداشت

(Monumental)

جو اعتماد ڏياري رهيا هئا. کوٽائي ڪندڙ ماهر انهيءَ اڏاوت جي ساخت کي عبادت گاهه (مندر يا مڙهي) سمجهي رهيا هئا. جيئن هڪ مجسمو ڪنهن به ديوتا جو عيوضي طور نمائندگي نه پيو ڪري، باقي انهن مان هڪ مجسمو پروهت جو آهي، عمارت عوامي جڳهه طور ڌرمي مقصد لاءِ استعمال ٿيندي هوندي، جيئن آتش پرست باهه جي پوڄا ڪندا آهن

ٻيون عمارتون – Other Buildings

ڊي ڪي ايريا جي – جي سيڪشن

(G-Section)

۾ ٻه مڪمل اگهاڙيون عمارتون هيون، هڪ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها هاسٽل آهي، ٻي مندر . ايس آر ايريا ۾ وڏي عمارت جي تعمير جو مقصد ۽ نقشو، جنهن جون ڀتيون 1.37 ميٽر ٿلهيون هيون ۽ ڪچين سرن جو ٻاهر نڪتل گهيرو (پوڊيم) چٽو ۽ صاف نه اٿس. انهيءَ عمارت کي هڪ اڱڻ ۽ عمارت جي ٻن ڀاڱن مان هڪ ۾ کوهه آهي. هن اڏاوت جي شروع ۾ سورهن ڪمرن جو بلاڪ بيٺل آهي، ان بلاڪ ۾ ٻن ڪمرن واري گهرن جون ٻه قطارون آهن، هر هڪ قطار ۾ اٺ ڪمرا آهن. انهيءَ بلاڪ کي پوليس بئرڪن جو عيوضي خيال ڪيو وڃي ٿو، هتي جي ٻن ڪمرن واري گهر ۾ هڪ ڪوٺي اڳيان اچي ٿي، جنهن سان گڏ باٿ روم هئي، ان جو فرش سرن سان ٻڌل هيو ۽ ٻي ڪوٺي پهرين ڪمري جي پٺيان هئي، جيڪا سمهڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي. لوٿل ڏانهن به ڪوٽ ۾ ٻن ڪمرن واري هڪ قطار تعمير ٿيل هئي، جنهن جي جوڙجڪ مبادا هو بهو ٻاهرن ڪمرن ۾ موجود هجي. اتي به گهرن سان ٻه قطارون هڪ ٻئي پٺيان بيٺيون آهن، پر پوليس بئرڪ (سپاهين جي رهڻ جي جاءِ) طور هڪ به استعمال نه ٿيندي هئي. موهن جو دڙو جي بئرڪن ۾ ٻه کوهه مليا هئا، جنهن مان هڪ ڏاکڻي ڇيڙي ۾ هو ۽ ٻيو مرڪزي شاهراهه تي هيو. اهي ساڳئي قسم جون بئرڪون هڙاپه ۾ به هيون، انهن بئرڪن وانگر مصر جي مزدور ڇانوڻين لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي به اهڙيون ئي آهن ۽ سميرين جي مندرن ڀرسان دستڪارن جي رهڻ جون جايون هيون، جن ۾ غلام خدمتگار ملازم به رهندا هئا. تنهن هوندي به اها ياداشت ضرور هوندي ته سنڌو سلطنت جي شهرن جي رٿابنديءَ واري حالت ۾ يا ڌرمي ڳانڌاپي ۾ مصرين ۽ سميرين سان چڱي نموني جي هڪ جهڙائي ۽ لاڳاپو نه ٿي ڪيو.

موهن جو دڙو جي ايڇ آر ايريا ۾ 1964ع کان 1966ع تائين پينسوليوانيه يونيورسٽيءَ

(Pennsylvania University)

پنهنجي نظرداريءَ هيٺ ٻيهر نئين کوٽائي ڪرائي هئي. جي ايف ڊالس

(G.F.Dales)

هيٺين شهر جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ ۾ دڙي جي الهندي ڪناري وٽ سان گڏ کڏ کوٽڻ جو پاڻ ڪم ڪيو هو، انهيءَ جڳهه تي ڪچين سرن جو وڏو ٿلهو لڌو ويو. هن سچائيءَ سان بي رياءُ ٿي قبول ڪيو آهي ته ڇا واقعي اهو قلعي وانگر سمجهه ۾ نه آيو آهي، پر شهر جو پورو نقشو

(Grid plan)

وسيع پکڙيل چوڻ ۾ اچي ٿو. هي چيو وڃي ٿو ته شهر واري ڀت لهڻ بنا سرمارٽيمر ويلر سمورو وقت مايوسيءَ واري سخت دٻاءَ هيٺ هيو، ”مون ان کي ڳولي لڌو، پر پوءِ گهربل وضاحتي تپاس (سروي) نه ڏئي سگهيس.“ جڏهن ٻيهر ان اسٽرڪچر (اڏاوت) جو مطالبو ڪيم ته هڪ وڏي مضبوط سرن جي ڀت ٻه ميٽر کان وڌيڪ ٿلهي ۽ ڏهن ميٽرن کان مٿي اوچي ظاهر ٿي هئي. اها پنهنجي پاڻ اتر ۽ ڏکڻ ڏانهن پري وڌيل نه هئي، جيئن مون پيش ڪيو هو، حقيقت ۾ اهو وڌيل حصو ڀتين، جڳهن ۽ نالين جي هڪ گڏيل حصي جو آهي، جيڪو شاهراهه جي اوڀر پاسي کان حد ٺاهي ٿو. هيءَ گهٽي هڪ سئو ميٽرن جي ڊگهن نشانن کي پاڻ سان ڳنڍي سگهي هئي. شهر جي ايچ آر _ وي ايس ۽ ڊي ڪي ايريا

(HR.VS and DK Area)

منجهان گذري ذري گهٽ مال گهرائڻ واري

(Identical)

منديءَ (ايراضيءَ) ۽ مشرق واري وڏي شاهراهه ۾ پئي ٿي. اهڙي طرح شهر جي

(Grid plan)

کي ڪشادو ۽ پکڙيل چئي سگهجي ٿو. ”هي خيال ويلر سان سهمت ڪري پيو ته حال لاءِ، وقت کان اڳ ڌڪي هڻڻ جي برابر ٿيندو ته هيٺيون شهر فوجي خيال تحت قلعي بند هيو، جيتوڻيڪ اهو شهر جي ڪشادگيءَ وارو خيال چٽو آهي ته اهو وڏين ٻوڏن کان حفاظت واسطي، ذميداري پوري ڪئي وئي هئي.“ اهڙي قسم جي تعمير لٿل جي هيٺين شهر ۾ اترين ڀت ڏسي سگهجي ٿي، جنهن کي وڌائي ٺاهيو ويو هو. جڏهن 1979ع ۾ لوٿل جي کوٽائي ليکڪ ايس، آر رائو

S R Roy))

ڪرائي هئي ته ان شاهراهه جا نشان اتر طرف اٽڪل هڪ سئو ميٽر وڌيڪ اڳتي وڌيل ڏٺا ويا هئا، جنهن جي ٻاهران هڪ ڦٽل

(Nulla)

واهڙ وهندو هيو، ۽ ان ڦٽي جا آثار اتي موجود آهن

ڊالس مشاهداتي تحقيق ڪري موهن جو دڙو جي زوال ۽ تباهيءَ جا ڪارڻ ٻڌائي ٿو ته ”شهر جي تاريخ مان ڪنهن اڪيلي کوٽائي ڪندڙ يا موهن جو دڙو جو اڀياس ڪندڙ ذهين شاگرد – ٻوڏن جي ٽوڙ ۽ ضرورت جي موجودگيءَ تي انڪاري هيو. انهن کي ٻوڏن جي فطرت ۽ سببن تي اختلاف آهي.“ ڊالس اسان جو ڌيان 1930ع جي وسيع ۽ خاص کوٽائيءَ ڏانهن ڇڪايو هو، جڏهن ته ڊي ڪي ٽين

(DKIII)

ايريا کي، مارشل جي رپورٽ ۾ انهيءَ دڙي مان لڌل شين جو ذڪر نه ڪيو ويو هو. هتي لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهيءَ ايريا جي اڏاوتن ۾ عام طور هلڪيون ۽ سنهيون ڀتيون هيون، جيتوڻيڪ اهي سڌين گهٽين سان ٺاهوڪي نموني جون گهاٽيون ڳاهٽ ٿيل عمارتون ڏسڻ ۾ آيون هيون. انهن مان ڪجهه عمارتن ۾ ٽڪنڊا ٽنگ هوندا هئا، درحقيقت اهي ٽنگ دريون يا ٻي ماڙ جي دروازن جا لنگهه هوندا. انهن اڏاوتن ۾ ٻيا مزي جهڙا آثار ”سرن جي ناليءَ کان سرن جو هڪ عمدي قسم جو ڦوهارو

(Shower)

ٺهيل آهي. ڀت جي ٻاهرين پاسي ڪجهه قدم اڳتي کڻي ڏسبو ته هڪڙي ’ڌوپ جي ڪوٺي‘

(Wash room)

بيٺل هوندي، ان ۾ گول سوراخ وارو وڏو مٽ ڪپڙن جي ڌوپ لاءِ پاڻيءَ جي استعمال ۾ ڪم ايندو هوندو. بلڪه اڄ ڪلهه سوڻ ساٺ واسطي هڪ ڇاڻي ڪنئار ۽ گهوٽ جي مٿان رکبي آهي، ته جهڙي طرح باٿ روم ۾ ڇاڻيءَ منجهان پاڻي نيڪال ڪري ٿو، اهڙي طرح انهيءَ رسم تحت ڪنئار گهوٽ به هڪ ٻئي مٿان پاڻيءَ وانگر پلٽجي پون. ٽنگن منجهان پاڻيءَ جي گذرڻ بابت، جيڪڏهن قديم ڪتابن جو مطالعو ڪندا ته مقدس ندين جي وهڪري کي سوين دفعا پاڻيءَ کي علامتي طور لکيو ويو آهي

ڊالس پاران اها اهميت واري ڳالهه هئي، جيڪا سنڌوءَ جي نوشتن

(Script)

بابت شهادتن سان ثابت ڪري اسان کي معلومات ڏني آهي ته هڙاپه ڪلچر (سنڌو ڪلچر) جي پوين ڏينهن دوران لکيت جي صاف ۽ سادي صورت هئي ۽ پوئين دور سان تعلق رکندڙ جيڪي اڏاوتون مليون هيون، انهن مان جي مهرون لڌيون ويون هيون، انهن مهرن مٿان خاص استعمال جون مروج نشانيون آهن

ٻيهر ايچن

(Aachen)

يونيورسٽيءَ جي مائيڪل جانسن، ويلر جون 1950ع واري کوٽائي دوران اڻ اشاعت ٿيل ڦوٽوگرافي پڌري ڪري صاف طور ظاهر ڪيو هو ته کڏن

(Pits)

۾ مشاهدي هيٺ آيل جانورن جي قربانيءَ جون باقيات ڪالي بينگن ٻي جون همعصر هيون

موهن جو دڙو جي 1964ع کان 1966ع دوران کوٽائيءَ وقت تمام مٿين تهن ۾، جنهن کي سنڌو لوڪن جي عروج واري حصي سان گڏ سنڌو لوڪن جي عروج (ميچوئرهڙاپن) واري ٺڪر جي ٿانون ۽ عمارت سازيءَ جو علامتي نمونو سڏجي ٿو، ان ۾ جهڪر جي ٺڪروارن ٿانون جي موجودگي ٻنهي ڪلچرن جي همعصريءَ کي ظاهر ڪري ٿي. جهڪر جي ٿانون وارو ٺڪراٺو ۽ ٺپي واريون مهرون قريبي ناتي طور ڪنهن لکيت جي نراسائيءَ جي عڪاس هجي، پر ثقافتي طور مختلف نموني جا ماڻهو بلوچستان ۽ هڙاپن جي شهري مرڪزن ڀرسان رهائش پذير هئا، جيڪي هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيندا هئا ۽ ساڳي لکت واري لپي استعمال ڪندا هوندا. مڪران جي ڪناري سان ڪولي ڪلچر ۽ ڪيترا ٻيا فرق ڏيکاريندڙ مثال موجود آهن، پر همعصر ڪلچر، جنهن سان هڙاپن شهرن ۾ لوٿل جي شهرن سميت سماجي اقتصادي تعلقات رهيا هجن. هڙاپن مرڪزن ۾ ڪلي ۽ جهڪر جي ماڻهن جي طبعي موجودگي کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته انهن ترقي يافته سنڌو لوڪن جي چٽي ۽ ڌار ڪلچرل سڃاڻپ ۾ علمي ادبي ۽ ٽيڪنيڪل ڪاميابين ۾ وڏو درجو ۽ قدر حاصل ڪيو هو

ڇا مارشل ۽ ميڪيءَ وضاحت سان ذڪر ڪيو هو ته اهي قسمين قسمين (طرح طرح) جون عمارتون ڪهڙي استعمال ۾ اينديون هيون. موهن جو دڙو جي عمارتن جي باترتيب سروي 1980ع کان وٺي ڪئي وئي هئي، تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته جانسن جي پوئين بيهاريل مشاهداتي راءِ کي ويچاريو وڃي. هن جي خيال مطابق ته موهن جو دڙو تي سمورن رهاڪن جي گهرن جون امانتون، ويلر جي خيال موجب 22-20 ميٽر هيٺ زير زمين هونديون، جنهن اناج جي گودام جي ٻاهرين پاسي ۾ گهريون کڏون

(Pits)

برمي سان کوٽيون هيون ۽ بند جي ويجهو به ٽي ميٽر سطح زمين کان هيٺ وڏي شهر جي چوڌاري يونيسڪو

(Unesco)

طرفان نڪاس جي نالي کي جاڻ لاءِ کڏون کوٽيون ويون هيون ته اتي ڪچين سرن جون اڏاوتون ظاهر ٿيون هيون. موهن جو دڙو ۽ لوٿل جي تعمير ڪچي واري ميدان يا سمنڊ جي نزديڪ شهرن جون اڏاوتون مثالي آهن. جتي گهرن جي بلاڪن لاءِ ڪچين سرن جا وڏا پليٽفارم (ڌڪا) بيهاريل هئا. جيئن ‎موجوده وقت ۾ عمارتن جي بنياد ۾وڏو پلنٿ

(Plinths)

ڀيم يا سيٽو جو بنياد ڏنو وڃي ٿو، اها ان وقت جديد ٽيڪنڪ استعمال ڪئي وئي هئي. ٻيو موهن جو دڙو جو لاثاني ۽ بي مثال ڪم پاڻيءَ جي کوهن جا 600 نشان آهن.

جانسن راءِ ڏني هئي ته اسيمبلي هال جي ڀرسان، جيڪي پٿر جا تراشيل مجسما لڌا هئا، اهي پوئين سنڌو لوڪن (هڙاپن) جي زماني جا آهن. سنڌو لوڪن جي عروج واري حصي کان پوءِ واري حصي جي وڏين عمارتن جي وصفن بابت ميڪيءَ وضاحت ڪئي هئي ته هيٺين شهر جي اترين طرف واريون کڏون اڃا تائين جاچ ۽ مطالعي هيٺ آهن. هتي مڻين جو ڪم ۽ ٺاهڻ جي اهميت ڀري ڪوشش ۽ تحريڪ هيو، جتي هڪ اونهي کوهه ۾ اٽڪل پنجاهه ڪلو گرام جي پوري اڌ جا پٿر لڌا هئا. ايس آر جي اي (A) ايراضيءَ ۾ پهرين گهٽي کان ٿورو پري مٿين حصي (سنوت) ۾ هڏاوان پڃرا

(Skeletons)

هٿ آيا هئا. اهي سنڌو لوڪن جي عروج واري زماني (هڙاپن دور) سان تعلق نه ٿا رکن. موهن جو دڙو جي ايڇ آر ايريا، وي ايس ايريا ۽ ڊي ڪي ايريا سان تعلق رکندڙ هڏاوان پڃرا مختلف دورن جا آهن، جڏهن انهيءَ جڳهه تان هڏاوان پڃرا کنيا ويا هئا ته قتل

(Massacre)

ٿيل نه هئا، وڌيڪ مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ڍانچا هيٺين شهرن مان لڌا ويا آهن، انهن متعلق چيو وڃي ٿو ته اهي قلعي جي رهاڪن کان پوءِ جون قتل ٿيل ڊيڊ باڊيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ته اهي پوءِ جا هڏاوان پڃرا آهن. انهيءَ ايريائن ۾ اٽڪل ٽي هزار (3000) گهر هئا، جنهن جي آدم شماري چاليهه هزار (40000) سمجهي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن اتي ٻارن سميت ٻڌي (هول سيل) جي واپارين جو قتل عام ٿيو هو، جيئن پگاٽ پنهنجو خيال پيش ڪيو هو، ته گهٽ ۾ گهٽ ڪيترا سئو هڏاوان ڍانچا لڀي سگهن ها. ان جي برعڪس رپورٽون اهو ظاهر ڪن ٿيون ته اتي فقط ٽيهه (30) هڏاوان پڃرا هٿ آيا هئا. اهي مئل ڍانچا مقامي لڙاين چٽاڀيٽي (ايجيٽيشن) وارن جهڳڙن يا گهرن جي اچانڪ ڪرڻ ڪري ڪجهه لاش رهجي ويا هوندا. هاڻي اها حقيقت اعتراض جوڳي نه رهي آهي ۽ ان تي بحث اجايو آهي ته موهن جو دڙو حملي آورن هٿان تباهه ٿيو هو.

ٻي اکين ڏٺي سڃاڻپ اها آهي ته سنڌو لوڪن جي عروج واري حصي ۾ وڏو حوض

(Great Bath)

پوءِ جو تعمير ٿيل آهي. حوض کان جيڪا نالي وڃي ٿي، اها گدام منجهان نڪري ٿي، انهيءَ جي اندر ڪوٺيون نه آهن ۽ ويلر ان کي ڏاڪڻ ڇو چيو آهي، جانسن جي مطابق ته اها ڏاڪڻ نه آهي.

موهن جي دڙي جو گهٽين جي چٽي حقيقت بابت ستارن

(Stars)

جي بيهڪ کي ڏسي سگهجي ٿو. جنهن کي بنياد بڻائي گهٽيون جوڙيون ويون هيون، اوڀر کان اولهه ويندڙ ۽ اتر کان ڏکڻ ڏانهن ويندڙ گهٽيون 87 ڊگري تي ملن ٿيون

موهن جي دڙي جي پوئين فيس جا گهر تاسري نموني سان ڪرنگهي

(Jerry-houses)

تي تعمير ٿيل هئا، جنهن جي ڪمال ۾ زوال لوٿل وانگر آيل هو. انهن جي اڏاوت جو نظام مختلف دورن ۾ مختلف رهيو ٿي، پر گهڻو ڪري اتر ۽ اتر اولهه طرف منهن هوندا هين. جوتشين جي مليل حقيقتن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته هو صحيح رخ تي مدار رکندا هئا، جيڏانهن ستارن يا ستارن جي گروپ جو رخ هوندو هو. انهن نازڪ مزاج ماڻهن يا نسلي ٽوليءَ جي گهرن جا نقشا ڄاڻائن ٿا ته اتي روڊ رستي کان روم (ڪوٺيءَ) ۾ داخل ٿيو هو ۽ اتان ٻي ڪوٺي ڏانهن وڃبو هو ۽ آخر ۾ حد جي پوئين

(Terminal)

حصي واري ڪوٺيءَ تائين پهچبو هو. اتي ڪجهه گهرن ۾ مرڪزي اڱڻ مان مکيه يونٽ ۽ ان کان سب يونٽ سان ڳنڍيل هو، شايد اهو گڏيل فيمليءَ لاءِ هوندو، اتي اندريون توڙي ٻاهريون دروازو (لنگهه)کان کوهه هيو. موهن جو دڙو ۾ لوٿل جي مڻين واري فيڪٽريءَ وانگر وروڪڙن تي ڦيريداري لنگهه موجود هئا، پر موهن جو دڙو توڙي لوٿل ۾ موروثي دروازا گهڻا هڪ جهڙا هئا

موهن جي دڙي جي هڪ تصوير نيشنل جياگرافڪ جي ٿورن سان

هي مضمون، سنڌ ادبي اڪيڊميءَ جي ڪتاب ” موهن جو دڙو- پراچين سڀيتا، نئين تهذيب جي دائري ۾“، مان ورتل آهي. پڙهندڙ اگر چاهين ته ڪو به مضمون سنڌ ادبي اڪيڊميءَ کان اي ميل ذريعي گهرائي سگهن ٿا. هي ڪتاب سي ڊي تي پڻ موجود آهي ۽ آن لائن به موڪلي سگهجي ٿو

esaakhi@gmail.com

1 comment: