Realtime Hit Counter

Monday 14 November 2011

تنهن جي محبت وڌو آهي مامري نه ته ڪير ڪشالا ڪڍي.امام انقلاب عبيد الله سنڌي جي بياني. جوکيو شفيق احمد.

مٿئين عنوان واري مضمون کان پهريون هي مضمون پڙهندا!

ته پوء مٿئين عنوان واري ڳالهه سمجهه ۾ ايندي جيڪا هن بعد لکي اٿم

جوکيو شفيق احمد.

انقلابيءَ جي ٻولي!

انقلاب جو فلسفه جنهن جي دل ۽ دماغ ۾ ويهي ويندو آهي؛ ته پوءِ اهو سوچيندو آهي، ته جيڪڏهن منهنجو وس هلي ته انقلاب جي مخالفن کي بيحساب قتل ڪندو وڃان، انهن کي باهه ۾ ساڙيان، انهن جا گهر ڊاهي ۽ پاڙون کوٽي ڇڏيان، انهن جو قبرون به ڊاهي ڇڏيان، پرقبرن مان انهن جو هڏيون ڪڍي انهن کي به ساڙي ڇڏيان، انهن جي زالن کان انهن کي جوتا هڻايان، انهن جي اولاد کان انهن کي قتل ڪرايان، انهن بادشاهه پرستن کي، انهن بي ايمانن کي، انهن پيرن ۽ عالمن (ملن پوپن پنڊتن پروهتن پوپن ڪاهنن رحبانن مڙهين درگاهن وارن) کي، جيڪي خدا (الله) ۽ ان جي رسول ۽ سادي طبع عوام ڌوکو ڏين ٿا. جمهور (عوام) جو رت پيڻ وارن ۽ انهن کي گمراهه ڪرڻ وارن مان هڪَ هڪَ کي سؤُ سؤُ گوليءَ جو نشانو بڻايان.

مان اهو سڀ ڪري ڪري ڇڏيان بي فڪر ٿي جو مونکي انهِِيءَ جو ذرو (تِرَ جيترو) به افسوس (ڏکُ) نه ٿيندو، مان انهن سڀني کي باهه ۾ ساڙيان، پاڻ انهن کي قتل ڪريان. هي (سَڀُ) بدمعاش، ڌوکي باز ۽ اسلام جو نالو وٺڻ وارا، هي خدا(الله) جا دُشمنَ انسانيت لاءِ ناسور (ڪينسر / روڳُ) آهن.

امام انقلاب عبيد الله سنڌي،

سنڌ جو ڪيسُ،

سنڌ ساگر پارٽي، سنڌ.

ڇاپو پهريون،

مارچ_1988ع.

تنهن جي محبت وڌو آهي مامري نه ته ڪير ڪشالا ڪڍي.امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح.

هڪ ڏينهن امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي رح جن ڏاڍا ڏکايل ۽ غمگين پيئي نظر آيا؛ فرمائڻ لڳا ته آئُون ملسمانن کي ڪم ۽ ضرورت جون ڳالهيون چوان ٿو، پر هو ٻڌن ئي نه ٿا. الٽو مونکي طعنه پيا ڏين.

مونکي ڏسو! آئون سورنهن ورهين جو هُيس جو گهر ٻار ڇڏي نڪري آيُس. مَڃان ٿو ته ''منهنجو خاندان ڪو وڏو(امير ترين) ڪونه هو، نه ئي ڪا وڏي دولت هئي، پر پوءِ به مونکي ماءُ هئي، منهنجون ڀينرون هيون ۽ انهن جي محبت، منهنجي دل ۾ تمام گَََََهري (گهڻي) هئي پر اسلام سان محبت مونکي ايتري ته هُئي، جو ٻئي ڪنهن جي به محبت جي مون پرواهه نه ڪئي.

الله (خدا) ئي ڄاڻي ٿو ته ماءُ کي ڇڏي، مُنهُن ڪري وڃڻ وقت مونکي ڪيتري ذهني پريشاني ٿي هئي.(اِئَين چوڻ وقت (امام انقلاب) مولانا عبيد الله سنڌي رح جن جي اَکِيُنِ مان ڳوڙها ڳڙي آيا) پاڻ گفتگو جاري رکندي فرمايائون اسلام سان منهنجي عشق جو اهو نتيجو هو؛ جو ڪو به کڻي، مونکي اسلامُ جي ڳالهه سمجهائيندو هو ۽ اها منهنجي دل ۾ ويهي ويندي هئي ته آئون ان تي دل و جانِ سان پابند ۽ عمل پيرا ٿي ويندو هُئُسِ.

حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن مرحوم مونکي اسلام سيکاريو ۽ ان جي ذريعي مون (حڪيم الهند امام) شاهه ولي الله رح جي تعليم کي سمجهيو ۽ مونتي قرآن حڪيم جون حقيقتون کُلِيُون ۽ آئون دين اسلام جي حڪمتن (فلسفن) کان واقف ٿيسُ هاڻي جيڪڏهن آئون موجوده طبقن (فرقن) جي خلافُ ڪائي ڳالهه ڪريان ٿو، ان مان هِي سَمجَهڻُ؛ ته آئون مذهب (اسلام)جي خلاف آهيان! ڪيڏي نه غلط ڳالهه آهي.

مون دنيا جي تمام پيارِي موڙِي يعني پنهنجي ماءُ جي محبت تي مذهب (اسلام) کي مقدم (مٿاهون) ۽ وڌيڪ ڄاتمُ ۽ اڄ سموري ڄمارَ جي مصيبتن ۽ تڪليفن جي باوجود به مونکي پنهنجي مسلمان هجڻ تي ناز ۽ فَخُرُ آهي.

ڀلا هي ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته مونکي پنهنجي حياتيءَ جو ٻيو ڪنارو(موتُ) به نظرِ اچي رهيو آهي؛ جو آئون ڪا اهڙي ڳالهه چوان، جنهن سان خدا (الله) نه ڪري جو اسلام کي نقصان پهچڻ جو انديشو ٿئي.

پروفيسر سرور،

باني سنڌ ساگر اڪيڊمي، لاهور.

ورتل:

سنڌ جو ڪيس،

سنڌ ساگر پارٽي، سنڌ

سال 1988ع

ڇاپو پهريون.

by Jokhio Shafique Ahmed on Saturday, October 29, 2011 at 12:18pm

No comments:

Post a Comment