Realtime Hit Counter

Monday 14 November 2011

سنڌ ۾ عقل ناهي مڙئي بي وقوف آهن: هڪ ملا افغانيءَ پاران سنڌ جي توهين/ مذمت ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ پاران ڏنل جواب.!

سنڌ ۾ عقل ناهي مڙئي بي وقوف آهن: ملا عبد الرؤف افغانيءَ پاران سنڌ جي توهين/مذمت ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ سنڌي پاران ڏنل جواب.!

صلي الله تعالي علي خير خلقه سيدنا محمد و آله و اصحابه اجمعين.

الله جي ٻانهن ۾ گهڻو ضعيف، الله جي رحمت ۾ اميد رکندڙ، جنهن جا صالح عمل ٿورا ۽ گناهه گهڻا آهن، جيڪو سڄي جهان کان گهٽ آهي يعني (شيخ الاسلام مفتيء اعظم چيف جسٽس آف سنڌ) محمد هاشم ٺٽوي(عليه الرحمة) چوي ٿو؛ ته مان (آئون) (محمد هاشم ٺٽوي) (عليه الرحمة) ڏهن حجَّ شريف کان موٽي آيس ته سنڌ جي گهٽتائيءَ ۽ توهين جي موضوع (عنوان) تي هڪڙو ڪتاب لکيل ڏِٺمُ جڏهن مطالعو ڪيمُ، ته هڪ افغانيءَ جو لکيلُ هُيو؛ ان لکندڙ جو نالو (مُلَا) عبد الرؤف خان هو، جنهن جي توهين ۽ مذمت ڪئي هُئي ۽ بنا فائدي جي مغز هنيو ۽ اجايو وقت وڃايو هو.

مون جڏهن پڙهي ڏٺو ته حيران ٿيس. حيرتَ ۾ رهندي دلِ ۾ خيالُ ڪيم، ته جيڪڏهن ماٺِ ڪري رهندسُ (۽ ان جو جواب نه ڏيندسُ) ته سنڌ جي گهٽتائي ثابت ٿيندي ۽ جڏهن ثابت ٿي ته مان به ان ۾ داخلُ آهيان. جنهن جي سنڌ جي برائي بيان ڪئي، تنهن ڄڻُ ته منهنجي برائي ۽ توهين ڪئي. هيءُ مون ان جو جواب لکيو آهي، جيڪو هر داناءَ جي دل کي پسندِ ايندو ۽ بزرگن جي نظر ۾ مقبولُ ٿيندو. (هاڻي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ صاحب عليه الرحمة) ان افغان سان مخاطب ٿي لکيو آهي.) اي افغاني، ٻارَ بيوقوف، اچ! ڇا چيو اٿئي ۽ پنهنجو وقت سنڌ جي گلا ڪرڻ ۾ وڃايواٿَئي، هينئر جواب ٻڌ.! تون پِڻُ عقل ۽ فصاحت جي ميدان ۾ علم جي گوءِ ظاهر ڪر ۽ دانائيءَ جي ميدان ۾ علم، عقل ۽ سمجه جو تنبُو ظاهر ڪي هڻ ۽ هن مسڪين سان جهيڙو نه، پر (علمي) مقابلو ڪر.! تان ته تنهنجي علم جي ڄاڻ ۽ عقل جي خبر پوي ۽ هيءُ ڪهڙو ڪتاب ٺاهيو(جوڙيو) اٿئي ۽ بنا فائدي جي عُمر وڃائِي اٿئي. (هاڻي) هڪ هڪ اعتراض جو جواب ٻڌ.!

اعتراض. 1. سوال ڪيو اٿئي ته سنڌ ۾ عقل نه آهي مڙئي بيوقوف آهن.

جواب: هيءُ خالص خطا آهي، سنڌ ۾ عقل؛ سمجهه، سياڻپ تمام گهڻي آهي، پر دشمن کي ڪجهه نظر نه ٿو اچي. ڀلا جيڪڏهن فرضي طور چئون ته سنڌ ۾ عقل نه آهي ته اعتراض ڪنهن تي ٿو ڪرين! جنهن مقدس ذات سنڌ کي پيدا ڪيو آهي؛ سنڌ ملڪ کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي.؟ الله تعالي پيدا ڪيو آهي. جيڪڏهن تنهن چوڻ مطابق هن ملڪ ۾ عقل گهٽ رکيو(ويو) آهي ته به الله تعالي رکيو آهي ۽ مخلوق مان عيب ڪڍڻُ خاص الله (تعالي قدوس) مان عيب ڪڍڻَ (جي برابر-مترادف) آهي، ڇو ته جيڪي ڪري ٿو، اهو ٿو ڪري. (جيئن هن آيت سڳوريءَ ۾ آيل آهي.) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح

قُلِ اللَّـهُمَّ مَالِكَ الْمُلْكِ تُؤْتِي الْمُلْكَ مَن تَشَاءُ وَتَنزِعُ الْمُلْكَ مِمَّن تَشَاءُ وَتُعِزُّ مَن تَشَاءُ وَتُذِلُّ مَن تَشَاءُ ۖ بِيَدِكَ الْخَيْرُ ۖ إِنَّكَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ ﴿٢٦﴾ سورة آل عمران الجزء الثالث

http://tanzil.net/#3:25

ترجمون:(اي پيغمبر) چؤ ته اي الله مُلڪ جا مالِڪ جنھن کي گھرين تنھن کي بادشاھي ڏئين ۽ جنھن کان وڻيئي تنھن کان بادشاھي کسين، ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي مانوارو ڪرين ۽ جنھن کي وڻيئي تنھن کي بي مانو ڪرين، تنھنجي ھٿ ۾ چڱائي آھي، ڇوته تون سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھين. (26) سورة آل عمران سنڌيڪار سيدنا تاج محمود امروٽي رح.

http://tanzil.net/#trans/sd.amroti/3:25

گلا ڪرڻ داناءَ جي لائق نه آهي. گلا عظيمُ گناهُ ۽ وڏي غلطي آهي. شايد ڀلارن جو قول تنهنجي دل تان وسريل آهي جو فرمايو اٿن. (ڪنهن جي) برائي (بيان) نه ڪر جو تون پاڻ برائيءَ ۾ پوندين ۽ ٻئي لاءِ کڏَ نه کڻ جو پاڻ ان ۾ ڪرندين ۽ گلا ڪرڻ وڏي اُونِهي کڏ آهي؛ جو گلا ڪندڙ پنهنجي لاءِ کڏ کڻي ٿو.

مطالع الانوار ۾ امير خسري آندو آهي ته، هڪ شخص بد شڪل ۽ خراب منهن وارو هو. (ٻئي) ڪنهن شخص ان ڏانهن ناپسنديءَ جي نظر سان نهاريو ۽ ان کي بڇڙِي صورت وارو سڏيو. ته ان شخص کيس جواب ڏنو ته مون پنهنجي صورت پاڻ پنهنجي هٿ سان ته نه ٺاهي (خلقي) آهي؟ (جو مون کي خراب شڪل وارو ٿو سڏين) جيڪڏهن تون ٺاهي (خلقي) ٿو سگهين ته منهنجي صورت کي سهڻو ڪري ٺاهه (خلق)!. اهو (عيب ڪڍندڙ) شخص (اهو جواب ٻڌي) ڏاڍو شرمسار ٿيو. رشيد المجالس ۾ آندو(لکيو) اٿس، ته گلا ڪندڙ تي بهشت (جنت) حرام آهي. هڪ ڪتاب ۾ مون ڏٺو آهي، ته هڪ شخص جي شڪل بڇڙي هئي. ڪو ماڻهو ان کي ڏسي کليو ته ان شخص کيس چيو! مون تي ٿو کلين يا منهنجي پيدا ڪندڙ(الله خالق) تي؟ (کلندڙ شخص) ڏاڍو سرمشار ٿيو.

ورتل / لکيل ڪتاب مڊح نامه سنڌُ

مصنفه:

مخدوم امام علامه محمد هاشم ٺٽوي سنڌي رح

مترجم: الحاج مولانا محمد ادريس ڏاهري.صاحب.

ڇاپو: ذو الحج، 1411هه

تعليمات شاهه عبد اللطيف ڀٽائي '' تارڪ'' رح.

مخدوم شيخ الاسلام چيف جسٽس و مفتيء اعظم سنڌ؛

محمد هاشم ٺٽوي رح جن جو مقام

شاهه عبد اللطيف ڀٽائي '' تارڪ'' رح جي بياني

مِيَين محمد اسحاق ملا ڪاتيار واري بزرگ روايت ڪئي آهي:

ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ڪنهن علمي اختلاف ۽ مسئلي واسطي ٺٽي جي مشهور عالم ۽ شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي يار مخدوم محمد معين ٺٽوي رح وٽ آيو، شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح اڳ ۾ اتي ويٺو هو.

جڏهن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح اتي پهتو ته، شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح پنهنجي دوست مخدوم محمد معين ٺٽوي رح کي چيو ته ؛ ''خبردار جو هن (مخدوم محمد معين ٺٽوي رح) شخص سان بحث ڪيو اٿئي!

مان(شاهه عبد اللطيف ڀٽائي) سندس چهري تي رسول الله صلي الله عليه وسلم جي رحمت جو سايو (پاڇو) ڏسي رهيو آهيان.'

' اهو ٻڌي ٻڌي مخدوم محمد معين ٺٽوي بن مخدوم محمد امين عرف مخدوم ٺارو رح، هڪدم اٿي بيٺو ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کي ٻانهون ٻڌي چيائين ته ''سائين مونکي اوهان سان ڪوبه بحث ڪونهي ڪرڻو.''

حواله:ڪتاب جو نالو '' مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح '' مصنفعبد الرسول قادري صاحب. باب ڇهون، ناشر سنڌي ادبي بورڊ, ڄامشورو - سنڌ.سال 1998، 2006.

لکندڙ شفيق احمد جوکيو

ڪجهه بيت افغان متڪبر ملان جي مذمت ۾

۽ سنڌين جي سچائي اخلاص نوڙت منجهه!

جَي فارِسي سکيو، گولو توءِ غلامُ،

جو ٻَڌو ٻن ڳالهئين سو ڪِئن چائي ڄامُ؟

اُڃِيو تان آبُ گُهري، بُکيو تان طعامُ،

اِيُ عامن سندو عامُ خاصَنِ مَنجهان نه ٿيئي.

سر آسا.

پييم پٺاڻن سين ٻوليون جي نه ٻجهن،

مون سنڌي سعيو ڪيان هو پارسيون پڇن،

مون پڻ ملاتن سرتيون سور پراڻيو.

سر معلوم ناهي.

اَچِي پِيا آٽ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ؛

اُوءِ بصِيرَ بَرَّنِ ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀَنِ؛

ڪَنَن آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَن جِئَن گُھمَنِ؛

فِراقِيءَ فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙَنِ؛

لَنگھا ٿِيا لاهُوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ؛

کَـپَتِ کاهوڙِيَنِ، آهَ اُٿِئي پئي نه لَهي.

سر کاهوڙي.

اَللهَ جِئن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسِرو؛

خالِقَ! تُنهِنجي کاندِ جو، پَرو پاندُ نه ڪوءِ؛

نالو، ربَّ! سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾.

صاحِبَ! تُنهِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِي سُون؛

پَنَ ٻوڙِين پاتالَ ۾، پَهَڻَ تارِين تُون؛

جيڪَرَ اچِين مُون، ته ميرِيائِي مانُ لَهان.

جيڏو تنُهِنجو نانءُ، ٻاجَھ به اوڏِيائي مَڱانءِ؛

رِءَ ٿَنڀين، رِءَ ٿُوڻِيين، تُون ڇَپَرُ، تُون ڇانءَ؛

ڪُڄاڙو ڪَهانءِ؟ توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.

سَتَرُ ڪرِ سَتّارَ! آءٌ اُگھاڙِي آهِيان؛

ڍَڪِئين ڍَڪَڻَهارَ! ڏيئِي پاندُ پَناهَ جو.

سر ڏهر

وائي

مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ! مُون کي دَرِدُ قَدِيمِي، وو!

دَرِدُ جَدِيدِي، حُبَّ حَبِيبِي.

آلُودِي آزارَ کان، تولَءِ ٿِـيَسِ، طبِيبَ!

شادِي ڏئِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاہِ، غَرِيبَ!

اَهئان ٿِي آهون ڪَرِيان، نَعرو مَنجھ نَصِيبَ!

ڪاهلِ آهيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاہِ، رَقِيبَ!

حاذِقُ آهئين هنَ جو، اَچين شالَ، عَجِيبَ!

دَوا آهئِين دِلِ جِي، پُـڇِ پُـڇِ رَهيَسِ طَبِيبَ؛

اَلا! عَبۡدُاللَطِيفُ کي، ڪوڙي لاءِ، قَرِيبَ!

هيڪَرَ هئڻُ ڇَڏِ، ته اوڏِي ٿِئين عَجِيبَ کي؛

مَارَاَيۡتُ شَيۡئاً اِلاَّ وَرَاَيۡتُ اللهَ، نيئِي اجھا اوڏانهين اَڏ؛

ته هوتُ توهين کان هڏِ، پِرِين پاسي نه ٿِئي.

سر سسي آبري

وائي

هِيري هَٿُ وِڌائِين، ويهِي ساٽِينِ وِچَ ۾.

نَوازَشِ نُوريءَ جي، آهي تَماچِيءَ تائِين.

گَندَگِيءَ گوشو ڪَيو، عَطُرَ اوتَ اوتِيائِين.

اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائين.

پَسو جُودُ جُوانَ جو، ڪو هَنڌُ ڪونه مَٽِيائِين.

قِيمَت ڪَمِيڻَن سين، جَهِڙِيءَ وَٽَ وَٽِيائِين.

موتِي مڇِيءَ هَٽَ تي، ڪوڏِنِ جِئن ڪَڍِيائِين.

ماڻِڪَ مِياڻِنِ ۾، ڇِلُرَنِ جِئن ڇَٽِيائِين.

ڏيئِي سونُ سُوال ۾، رُپي راندِ ڪَيائِين.

پاڻِـيَٺَ آڻي پاڻَ سين، لَعلُون سَڀِ لُٽِيائِين.

فيروزا فَقِيرَنِ تان، گھوري سَڀِ گھورِيائِين.

اُتي عَبۡدُاللَّطِيفُ چئِي، اُڇِلي اَمُلَ ڏِنائِين.

سُر ڪاموڏ

هُو پِڻُ ڪونهي هِنَ ري، هِيُ نَه هُنَهان ڌارَ؛

”اَلۡاِنۡسَانُ سِرِّيۡ وَ اَنَا سِرُّهٗ“، پَرُوڙِج پَچارَ؛

ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ عارِفَ اَهڙِي.

جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناهِ نِمازَ؛

سَڀِ وِڃائي سازَ، تِهان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو.

جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناهِ سُجُودُ؛

وِڃائي وُجُودُ، تِهان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو.

نابُودِيءَ نيئِي، عَبۡدَ کي اَعلىٰ ڪَيو؛

مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِيا، صُورَتَ پِڻُ سيئِي؛

ڪَبِي اِتِ ڪيهِي؟ ڳالِھه پِرِيان جي ڳُجَھ جِي.

جن وِڃايو وُجُود کي، سي فانِي ٿِيا ”فِي اللهَ“ ۾؛

نه تِنِ قِيامُ نَه قُـعُودُ ۾، نه ڪو ڪَنِ سُجُودُ؛

جيلان ٿِيا نابُودُ، تيلان گَڏِيا بُودُ کي.

حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ؛

جو حُسُنَ سَندو حَقُّ، سو ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي!

حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِيو ويڇُون؛

مُحَبَتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.

مُئي هاٿِيءَ تي مامِرو، اَچِي ڪَيو اَنڌَنِ؛

مَناڙِينِ هَٿَنِ سين، اَکِئين ڪِينَ پَسَنِ؛

”فِي الۡحَقِيۡقَتَ“ فِيل کي، سَڄا سُڃاڻَنِ؛

سَندِي سَرۡدارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري.

وائي

مُنهَن مَنجِھ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آهِئين.

سَڌَ مَ ڪَر صِحَّتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ؛

نالو ناهِ نِفاقَ جو، جِتي رَبُّ جَلِيلُ؛

مُنهَن ۾ مُسَلمانُ تُون، قَلۡبُ تان قَلِيلُ؛

والِيءَ جي وِصالَ ۾، دوئِي ناهِ دَلِيلُ؛

اَلا! عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، سَچو رَکائِجُ سِيلُ.

وائي

مَؤتَ مُندَ نه آهي، تائِبَ ٿِيو تَڪِڙا.

”عَجِّلُوۡا بِالتَّوۡبَةِ قَبۡلَ الۡـمَوۡتِ،“ ويھُ تُون ويرَمَ لائي؛

پِرِيان ڪارَڻِ پاڻَ کي، سِگھو ويھُ سَنباهي؛

اَجَلُ اَسارَنِ کي، ڪامَ وَٺِي ٿو ڪاهي؛

وِڌائِين وَڍَڻَ لَءِ، ڳَنُ ڪُهاڙِيءَ پاهي؛

عِمارَتُون اَنڌَنِ جُون، ڊاهِيو ٿو ڊاهي؛

نِبا گھوٽَ گَھرَنِ ڏي، ڪَنهن وَڏِيءَ ويرَ وَناهي؛

اُتي، عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، بِنا ڪَفَنَ پَراهي.

مَحرُومَ ٿِي مَرِي وِيا، ماهِرَ ٿِي نه مُئا؛

چِڙِيءَ جِيئَن چُهِنجَ هَڻِي، لَڏِيائُون لُئا؛

حُبابَ ئِي هُئا، اِنهِيءَ واديءَ وِچَ ۾.

اَسِين سِڪُون جن کي، اَسِين پُڻِ سيئِي؛

”لَمۡ يَلِدۡ وَلَمۡ يُوۡلَدۡ“، وَنءُ اوڏانهِين پيهِي؛

تِهان مَنجھيئِي، پارِکَ! پَرِکِجِ حَقَ کي.

ڏِسَڻُ ڏِسِين جي، ته هَمہَ کي حَقُّ چَئِين؛

شارِڪَ! شَڪُ مَ ني، اَنڌا! اِنهِيءَ ڳالھِ ۾.

اِنَ پَرِ نه اِيمانُ، جِئَن ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين؛

دَغا تُنهِنجي دِلِ ۾، شِرۡڪ ۽ شَيطانُ؛

مُنهَن ۾ مُسَلمانُ، اَندَرِ آذَرُ آهِئين.

ڪُوڙو تُون ڪُفرَ سين، ڪافَرُ مَ ڪوٺاءِ؛

هِندُو هَڏِ نه آهِئين، جَڻِيو تو نه جُڳاء؛

تِلۡڪُ تِنِين کي لاءِ، سَچا جي شِرۡڪَ سين.

مُنهُن ته آهيرِيان ئِي اَجِرو، قَلۡبَ ۾ ڪارو؛

ٻَهَران زيبُ زِبانَ سين، دِلِ ۾ هَچارو؛

اِنَ پَر ويچارو، ويجھو ناهِ وِصالَ سين.

تُون ڪا ڪانِي پاءِ، وَنِنِ ۾ وِصالَ جِي؛

دُوبِينائِي دُورِ ڪَري، مَعۡرِفَتَ مَلهاءِ؛

سُپيرِيان جِي سُونهَن ۾، رُخنو ڪونَ رِهاءِ؛

اَکِ اَشَهَد چاءِ، ته مُسَلِمانِي ماڻِئين.

وائي

ڪِي اُنِهين مَنجِھ آهي، هُو جي جُھونا پَسجَنِ جُھوپِڙا.

اِنَ دَرِ سيئِي اَگِھيا، جن کي ڪونَ چِتائي؛

ڌارِيان ڀانئِنِ ڌارِيو، پاڻُ پِرِيان سين کائي؛

”اِنَّ اَوۡلِيَائِيۡ تَحۡتَ قَبَائِيۡ“، پَنهنجا پاڻَ پَهرائي؛

”لَا يَعۡرِفُهُمۡ غَيۡرِيۡ“، پَرَ کي ڪِينَ پَسائي؛

پَنهنجِي ڇَڏي پَٽَ ۾، رِڙهُ اُنِين جي رائي؛

خِدمَتَ ڪَرِ خُلۡقَ سين، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي؛

اَدِيُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، اِتاهِين ڪِي آهي.

سر آسا

اَللهَ جِئن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسِرو؛

خالِقَ! تُنهِنجي کاندِ جو، پَرو پاندُ نه ڪوءِ؛

نالو، ربَّ! سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾.

صاحِبَ! تُنهِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِي سُون؛

پَنَ ٻوڙِين پاتالَ ۾، پَهَڻَ تارِين تُون؛

جيڪَرَ اچِين مُون، ته ميرِيائِي مانُ لَهان.

جيڏو تنُهِنجو نانءُ، ٻاجَھ به اوڏِيائي مَڱانءِ؛

رِءَ ٿَنڀين، رِءَ ٿُوڻِيين، تُون ڇَپَرُ، تُون ڇانءَ؛

ڪُڄاڙو ڪَهانءِ؟ توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.

سَتَرُ ڪرِ سَتّارَ! آءٌ اُگھاڙِي آهِيان؛

ڍَڪِئين ڍَڪَڻَهارَ! ڏيئِي پاندُ پَناهَ جو.

سر ڏهر

ڪَچُ ڪَمايومِ ڪوڙُ، ڀَڳَمِ عَهدَ اَللهَ جا!

پِڃِرو جو پاپَنِ جو، سو چوٽِيءَ تائين چُورُ!

مَعلومُ اَٿيئِي مُورُ، ڳُوڙها! اِنهيءَ ڳالھ جو.

ڪُوڙُ ڪَمايُءِ ڪَچُ، اُٿي اورِ اَللهَ سين؛

ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، صاحِبَ وڻي سَچُ؛

مُحبتَ سندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ! ٻارجِ مَچُ؛

اِنَ پَرِ اُٿِي اَچُ، ته سَودو ٿِـئيئِي سَفَرو.

لُڙَ، لَهِريون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَنتُ نه آبَ جو؛

الله! اُتِ مَ اولِئَين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ؛

جوکو ٿِئي مَ جَهازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ؛

لڳي ڪا مَ لَپيٽَ، هِنَ غارِيـبي غُرابَ کي!

سر سريراڳ

وائي

اَچِي، لالَنَ! لَٽِ، مِيان! مُئِيءَ جو لوڙہُ لَڪَنِ ۾.

ھو کانُ کَٿُورِيءَ ھِيرئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ؛

آرياڻِيءَ اَچِي ڪري، ڪا گَھڙِي مُون وَٽِ جَٽِ؛

کَٿُوري کَشِبُوءِ سين، ھارِيائُون ھَٽِ ھَٽِ؛

دَردُ مُنھنجي دِلِ جو، تون، ڪامِلَ! اَچِي ڪَٽِ؛

اَدِيُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، سِرَ تائِين آھي سَٽِ.

ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اسين ڪُتي ڪِيڙَ؛

چُھِٽي آھي چِيڙَ، ڪارايي جي ڪَنَ ۾.

سَگِبانَ سِينڍارِيا، بَڇِيا، تي بَھَنِ؛

ڦِرِيا نه فَرمانَ کان، مُلھُ نه موتِيَڙَنِ؛

ڪونھي ڏوھُ ڪُتَنِ، ڏاڪارِيا، ڏاڙِھِينِ ٿا.

معذوري

سارَنگَ! سارَ لَهيجِ، اَللھَ لَڳِ اُڃِيَنِ جِي؛

پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرزان اَنَّ ڪَريجِ؛

وَطَنُ وَسائيجِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.

سارَنگَ کي ساريِنِ، ماڙھُو، مِرگَھ، مينھِيُون؛

آڙِيُون اَبَرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ؛

سِپُون جي سَمُونڊَ ۾، نَئين سِجَ نِھارِين؛

پَلَرُ پِيارِينِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.

وائي

مُنھِنجي سَيّدُ سارَ لَهندو؛ موُن کي آهِ اُميدَ اَللھَ ۾.

سَجِدي پئي سُپِرينءَ، زارِيُون زورِ ڪَريِندو؛

اُمَتَ ڪارَڻِ اَحۡمَدُ اُتِ، پَرِمَلُ پاڪُ پِنَندو؛

صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، اَکِـيُون سَڀ سِجُ ڪَڍندو؛

ميڙُو ٿِيندو مومِنين، اُتِ مُحَمَّدُ مِيرَ مَلَهندو؛

نفسَاً نفِسِي سڀَڪو ڪَري، داتا دَرِ ڊوڙَندو؛

مُھُتُ ڏيِندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخِشائِيندو.

حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ؛

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہَ ٽَہَ مِينھَن ٽِمَنِ؛

جِنِ مَھانگو لَهِي ميڙيو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ؛

پَنجَنِ مَنجھان پَندِرھَن ٿِيا، اِئَن ٿا وَرِقَ وَرَنِ؛

ڏُڪارِيا ڏيہَ مان، شالَ مُوذي سَڀُ مَرَنِ؛

وَرِي وَڏي وَسَ جُون، ڪَيُون ڳالِھيُون ڳَنوارَنِ؛

سَيّدُ چوي سَڀنِ، آهِ توهِ تُنھنجِي آسِرو.

سر سارنگ

http://www.bhurgri.com/bhurgri/sd_shah.php

by Jokhio Shafique Ahmed on Sunday, October 30, 2011 at 6:22am

No comments:

Post a Comment