Realtime Hit Counter

Thursday 22 December 2011

سنڌي ماڻهن کي پنهنجي دماکَ(دماغ) ۾ هي ڳالهه ويهارڻ گهرجي ته سنڌ جو وجود ڪئن باقي رهي سگهي ٿو؟ جوکيو شفيق احمد


سنڌي ماڻهن کي پنهنجي دماکَ(دماغ) ۾ هي ڳالهه ويهارڻ گهرجي ته سنڌ جو وجود ڪئن باقي رهي سگهي ٿو؟ جوکيو شفيق احمد

سنڌي ماڻهن کي پنهنجي دماکَ(دماغ) ۾ هي ڳالهه ويهارڻ گهرجي ته سيدنا رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي بعثت کان اڳ ۾ ۽ بعثت کان وٺي نبوت جي تاج جي عطا ٿيڻ تائين، هي سڄي دنيا(يعني سڄي دنيا تي مشتمل سوسائيٽي معاشره) غير عادلانه غير منصفانه غير مساويانه ڏاڍ جبر قهر ظلم واري نظام سسٽم جي جبلن هيٺان دٻجي چڪي هئي.

حالت اها هئي جو انسانَ مسڪين کان مسڪين تر ٿي اٽي، لٽي، اجهي ۽ (حياتيء زندگيءَ جي سڀني بنيادي گهُرجُن کان محروم ٿي جانورن جيان)حياتي مڙئي نه چاهيندي به گهاري رهيا هئا.

ليڪن ٻئي پاسي؛ ان وقت جي ٻن عالمي سرمائيدارنه سامراجي شهنشاهتن يعني دنيا جي ذليل ترين شهنشاهه ڪسريٰ فارس (اڌ دنيا جو مها ظالمُ شهنشاه) ۽ سندس ظالم سرمائيدار حاشيه بردار ٻين رياستن جا باجگذار ڏَنُ / ڍلَ ڀري به پادر کائيندڙ راجه/ مها راجه خوش ٿي کلي (سوٽي هجي ساڻ ته گڏهَه گوهيون نه ڪن !) بشمول، اميرن ڪبيرن ڪبيرن ۽ ڀوتارن جو تسلطُ فارس، ايرانَ،عجم عراق، يمن، سنڌ، هند ۽ ٻين به ڪيترن فطري رياستن وطنن (ملڪن) تي هو، جن تي هو ظلم جي انتهائي ڪري چڪا هئا.

ساڳي ريت ئي قيصر روم (شهنشاهه رومُ) ۽ سندن ناجائز اولاد يعني پتڪڙن بادشاهن نالي ماتر۽ سرمائيدارن جو تسلط وري قسطنطيه (ترڪيه ) يورپ، روم شام، اردن فلسطين مصر ۽ حبشه (آفريڪا)جي سڀني رياستن (وطنن) تي ڏاڍ جبر وارو نظام (سرمائيدارنه، غيرعادلانه، غير منصفانه غير مساويانه انسانن ۾ معاشي اڻ برابري جو ڏاڍ جبر قهر نافذ هيو.

امام انقلاب عبيد الله سنڌي جي فڪري امام حڪيم الهند امام شاهه ولي الله رح جن پنهنجي جُڳُ مشهور(شهره آفاق ڪتاب يعني حجة الله البالغة) منجهه قرآن حڪيم ۽ حديث نبوي صه / سنت رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ لکيو آهي ته:

رب العالمين جي رحمت پاڻ مرادو جوش ۾ آئي جئن ٿيولاجي، ٿيوسافي، لاهوتي، لامڪاني، تعليمات جا امام سيدنا محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم (سڄي ڪائنات ۾ الله تعالي جا خاص نائب نواب) ۽ ان جي جوڙيل جماعت جيڪا، الله جل جلالهُ جي حڪم سان تبليغ ڪري قائم ڪئي وئي هئي، کان اسان کي معلوم ٿيو ته ؛ انهيءَ سرمائيدارانه جاگيردارنه ظالمانه غير عادلانه غير مساويانه معاشي اقتصادي نظام سسٽم کي مليا ميٽ تباهه ڪرڻ لاء رسول الله صلي الله عليه وسلم کي هڪ الله جو ڪلامُ قرآن حڪيم جنهن جي تائيد اڳيان الهامي ڪتاب (يعني صحف ابراهيم و موسيٰ توريت، زبور، انجيل، سڀئي ويدَ بشمول زرتشتي (ڪتاب) ڪن ٿا، جي روشنيء ۾ مٿين ٻنهي شهنشاهن يعني ڪسريٰ فارس ۽ قصير روم کي جنگ جهاد يعني انقلاب وسيلي ذريعي هڪ کي پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن انقلابي جدوجهد (اسٽرگل) سان، رب العالمين جو نظامُ مڃائي نه ستو (اڻ سگهو) ڪري قابو ڪيو ويو، يا ان جي اهڙي ته چيلهه چٻي ڪئي/ ڀڳي وئي جو سندس بادشاهي هوندي به کيس بيوس بڻايو ويو. بس رڳو نالي ۾ قيصر رهيو.

ليڪن وري ان پرمتڙئي مُورکَ ڀورڙي، الله جي رسول صلي الله عليه وسلم جن جي معاشي معاشرتي سياسي عدل انصاف مساوات واري سسٽم نظام تي قائم ڪيل رياست مدينه منوره سان ڇيڙ ڇآڙ ڪرڻ جي ڪوجهي ڪوشش ڪئي، جنهن کي جنگ مؤته واري محاذ تي اهڙي اکِ ڏيکاري وئي جو، هو مورکُ پنهنجي ٻر تائين محدود رهيو.

ليڪن آخر ڪار رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي اڳڪٿيء کي ساڀيان ڪرڻ پاڻ سڳورن صه جن جوڙيل جماعت (انقلابي پارٽي) جا پنهنجي رسول عادل امين صلي الله عليه وسلم جن جي ڇڏيل مشن کي تڪميل / پورو ڪرڻ لاء، قسطنطنيه وٽ ٻه وڏا محاذ ٿيڻ بعد قيصر رومُ جو دنيا منجهان نانءُ نشان مٽجي ويو.

ليڪن ٻئي پاسي وري پاڻ صلي الله عليه وسلم جن جي هن دنيا مان الله جي مشيت ايزدي کي لبيڪ چئي ملاء اعلي و اعلي عليين يعني عرش عظيم جا پاڙيسري ٿي جنت الفردوس وارن جا سردار ٿيا.

پر سندن مشن کي پورو ڪرڻ لاء پنهنجي جماعت منجهان الله جي حڪم سان اني جاعلُ في الارض خليفه کي تڪميل ڪرڻ لاء پنهنجا جاء نشين ڇڏي ويا.

جن مان سندن ٻئي خليفه سيدنا عمر رضي الله تعالي عنه جن الله ۽ ان جي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي وصيت مطابق ڪسريٰ فارس (شهنشاه فارس) جيڪو به اڌ دنيا تي پنهنجي ڏاڍ قهر جبر ظلم ۽ تنگي رهزني قتل گارتگيري، غيرعادلانه، غير منصفانه، غير مساويانه معاشي معاشرتي سياسي ڏاڍ جبر قهر ظلم واري نظام سسٽم کي جاري رکندو پيو اچي، تنهن کي ۽ سندس سرمائيدارنه جاگيردارنه سسٽم سميت اهڙو ته ذليل خوار ڪري دنيا مان ئي خاتمو ڪري الله جي حڪم يعني:

سورة البقرة ۽ (اي پيغمبر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءٌ زمين ۾ ھڪ نائب مُقرر ڪرڻ وارو آھيان، (تڏھن) چيائون ته ڇا منجھس اھڙي کي ٿو پيدا ڪرين جو منجھس فساد ڪندو ۽ (ناحق) رت ھاريندو، ۽ اسين تنھنجي ساراہ سان (تنھنجي) پاڪائي واکاڻيون ٿا ۽ توکي پاڪ ڪري مڃيون ٿا، فرمايائين ته جيڪي آءٌ ڄاڻندو آھيان سو توھان نٿا ڄاڻو. (30) ۽ (الله) آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاريا وري اُھي شيون ملائڪن جي آڏو ڪيائين پوءِ فرمايائين ته جيڪڏھن سچا آھيو ته ھنن جا نالا ڏسيوم. (31) چيائون ته تون پاڪ آھين جيڪي اسان کي ڄاڻايو اٿيئي تنھن کانسواءِ اسان کي (ٻي) ڪا خبر نه آھي، بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھين. (32) (الله) چيو ته اي آدم انھن جا نالا کين ڏس، پوءِ جڏھن کين انھن جا نالا ڏسيائين (تڏھن الله) چيو ته اوھان کي نه چيو ھوم ڇا ته آءٌ آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھيان ۽ جيڪي پڌرو ڪيو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا سو به ڄاڻندو آھيان. (33) ۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو تڏھن شيطان ڌاران (ٻـين) سجدو ڪيو، ھن انڪار ڪيو ۽ ھٺ ڪيائين ۽ ڪافرن مان ٿيو. (34) جي تڪميل ڪئي.

ترجمه: جو سنڌيڪار آهي؛سيدنا سنڌ جي آزاديء جي امام

سيد مولانا مرشدنا تاج محمود امروٽي رح.

نتيجو نڪتو ته جيستائين سنڌ ۾ عدل انصاف مساوات انسانن ۾ معاشرتي معاشي اقتصادي سياسي ۽ برابريءَ وارو سسٽم قائم نافذ نه ٿيندو، تيسيتائين سنڌي پنهنجي سنڌ ۾ نه پنهنجو وجود بچائي سگهندا ! نه ئي وري سنڌ جو وجود ڪير بچائيندو سگهندو؟.

باقي هر سنڌيء جي مرضي آهي ته منهنجي هن موضوع کي فريقيواريت منجهه ڦيري عالمي سامراجي سنڌي پٺو ڀوتارن کي تحفظ عطا ڪري پاڻ غلاميء منجهه گذر سفر ڪري ۽ موچڙا پادر پنهنجو مقدر بڻائي؟


1 comment: