Realtime Hit Counter

Thursday 22 December 2011

ميان غلام شاهه (ميان وردي خان) ڪلهوڙو سنڌ جو مفڪر مدبر فلاسفر حڪيم ڏاهو بادشاهه ۽ سنڌ جي جاگرافيء کي اصل صورت ۾ بحال ڪري سنڌ کي اصل صورت ۾ رکڻ وارو سن

ميان غلام شاهه (ميان وردي خان) ڪلهوڙو سنڌ جو مفڪر مدبر فلاسفر حڪيم ڏاهو بادشاهه ۽ سنڌ جي جاگرافيء کي اصل صورت ۾ بحال ڪري سنڌ کي اصل صورت ۾ رکڻ وارو سنڌ جو محافظ

جوکيو شفيق احمد

ذو الفقار واهوچو جا ڪمينٽس

سائين اهو به ڪلهوڙو حڪمران غلام شاھ ڪلهوڙو هو جنهن بدين مان پراڻ ندي کي لکپت وراري علائقي وٽ ڳنڊو ڏئي ڪڇ ۽ ڀڄ جو پاڻي بند ڪري ان علائقي کي رڻ بڻائي ڇڏيو ، اهڙو ظالم حڪمران دنيا ۾ نٿو ملي جنهن درياھ بند ڪري ڇڏيو . يذيد ته رڳو امام حسين جي هڪ خاندان کي پاڻي جي کلي نه ڏني ، هن لکين خاندانن جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي ٻئي حصي کي هميشه لاءَ تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو

مان غلام شاهه ڪلهوڙي کي سنڌ جو عادل ارڏو بهادر دلير سچو سنڌي حڪمران ٿو چوان اها منهنجي تحقيق آهي، جيڪو توهان لکيو آهي اهو بالڪل غلط آهي بهرحال توهان کي راء قائم ڪرڻ جو حق آهي.

پر اصل ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي بادشاهه کان دهريه سڃا صوفي ڪوڙا مورخ بادشاهه پرست مشرڪ مجوسي چرسي ڪجهه اڻ پڙهيون ڄٽڙيون عورتون ڪالمنسٽ ۽ ڪوڙا لبرل ماڊرن ترقي پسند يار غلام شاهه ڪلهوڙي بادشاهه خلاف آهن ان ڪري جو ڪلهوڙا اصل نج سنڌي هيا ۽ سنڌي غلام ذهنيت جا مالڪ آهن ان ڪري سماٽن سنڌين خلاف پنهنجن ڪوڙن جعلي پيرن ميرن جا ڪمي ڪاسبي سنڌيء کي حڪمراني سهي نه سگهندا آهن. پاڻ کي ڪارل مارڪس جي فڪر جو ابو به چوندا آهن پر هوندا وڏا ڪيپيٽلسٽ آهن. حياتي شهنشاهن وانگر گهاريندڙ يار.

عرب هجي ايراني فارسي هجي مغل هجي ارغون هجي پٺاڻ هجي آريو هجي افغاني ڪرد ترڪ هجي امريڪي هجي يورپي هجي يا انگريز هجي يا آگا خان جهڙو غدار هجي پوء ان جا سنڌي غلام ٿي رهندا ان جا گيت پيا ڳائيندا باقي سماٽ سمون سومرو ڪلهوڙو جوکيو هوندو ته پيا سڙندا اها اسان سنڌين جي فطرت ۾ شامل آهي.

غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جو عظيم حڪمران هو. اها دنيا ۾ مُسَلَمُ ڳالهه آهي.

توهان جيڪو لکيو آهي ان ڪتاب جو نالو لکو1 مان پڙهان ته پوء ان جي حقيقت ڇا هي پوء ڪجهه لکي سگهجي ٿو.

علام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جو عظيم ڏاهو سياست جو سرواڻ اڳواڻ دلير مفڪر مدبر سورهيه بادشاهه هيو جنهن پنهنجي اوچائي ڏاهپ سياڻپ حڪمت وزڊم سان ڪڇ ڀڄ کان وٺي ڏکڻ پنجاب تائين بلڪه اڃا به مني پنجاب تائين سنڌ جي جاگرافي حدن کي بحال ڪري سنڌ کي تقريباَ اصل حالت تائين رسايو پهچايو. جنهن جي امارت سيادت کي سنڌ جي سڀني علماء ڪرام عظام شرفاء ڏاهن سياڻن سچن صوفين زاهدن فناء في الله الله جي سنڌي ٻانهن سنڌي هندن يا سنڌي مسلم جي حمايت پٺڀرائي حاصل هئي، ان جي دور ۾ سنڌ جو ارڏو ڪراچيء جو دلير نواب جوکي ۾ جان وجهڻ وارو ڄام بجار خان جوکيو به سڄو هٿ هيو، جنهن ڪوهستان ڪڇ ڀڄ لاڙ تائين غلام شاهه ڪلهوڙي بادشاهه سان جند جيءَ ساهه مال ڌن دولت جي قرباني سميت ساٿ ڏئي سنڌ کي غيرن جي ناپاڪ چنبي مان آزاد ڪرايو. سلام غلام شاهه بادشاهه. تنهنجي عظمت کي سلام

ڪلهوڙا اصل ۾ عباسي يا عرب نه هيا پر هو نج سماٽ سنڌي هيا. رهيو سوال عباسي ڇو ؟ ان جو جواب اها هڪ حڪمت ڏاهپ هئي سياسي حربو هيو جو سنڌي ماڻهو غلام ذهنيت جو شڪار ٿي چڪا هيا، جنهن جي ڪري هنن لتر پڄي چڪر کي. واري ڪار ڪئي.

”ڪلهوڙا، سنڌ جي اَصلوڪن رهاڪن جو هڪ مکيه قبيلو هئا، جيڪي سنڌ جي ٻين پاڻ جهڙن مکيه قبيلن وانگر، سدائين سنڌ جي ڌارين حڪمرانن خلاف، پنهنجي منهن وڙهندا رهندا هئا. تاريخ ۾، ڪلهوڙن جو اَصل نسل ”سنڌي چنا“ قبيلي منجهان آهي. پر، جڏهين، سنڌ جا والي ٿيا، تڏهين پنهنجي ذات کي عربن سان ڳنڍي، پاڻ کي عباسي سڏائڻ لڳا. پنهنجي قبيلي جي نالي کي ڇڏي، پاڻ کي عرب سڏائڻ ۽ عباسي چوائڻ، اِها ڌارين جي سلسلي ۾ سندن اَحساس ڪمتري هئي، پر اِها خود پنهنجي ئي حاڪماڻي برتري ڏيکارڻ ۽ رعب ويهارڻ جي هڪ ڪوشش هئي.“

(ڪتاب ”سنڌ ۽ اسانجو ورثو“)

http://www.magazine.awamiawaz.com/2011/27-11-2011/artical-09.htm

اها برتري ڏيکارڻ جي ڪوشش نه پر سنڌين ماڻهن جي گندي ذهنيت هئي. جنهن جي ڪري هنن اهو ڀلو ڪم ڪيو، منهنجي به هنن لاء تائيد آهي.

”ڪلهوڙا، سنڌ جي اَصلوڪن رهاڪن جو هڪ مکيه قبيلو هئا، جيڪي سنڌ جي ٻين پاڻ جهڙن مکيه قبيلن وانگر، سدائين سنڌ جي ڌارين حڪمرانن خلاف، پنهنجي منهن وڙهندا رهندا هئا. تاريخ ۾، ڪلهوڙن جو اَصل نسل ”سنڌي چنا“ قبيلي منجهان آهي. پر، جڏهين، سنڌ جا والي ٿيا، تڏهين پنهنجي ذات کي عربن سان ڳنڍي، پاڻ کي عباسي سڏائڻ لڳا. پنهنجي قبيلي جي نالي کي ڇڏي، پاڻ کي عرب سڏائڻ ۽ عباسي چوائڻ، اِها ڌارين جي سلسلي ۾ سندن اَحساس ڪمتري هئي، پر اِها خود پنهنجي ئي حاڪماڻي برتري ڏيکارڻ ۽ رعب ويهارڻ جي هڪ ڪوشش هئي.“

(ڪتاب ”سنڌ ۽ اسانجو ورثو“)

http://www.magazine.awamiawaz.com/2011/27-11-2011/artical-09.htm

اها برتري رعب واري ڪوشش نه پر اصل ۾ سنڌي احساس ڪمتر ماڻهن جو علاج هيو، انهن اهو ڀلو ڪم ڪيو، اسان جي ڪلهوڙن جي حق ۾ تائيد جو ووٽ آهي.

سنڌي عام ماڻهو اڄ به نه سڌريو آهي. هو پنهنجن سنڌين کي حڪمراني نه سهندو البت غيرن جو غلام ٿيڻ پسند ڪندو آهي چرس ڀنگ آفيم جي سوٽي چڪي چانهن تي.

ڪلهوڙا اصل ۾ عباسي يا عرب نه هيا پر هو نج سماٽ سنڌي هيا. رهيو سوال عباسي ڇو ؟ ان جو جواب اها هڪ حڪمت ڏاهپ هئي سياسي حربو هيو جو سنڌي ماڻهو غلام ذهنيت جو شڪار ٿي چڪا هيا، جنهن جي ڪري هنن لتر پڄي چڪر کي. واري ڪار ڪئي.

علام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جو عظيم ڏاهو سياست جو سرواڻ اڳواڻ دلير مفڪر مدبر سورهيه بادشاهه هيو جنهن پنهنجي اوچائي ڏاهپ سياڻپ حڪمت وزڊم سان ڪڇ ڀڄ کان وٺي ڏکڻ پنجاب تائين بلڪه اڃا به مني پنجاب تائين سنڌ جي جاگرافي حدن کي بحال ڪري سنڌ کي تقريباَ اصل حالت تائين رسايو پهچايو. جنهن جي امارت سيادت کي سنڌ جي سڀني علماء ڪرام عظام شرفاء ڏاهن سياڻن سچن صوفين زاهدن فناء في الله الله جي سنڌي ٻانهن سنڌي هندن يا سنڌي مسلم جي حمايت پٺڀرائي حاصل هئي، ان جي دور ۾ سنڌ جو ارڏو ڪراچيء جو دلير نواب جوکي ۾ جان وجهڻ وارو ڄام بجار خان جوکيو به سڄو هٿ هيو، جنهن ڪوهستان ڪڇ ڀڄ لاڙ تائين غلام شاهه ڪلهوڙي بادشاهه سان جند جيءَ ساهه مال ڌن دولت جي قرباني سميت ساٿ ڏئي سنڌ کي غيرن جي ناپاڪ چنبي مان آزاد ڪرايو. سلام غلام شاهه بادشاهه. تنهنجي عظمت کي سلام

ڪجهه سومره بادشاهه (اسماعيلي فرقه سان متعلق هيا) انهن کي ڇڏي ڪري باقي سومره بادشاهه صحيح هوندا (سماعيلي فرقه معني آغاخاني) جيڪي اڄ ڪلهه پرنس ڪريم آغا خان وارن جو پڙ ڏاڏو ۽ موجوده آغا خان به سنڌ جو وڏو ويري پڪو دشمن ٿي پيو آهي جئن سندس ڏاڏو آغا خان سوئم هو. تئين هي به سنڌ م گلگتي چترالي سواتي بلتي آباد ڪرائي سنڌ کي پڻهس جو مال سمجهي سنڌين کي اقليت ٿورائي ۾ پيو ڪري ۽ پاڻ فرانس ۾ عياشيون پيو ڪري. نالائق پهرين نمبر جو جي امام آهي يعني حاضر امام ته پوء اسان ڇا ڪريونس ؟ ڪيو ته ڪڏهن حج به ڪونه اٿس مون ته ڪڏهن هن کي ڪعبة الله جو سفر ڪندي نه ڏٺو آهي. والله اعلم بالصواب

سنڌ جو هڪ وڏو موڳو اڳواڻ اصل ۾ ڌاريو عرب کان ڀڄي اچي سنڌ ۾ لڏي ويٺو هو، عراق ۾ سندن وڏا پندا هيا، ان سنڌين کي غلام ڪري لکين ايڪڙ زمين حاصل ڪري وري سنڌين کي پنهنجي پيري مريديء ۾ مردار ڪري 1947ع ۾ هندو مسلم ڦساد ڪرايا ۽ سنڌي هندن کي قتل ڪرائي پناهگير ڪرڻ تي مجبور ڪيو. جيڪو سلسلو اڄ به جاري رکندا اچن سنڌي ڀوتار! اهڙي طرح ان عرب موڳي ليڊر کي ڪم نڪرڻ بعد يعني پاڪستان جڙڻ بعد اٽي مان وار وانگر ڪڍرائي ڦٽو ڪيو ويو ته بدلي ۾ وري سنڌ جي نجات جو نعره هنيائين. اهو به سنڌ جي عظيم بادشاهه عادل عالم زاهد سچي صوفي حڪيم فلاسفر ڏاهي عقل حڪمت جي صاحب ميان غلام شاهه ڪلهوڙي نور الله مرقده کي متشدد ۽ جابر لکيو آهي.

وري مٿان هڪڙي ٻلڙي سنڌيه ڪالمنستڙي ڏمر نالي به سنڌ جي ان ڪلهوڙي بادشاهه جي خلاف لکي پاڻ لڄائيندي رهندي آهي. اچي ٻلي پير به ڪونه لوڏ لک جي لکڻ واري کي شرم نه حياء پر اسان جهڙن کي لڄ پئي ٿيندي ته هي سنڌي سڏائڻ وارا پنهنجن عادلن سنڌي بادشاهن کي ڇو پيا بنا جرم جي جرحون گهاء زخم ڪن.؟

سنڌ ۾ نهري نظام جا موجد باني ڪلهوڙا بادشاهه هيا. تنهن کان سواء نوان نوان شهر جوڙائيندا هيا. قلعه ڪوٽ جوڙائيندا هيا جيئن ؛ نوشهروفيروز حيدرآباد خدا آباد وغيره ميان نصير ڪلهوڙي آباد ڪرايو، اهڙي طرح نيرون ڪوٽ، رني ڪوٽ، پڪو قلعه، ڪچو قلعه ۽ ڪڇ ڀڄ ۾ بهاولپور ۾ ملتان وغيره ۾.

نوٽ : نهرون اصل ۾ ڪلهوڙن کوٽايون هيون انگريزن رڳو انهن جي کاٽي کڻائي دروازه ۽ پلون جوڙايون پر اصل ڪريڊٽ ڪلهوڙن ڏانهن ٿو وڃي يعني باني اهي هيا. پر ڇاهي سنڌ ۾ ڪڪڙ ڪوريءَ جو نانءُ وڏيري جو يعني ڪلهوڙا ڪوري هيا ۽ وڏيرو ڀوتار انگريز هيو.

سنڌي ماڻهو ذهني مريض احساس ڪمتريء جو ڇڪار (شڪار) آهن. افسوس ٿيندو آهي انگريز ههڙو، سنڌي ماڻهو هڪ ٻئي جي ڪسب ڌندي تي پيا هڪ ٻئي کي طعنه هڻندا ته اها روش هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي. سنڌي ماڻهو پاڻ م هڪ ٻئي جي عزت احترام ڪرڻ سکن. ۽ پنهنجي غير قبلائي ڀائرن جي عزت ڪن، جيڪڏهن ڪير پير مير شاهه مخدوم سيد خواجه آهي ته پنهنجي لاء آهي ڪير ڪنهن کي انُ ڪونه ٿو رسائي ۽ ڪير ڪنهن جي قبر ڪونه ڇڏائيندو قيامت ڏينهن سواء رب ڪريم الله تعالي جي.؟


ڪلهوڙن جو آغاز: ڪلهوڙن جو آغاز؛ ڪلهوڙن جو شجره؛ ڪلهوڙا ڄاموٽ شمار ٿيندا هئا ! جوکيو شفيق احمد.

ڪلهوڙن جو آغاز:

ڪلهوڙا پنهنجو نصبُ حضرت عباسَ رضي الله تعالي عنه حضور پاڪ ( يعني رسول الله صلي الله عليه وسلم ) جن جي چاچي کان ڇڪين ٿا. سندن ڏاڏو ميان اوڍاڻو خداپرست هڳ؛ پهريائين مڪران ۾ پيري مريديءَ جي سلسلي کي شروع ڪيو هئائين، پوءِ سندن اولاد سنڌُ ۾ رهيو. ميان اوڍاڻي جو پوٽو چنيه(جونيا) ، ڀائرن جي نا اتفاقيءَ ڪري، پنهنجن مريدن سميت مڪران کان نڪري کنڀاتا ۾ سڪونت اختيارُ ڪري، اوڍيجا قومَ ۾ رهڻ لڳو. هن ڏيپلي تعلقي جي ڪانگڙي جي زمينداري پلال سمي جي ڌيءُ دهرا (ظهره) سان شادي ڪئي، جنهن جي بطن (پيٽَ) مان کيسِ مُحَمَدُ نالي پٽُ ڄائو، ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن جو ڏاڏو شمارُ ٿئي ٿو. چنيه بن بهليلُ بن ٿلُ بن ميان اوڍاڻي سنڌُ جي ستن راڻن جي ڌيئرن سان شاديون ڪيون هيون. پوءِ روهڙي تعلقي جي پريالوءِ (پريان لوءِ) وٽ چنيه ٻيلي ۾ ڪجهه وقت رهيو هو. سنه 1220ع ۾، کنڀاتِ جي سانڪره ڳوٺَ ۾ وفات ڪيائين، جت دفنايو ويو. ٿل قاهره ٻيلي (لس-ٻيلي) جي گوجر قومُ(قبيلي) کي شڪست ڏيئي، لس ٻيلي تي قبضو ڪيو هو-1. عيسوي 13صديءَ تائين ڪلهوڙن جو فقط ايترو بيان ''تحفة الڪرامُ '' مان ملي سگهيو ٿو.

محمد بن چنه بن بهليلُ بن ٿلُ بن ميان اوڍاڻي جي نائين پيڙهيءَ مان، ميان آدمُ شاهه بکري لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪريءَ جي هٽڙي ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪري، مهدوي فرقي جي تبليغ ڪرڻ لڳو؛ ڇاڪاڻِ ته ميان صاحبُ شيخ الياسَ لنڪراچ ۽ شيخ ابُوبَڪَرَ جتوئيءَ جي ٻن واسطن سان سيد ميران مهدي جونپوريءَ جو مريد ٿيو-2. ميان آدمُ شاهه پنهنجي وقت جو سنڌُ ۾ وڏو درويشُ ٿي گذريو. مُلتانَ جي سهروردي مشائخن سان سندسِ دوستانه رستو هو. انهن ڏينهنِ ۾ مرزا عبد الرحيمُ خان خانان ٺٽي تي ڪاهيندو ٿي ويو، ڏسُ ملڻَ تي ميان آدمُ شاهه کان دعا گهرڻ آيو. ان موقعي تي کٻڙَ ابڙي وجهه ڏسي فقيرن جي خرچ لاءِ مرزا کان چانڊڪي جهڙي پرڳڻي جي گهر ڪئي 1. مرزا خان خانان سندس عرض قبول ڪيو. چانڊڪي جهڙي زرخيز علائقي ملڻ کان پوءِ ، ميان جا مريدَ زورُ وٺندا ويا، ۽ آس پاس جي زميندارن کي هيسائڻ لڳا. حقيقت ۾ مهدوي تحريڪَ کان وقت جا حاڪمَ خوفزده هئا، ان ڪري ميران مهديءَ جي مريدن کي دکن ۽ دهليءَ کان وٺي افغانستان تائين وقت جي حاڪمن سخت تڪليفون ڏنيو. آخر چانڊڪي پرڳڻي جي زميندارن ميان خلافُ ملتان جي حاڪم کي شڪايتون ڪيون، جنهن تي مغليه سپاهي ميان کي قيد ڪري ملتان وٺي ويا، جت قيد جي حالت ۾ وفات ڪئي. سندن وصيتَ موجبُ مريدن سندن جنازي کي سکرَ جي لڳ الهندي وارين ٽڪرينُ مان هڪڙيءَ مٿان دفنايو، جا اڄ تائين آدمُ شاهه جي ٽڪري سڏجي ٿي2 ۽ عامُ زيارت گاهه آهي. ميان آدمُ شاهه جي وفات کان پوءِ ، سندس پٽ ميان دائودَ پيءُ جي گادي وسائي، پر ڪو خاصُ ڪارنامُو کائُنسِ صادرُ نه ٿيو، جو تواريخ جي بيان جي بيان جي قابلُ هجي، مگر ميان دائودَ جي پُٽَ ميان الياسَ مريدن ۾ گهڻو وڌارو ڪيو، ۽ زورُ وٺڻُ لڳو، مگر سُتَتُ وفات ڪيائين سندسِ مقبرو ڏوڪريءَ تعلقي ۾ اُنڙَآبادُ ويجهو زيات گاهه آهي.

ڪلهوڙن جو شجره:

چنيه 1220ع، مُحَمَدُ 1240ع،ڪلهوڙا

ابراهيمُ ثاني 1280ع، شاهه مُحمدُ 1320ع، راند 1360ع، طاهرُ 1400ع، ميان خانُ 1440ع، ميان صاحبُ 1480ع، گنجنُ 1520ع، ميان آدمُ شاهُ 1557ع کان 1592ع، دائودُ1600ع، ميان شاهلُ محمدُ 1657ع ۽ ميان الياسُ 1620ع ۽ ميان الياسَ منجهان ميان نصيرُ 1657ع کان 1692ع، ميان نصيرَ کي ٽي پُٽَ ميان مير محمد 1719ع، ميان يارُ محمدُ 1701ع 1711ع ۽ ميان دينُ محمدُ 1692ع، ميان يارُ مُحمدُ کي وري ٽي پُٽَ غلام حسينُ، ميان ۽ ميان نُورُمحمدُ1719ع کان 1753ع ۽ محمدُ

دائودُ 1719ع ۽ ميان يارُ محمدُ کي پڻُ ٽي پُٽَصادقُ علي 1781ع کان 1783ع ، عبدالنبي 1784ع، غلامُ نبي 1774ع، ميان غلامُ شاهه (وري خان)، عطرُ محمدُ، محمدُ مرادُ وري ميان غلامُ شاهه (وردي خان) کي ٻه پُٽَ مُحمدُ 1773عمحمد سرفراز خانُ تنهن کي وري هڪُ پٽُ مير محمدُ بقيه دائود پوٽن جو شجره لکڻ جي لوڙ گهرج ضرورت ناهي حواله: جنت السنڌ ليڪکُ رحيمداد خان مولائي شيدائي رح.

حاشيه :ڪلهوڙا ڄاموٽ شمار ٿيندا هئا

رحيمداد خان مولائي شيدائي صاحب جنت السنڌ ۾ تحفة الڪرامُ : جلدُ _3، ص_ 102،103 ۽ رچرڊ پرٽن يا برٽن سنڌُ متعلق پنهنجي مشهورُ انگريزي ڪتابَ جي ص-140۾ لکي ٿو ته ڪلهوڙا اصل ۾ نومسلمَ چنه / چنا قومَ (قبيله ذات) مان هئا، جي زورَ وٺڻ کان پوءِ پاڻ کي عباسي سڏائڻ لڳا؛ ليڪن وٽن شجره ڪونه هو ۽ نه وري وقت جا علماء سندن شجرو ٺاهي(جوڙي) سگهيا. سنڌُ ۾ هڪڙو عباسي بزرگُ سهرا خطيبه نالي رهندو هو، جنهن وٽ پتلَ جي تختيءَ تي سندن شجرو لکيلُ هو. ڪلهوڙن سندن ڳوٺُ ساڙائي ۽ سندن مريدن کي مارائي مٿين تختي هٿ ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو شجرو ٺاهي، پاڻ کي عباسي سڏائڻ شروع ڪيو. انگريزي راڄ جي زماني ۾ هندوستان جي آدمُ شماريءَ جي رپورٽ ۾ ڪلهوڙا ڄاموٽَ شمارُ ٿيندا هئا.

بحواله : جنت السنڌ

صفحه نمبر، 447 کان 450 تائين

ليکڪُ

رحيمداد خان مولائي شيدائي رح

https://www.facebook.com/note.php?note_id=10150393171261918

1 comment:

  1. https://www.facebook.com/notes/jokhio-shafique-ahmed/%DA%AA%D9%84%D9%87%D9%88%DA%99%D9%86-%D8%AC%D9%88-%D8%A2%D8%BA%D8%A7%D8%B2-%DA%AA%D9%84%D9%87%D9%88%DA%99%D9%86-%D8%AC%D9%88-%D8%A2%D8%BA%D8%A7%D8%B2%DA%AA%D9%84%D9%87%D9%88%DA%99%D9%86-%D8%AC%D9%88-%D8%B4%D8%AC%D8%B1%D9%87-%DA%AA%D9%84%D9%87%D9%88%DA%99%D8%A7-%DA%84%D8%A7%D9%85%D9%88%D9%BD-%D8%B4%D9%85%D8%A7%D8%B1-%D9%BF%D9%8A%D9%86%D8%AF%D8%A7-%D9%87%D8%A6%D8%A7-%D8%AC%D9%88%DA%A9%D9%8A%D9%88-%D8%B4%D9%81/10150395373326918

    ReplyDelete