Realtime Hit Counter

Thursday 22 December 2011

احبار ، رهبان، عالم زاهد، عابد، صوفي، پنڊت، پوپ، پادري، برهمڻ پير فقير مخدوم ۽ انهن جا لڇڻ ؟

احبار ، رهبان، عالم زاهد، عابد، صوفي، پنڊت، پوپ، پادري، برهمڻ پير فقير مخدوم ۽ انهن جا لڇڻ ؟


سورة التَوبة ﴿يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آَمَنُوا إِنَّ كَثِيرًا مِنَ الْأَحْبَارِ وَالرُّهْبَانِ لَيَأْكُلُونَ أَمْوَالَ النَّاسِ بِالْبَاطِلِ وَيَصُدُّونَ عَنْ سَبِيلِ اللَّهِ وَالَّذِينَ يَكْنِزُونَ الذَّهَبَ وَالْفِضَّةَ وَلَا يُنْفِقُونَهَا فِي سَبِيلِ اللَّهِ فَبَشِّرْهُمْ بِعَذَابٍ أَلِيمٍ (34) سنڌي ترجمه

ترجمه(التوبه) اي ايمان وارو! اڪثر عالم ۽ عابد ماڻهن جا مالَ ناحق طريقي سان کائين ٿا ۽ الله جي واٽ کان روڪين ٿا(1) جيڪي ماڻهو سونَ چانديءَ جو خزانو رکن ٿا ۽ ان کي الله جي واٽ ۾ خرچ نه ٿا ڪن، انهن کي ڏکوئيندڙ عذاب جو چتاءُ ڏي.

http://tanzil.net/#trans/sd.amroti/9:34

تشريح: (1) احبار ”حبر“ جو جمع آهي. ”حبر“ ان شخص کي چئجي ٿو جيڪو پنهنجي ڳالهه سهڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ماهر هجي. خوبصورت ۽ رنگا رنگ ڪپڙي کي ”ثوب محمر“ چئبو آهي. مراد يهودين جا عالم آهن. رهبان ”راهب“ جو جمع آهي، جنهن جو اشتقاق ”رهبنة“ آهي. مراد عيسائين جا عالم آهن جن کي موجوده زماني ۾ پادري يا پوپ يا ”بابا“ چون ٿا. ڪي چون ٿا ته اهي عيسائين جا صوفي آهن. عالمن لاءِ انهن وٽ ”قسيسين“ جو لفظ آهي. اهي ٻئي قومون هڪ ته الله جي ڪلام ۾ تبديلي ۽ هيرا ڦيري ڪري ماڻهن جي خواهشن مطابق مسئلا ٻڌائين ٿا ۽ انهن کي الله جي واٽ کان روڪين ٿا. ٻيو هيءُ ته ماڻهن کان ان نموني مال ٺڳين ٿا جيڪو سندن لاءِ حرام هو. بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته مسلمانن جي گھڻن عالمن جو به اهو ئي حال آهي ۽ انهن تي نبي ڪريم ﷺ جي پيشن گوئي ثابت اچي ٿي ته: لَتَتَّبِعُنَّ سُنَنَ الَّذِينَ مِن قَبلِکُم (صحيح بخاري کتاب الإعتصام) بخاري شريف ۾ پاڻ ڪريمن جو اهو فرمان موجود آهي جنهن جو عنوان آهي: ”ضرور توهان اڳين امتن جو طور طريقن جي پيروي ڪندا.“

جن کي الله کان سواءِ پڪاريو وڃي ٿو اهي مدد نه ٿا ڪري سگھن، توهان وانگر اهي الله جا ٻانها آهن.

: سنڌ وطن جي سنڌين جي نجات آزادي لء توجهه طلب

سورة الاعراف: ﴿ أَيُشْرِكُونَ مَا لَا يَخْلُقُ شَيْئًا وَهُمْ يُخْلَقُونَ (191) وَلَا يَسْتَطِيعُونَ لَهُمْ نَصْرًا وَلَا أَنْفُسَهُمْ يَنْصُرُونَ (192) وَإِنْ تَدْعُوهُمْ إِلَى الْهُدَى لَا يَتَّبِعُوكُمْ سَوَاءٌ عَلَيْكُمْ أَدَعَوْتُمُوهُمْ أَمْ أَنْتُمْ صَامِتُونَ (193) إِنَّ الَّذِينَ تَدْعُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ عِبَادٌ أَمْثَالُكُمْ فَادْعُوهُمْ فَلْيَسْتَجِيبُوا لَكُمْ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ (194) أَلَهُمْ أَرْجُلٌ يَمْشُونَ بِهَا أَمْ لَهُمْ أَيْدٍ يَبْطِشُونَ بِهَا أَمْ لَهُمْ أَعْيُنٌ يُبْصِرُونَ بِهَا أَمْ لَهُمْ آَذَانٌ يَسْمَعُونَ بِهَا قُلِ ادْعُوا شُرَكَاءَكُمْ ثُمَّ كِيدُونِ فَلَا تُنْظِرُونِ (195) إِنَّ وَلِيِّيَ اللَّهُ الَّذِي نَزَّلَ الْكِتَابَ وَهُوَ يَتَوَلَّى الصَّالِحِينَ (196) وَالَّذِينَ تَدْعُونَ مِنْ دُونِهِ لَا يَسْتَطِيعُونَ نَصْرَكُمْ وَلَا أَنْفُسَهُمْ يَنْصُرُونَ (197) (الاعراف) القرآن الحڪيم.

ڇا انهن کي الله جو شريڪ ٺهرائين ٿا جيڪي ڪا شيءِ پيدا نه ٿا ڪري سگھن ۽ اهي پاڻ به پيدا ڪيا وڃن ٿا. ۽ اهي سندن ڪنهن قسم جي مدد نه ٿا ڪري سگھن ۽ نه ئي اهي پنهنجي ڪا مدد ڪري سگھن ٿا.۽ جيڪڏهن کين ڪا ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ پڪاريندا ته توهان جي چوڻ تي نه هلندا(1)ٻئي ڳالهيون برابر آهن ته توهان انهن کي پڪاريو يا خاموش رهو.بيشڪ توهان الله کي ڇڏي جن جي عبادت ڪريو ٿا اهي توهان وانگر ٻانها آهن (2)پوءِ کين پڪاريو، ڀلي ته توهان جي دعا۽ پڪار ٻڌن جيڪڏهن توهان سچا آهيو.ڇا انهن جا پير آهن جن سان هلن ٿا؟ ڇا انهن جا هٿ آهن جن سان ڪنهن شيءِ کي پڪڙين؟ڇا انهن کي اکيون آهن جن سان اهي ڏسي ٿا يا انهن جا ڪنَ آهن جن سان اهي ٻڌن ٿا؟ (3)چؤ ته پنهنجن سڀني شريڪن کي سڏيو، پوءِ مون کي تڪليف پهچائڻ جي تدبير ڪريو پوءِ مون کي ڪا به مهلت نه ڏيو. (4)بيشڪ منهنجو پالڻهار الله آهي، جنهن هيءُ ڪتاب نازل ڪيو آهي ۽ اهو نيڪ ٻانهن جي مدد ڪندو آهي. ۽ الله کي ڇڏي جن کي توهان پڪاريو ٿا، اهي توهان جي ڪا مدد نه ٿا ڪري سگھن ۽ نه ئي اهي پنهنجي مدد ڪري سگھن ٿا. (5) ترجمه

تشريح:(1) شريڪ ٺهرائڻ جو مطلب آهي ته مثلاً ٻارن جا نالا هن قسم جا رکن ٿا: امام بخش، پير ڏتو، عبد شمس، بنده علي وغيره جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اهو ٻار فلاڻي بزرگ فلاڻي پير جي نظر ڪرم جو نتيجو آهي. (نعوذ بالله) يا پنهنجي هن عقيدي جو اظهار ڪندا آهن ته اسين فلاڻي بزرگ جي قبر تي ويا هئاسون، جنهن جي نتيجي ۾ اهو ٻار پيدا ٿيو يا ڪنهن مردي جا نالي تي نذر نياز پيش ڪن ٿا يا ٻارن کي ڪنهن قبر تي وٺي اتي ان جو مٿو ٽڪائين ٿا ته انهيءَ جي طفيل ٻار پيدا ٿيو آهي. هي سڀ صورتون الله سان شريڪ ٺهرائڻ جون آهن، جيڪي بدقسمتيءَ سان مسلمان عوام ۾ به عام ٿي ويون آهن. ايندڙ آيتن ۾ الله تعالى شرڪ جي ترديد فرمائي رهيو آهي.

(2) يعني توهان جي بيان ڪيل ڳالهه تي عمل نه ڪنداسون. هڪ ٻيو طلب هي آهي ته جيڪڏهن انهن کان هدايت گھرندا اهي توهان جي ڳالهه نه مڃيندا. نه توهان کي جواب ڏيندا. فتح القدير

(3) يعني جڏهن اهي جيئرا هئا. بلڪ هاڻي ته توهان انهن جي مقابلي وڌيڪ ڪامل آهيو. هاڻي اهي ڏسي نه ٿا سگھن، توهان ڏسو ٿا. اهي ٻڌي نه ٿا سگھن، توهان ٻڌو ٿا. اهي ڪنهن جي ڳالهه سمجھي نه ٿا سگھن، توهان سمجھي سگھو ٿا. اهي جواب نه ٿا ڏئي سگھن توهان جواب ڏيو ٿا. ان مان معلوم ٿيو ته مشرڪَ جن جون مورتون ۽ مجسما ٺاهي پوڄين ٿا، اهي الله جا ٻانها يعني انسان هئا. جيئن سيدنا نوح عليه السلام جي قوم جي بتن بابت صحيح بخاريءَ ۾ وضاحت موجود آهي ته اهي الله جا نيڪ ٻانها هئا.

(4) يعني هاڻي ان مان ڪا به شيءِ وٽن موجود نه آهي. مرندي گھڙيءَ ئي سندن ڏسڻ، ٻڌڻ، سمجھڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ختم ٿي وڃي ٿي. هاڻي وٽن انهن ڏانهن منسوب ڪيل پٿرن يا ڪاٺين جون اڏيل مورتون ۽ مجسما يا مٽيءَ جا جوڙيل گنبذ، قبا ۽ آستانا آهن. جيڪي سندن قبرن تي اڏيا ويا آهن ۽ اهڙيءَ طرح هڏين وڪڻڻ جو ڪاروبار اوج تي آهي جيئن شاعر چيو آهي ته آدمي جيتوڻيڪ پوڙهو ٿي چڪو آهي مگر لات منات جوان آهن.

(5) يعني جيڪڏهن پنهنجي هن دعوى ۾ سچا آهيو ته اهي توهان جا مددگار آهن ته کين چئو ته منهنجي مقابلي ۾ ڪا تدبير ڪن، ڪا رٿ رٿين.

(6) جيڪو شخص پنهنجي مدد پاڻ نه ڪري اهو ڀلا ڪنهن ٻئي جي ڪهڙي مدد ڪري سگھندو؟

http://tanzil.net/#trans/sd.amroti/7:197

علم غيب رڳو الله ڄاڻي ٿو

﴿يَسْأَلُونَكَ عَنِ السَّاعَةِ أَيَّانَ مُرْسَاهَا قُلْ إِنَّمَا عِلْمُهَا عِنْدَ رَبِّي لَا يُجَلِّيهَا لِوَقْتِهَا إِلَّا هُوَ ثَقُلَتْ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ لَا تَأْتِيكُمْ إِلَّا بَغْتَةً يَسْأَلُونَكَ كَأَنَّكَ حَفِيٌّ عَنْهَا قُلْ إِنَّمَا عِلْمُهَا عِنْدَ اللَّهِ وَلَكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ (187) قُلْ لَا أَمْلِكُ لِنَفْسِي نَفْعًا وَلَا ضَرًّا إِلَّا مَا شَاءَ اللَّهُ وَلَوْ كُنْتُ أَعْلَمُ الْغَيْبَ لَاسْتَكْثَرْتُ مِنَ الْخَيْرِ وَمَا مَسَّنِيَ السُّوءُ إِنْ أَنَا إِلَّا نَذِيرٌ وَبَشِيرٌ لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ (188) (الاعراف) اهي ماڻهو اوهان کان قيامت جي باري ۾ سوال ڪن ٿا ته ان جو وقت ڪڏهن ايندو؟ چؤ ته ان جو علم رڳو منهنجي رب وٽ آهي ان جو وقت الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو ظاهر نه ڪندو. اهو آسمانن ۽ زمين ۾ تمام وڏو (واقعو) آهي اها توهان تي اچانڪ اچي واقع ٿيندي. اهي توهان کان (ان جي باري ۾) ائين پڇن ٿا ڄڻ ته توهان ان جي تحقيقات ڪري چڪا آهيو اوهان فرمايو ته ان جو علم رڳو الله وٽ آهي پر گھڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.تون چؤ ته آئون خود پنهنجي ذات لاءِ به ڪنهن فائدي جو اختيار نه ٿو رکان ۽ نه ڪنهن نقصان جو. سواءِ ان جو جيڪي الله گھري ۽ جيڪڏهن آءُ غيب جون ڳالهيون ڄاڻان ها ته آءُ گھڻا فائدا حاصل ڪريان ها ۽ مون کي ڪو نقصان نه رسي ها. آءُ رڳو ايماندارن کي ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان. (1) ترجمه سنڌي

تشريح: (1) هيءَ آيت هن بابت ڪيتري نه واضح آهي ته نبي ﷺ جن عالم الغيب نه آهن. غيب ڄاڻندڙ رڳو الله جي ذات آهي. ليڪن ظلم ۽ جھالت جي انتها آهي ته ان جي باوجود بدعتي نبي ڪريم ﷺ کي غيب ڄاڻندڙ ٻڌائين ٿا. حالانڪ جنگ احد ۾ پاڻ سڳورن جا ڏند مبارڪ شهيد ٿيا، سندن چهرو مبارڪ به زخمي ٿيو ۽ پاڻ ڪريمن فرمايو ته اها قوم ڪيئن ڪامياب ٿيندي جنهن پنهنجي نبيءَ جي مٿي مبارڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو. حديث جي ڪتابن ۾ اهي ۽ ٻيا واقعا به لکيل آهن، مثلاً سيدنا عائشه ﷦ تي تهمت لڳي ته پاڻ سڳورا پورو هڪ مهينو سخت پريشان رهيا. هڪ يهودي عورت پاڻ سڳورن کي دعوت ڏئي زهر ملايو، جنهن کي پاڻ به کاڌائون ۽ صحابن ڪرام به! تانجو ڪي صحابي انهيءَ کاڌي جي زهر جي وگھي مري ويا ۽ نبي ﷺ جن پاڻ به باقي عمر انهيءَ زهر جو اثر محسوس فرمائيندا رهيا. اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترا واقعا آهن جن مان واضح ٿئي ٿو ته پاڻ ڪريمن کي غيب جو علم نه هجڻ سبب نقصان ڏسڻا پيا جنهن مان قرآن مجيد جي بيان ڪيل هن حقيقت جي ثابتي ملي ٿي ته ”چؤ جيڪڏهن مان غيب ڄاڻان ها ته مون کي ڪا تڪليف نه رسي ها.“

القرآن الحڪيمُ﴿قُلْ لَا يَعْلَمُ مَنْ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ الْغَيْبَ إِلَّا اللَّهُ وَمَا يَشْعُرُونَ أَيَّانَ يُبْعَثُونَ (65) (النمل) چؤ ته آسمانن ۽ زمين وارن مان سواءِ الله جي ڪو غيب نه ٿو ڄاڻي (1) انهن کي ته اهو به معلوم نه آهي ته انهن کي ڪڏهن ٻيهر جياريو ويندو؟

تشريح: (1) يعني الله تعالى جھڙيءَ طرح مٿي بيان ڪيل معاملن ۾ اڪيلو آهي، ان جو ڪو شريڪ نه آهي. اهڙيءَ ريت ڳجھ جو علم ۾ به الله تعالى نرالو ۽ لاثاني آهي ان کان سواءِ ڪو عالم الغيب نه آهي. نبين ۽ رسولن کي به رڳو ايترو علم هوندو آهي جيترو الله تعالى وحيءَ جي ذريعي کين ٻڌائي ٿو ۽ جيڪو علم ڪنهن جي ٻڌائڻ سان معلوم ٿئي، ان جي ڄاڻندڙ کي ”عالم الغيب“ نه ٿو چئي سگھجي. عالم الغيب ته اهو آهي جيڪو ڪنهن واسطي کان سواءِ ذاتي طور تي هر شيءِ جو علم رکي ۽ حقيقت کان باخبر هجي. ۽ لڪيل مان لڪيل شيءِ به انهيءَ جي علم جي دائري کان ٻاهر نه هجي. اها صفت رڳو الله تعالى جي آهي. ان ڪري رڳو اهو ئي عالم الغيب آهي. ان کان سواءِ ڪائنات ۾ ڪو ٻيو عالم الغيب نه آهي. سيدنا عائشه ﷦ فرمائي ٿي ته جيڪو شخص هي گمان ڪري ٿو ته پاڻ سڳورا سڀاڻي ايندڙ شام ۾ واقع ٿيندڙ حالات جو علم رکن ٿا انهيءَ الله تي وڏو بهتان ٻڌو ڇاڪاڻ ته الله تعالى فرمائي ٿو ته آسمان ۽ زمين ۾ غيب جو علم رڳو الله کي آهي. (صحيح بخاري: 4855، مسلم: 287، ترمذي: 68. 3) سيدنا قتاده فرمائي ٿو ته الله تعالى تارا ٽن مقصدن لاءِ پيدا ڪيا آهن: 1- آسمان جي زينت لاءِ، 2- ماڻهن جي رهنمائي لاءِ، 3- شيطان کي سنگسار ڪرڻ لاءِ. پر الله جي تعليم ۽ احڪامن کان بي خبر ماڻهن انهن مان ڳجھ جو علم حاصل ڪرڻ ۽ ڪهانت جو ڍونگ رچايو آهي. مثلاً چون ٿا ته جيڪو فلاڻي ۽ فلاڻي ستاري جي موجودگيءَ ۾ نڪاح ڪندو ته هيئن ۽ هيئن ٿيندو. جيڪو فلاڻي ۽ فلاڻي ستاري جي وقت سفر ڪندو ته هيئن ۽ هيئن ٿيندو. جيڪو فلاڻي ستاري جي وقت ۾ پيدا ٿيندو، اهو هيئن ۽ هيئن ٿيندو. اهي سڀ اجايون ۽ فضول ڳالهيون آهن. انهن جي خيالن ۽ قياسن جي ابتڙ اڪثر ظاهر ٿيندو رهندو آهي. ستارن، پکين ۽ جانورن جي ذريعي غيب جو علم ڪيئن حاصل ٿي سگھي ٿو؟ جڏهن ته الله تعالى جو فيصلو هيءُ آهي ته آسمانن ۽ زمين ۾ سواءِ الله جي ڪوبه ڳجھ نه ٿو ڄاڻي. ابن ڪثيرُ

قبرن جي پوڄا

هي عقيدو رکڻ ته مري ويل نيڪ ٻانها حاجتون پوريون ڪن ٿا مشڪلاتون هٽائين ٿاانهن کان مددطلب ڪرڻ ،۽مشڪلات ۾ پڪارڻ هي سڀ شرڪ جون صورتون آهن جڏهن ته الله تعالى جو فرمان آهي

وَقَضَى رَبُّكَ أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا إِيَّاهُ الاسرى :23

”۽ تنهنجي رب اهو چٽو فيصلوڪيوآهي ته اوهين ان کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو“

الله تعالى جو فرمان آهي

أَمْ مَنْ يُجِيبُ الْمُضْطَرَّ إِذَا دَعَاهُ وَيَكْشِفُ السُّوءَ وَيَجْعَلُكُمْ خُلَفَاءَ الْأَرْضِ أَئِلَهٌ مَعَ اللَّهِ قَلِيلًا مَا تَذَكَّرُونَ النمل : 62

ترجمو: (ڀلاڪيرآهي جيڪو لاچار ۽ بي قرار جي پڪار کي ٻڌي ان کي اگھائي،ان جي تڪليف کي ختم ڪري ،۽ ڪير جيڪو اوهان کي زمين ۾هڪ ٻئي جو جانشين بنائي ٿو ڇا الله کان سواء ٻيوڪومعبود جيڪواهي ڪم ڪري سگهي) سورة نمل

ڪجھ ماڻهو ته پنهنجي پير يا مرشد جو نالو تڪيوڪلام بنائي اٿهندي، ويهندي ، ٿڙندي ان کي پڪاريندا آهن ۽ جڏهن ڪومصيبت ،مشڪلات ۽ پريشانيءَ ۾گرفتارٿيندوته ڪو ”يا محمد“ ته ڪو وري ”يا علي“ جو نعروهڻندو آهي ته ڪو وري ياحسين جو هوڪو هڻي ٿو ته وري ڪو يا بدوي “ جو نالو کڻي ٿو ته ڪو وري ”يا عبدالقادر “چوي ٿو ته وري ڪو يا شاذلي تي ڀروسو ڪري ٿو ته ڪو يا رفاعي “ جو سهارو وٺي ٿو ته ڪنهن جي منهن تي يا عيد روس جي رڙ آهي ته ڪو بيبي زينب کي پڪاري ٿو ته ڪي وري بيبي زينب ۽ ابن علوان جي ورد ڪن ٿا

جڏهن ته الله تعالى جو فرمان آهي: إِنَّ الَّذِينَ تَدْعُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ عِبَادٌ أَمْثَالُكُمْ الاعراف: 194

” بي شڪ توهان جنهن کي الله کان سواءِ پڪاريوٿا اهي توهان جهڙا ئي ٻانھا آهن .“

ڪجھ قبرن جا پڄاري ته انهن قبرن جو طواف ڪن ٿا ۽ ڪجھ قبر جي هر ڪنڊ کي هٿ لڳائيندا آهن ۽ ڪجھ انهن کي ڇوهندا آهن ڪجھ انهن جي چائنٺ کي چمندا آهن ۽ ڪجھ پنهنجي منهن کي انهن جي مٽي تي مليندا آهن ۽ ڪجھ انهن کي ڏسڻ شرط ئي سجدي ۾ ڪري پوندا آهن ۽ انهن قبرن جي اڳيان انتهائي عاجزي ۽ انڪساري ۽ ذلت سان پنهنجيون پنهنجيون ضرورتون پيش ڪن ٿا بيماريءَ کان ڇوٽڪاري ،اولاد پائڻ ،مشڪلاتن جي آسانيءَ لاءِ انهن کي پڪاريندا آهن بلڪ ڪجھ ته قبر واري کي مخاطب ٿي چوندا آهن

اي اسان جا سردار! آئون پرڏيھ مان آيوآهيان انڪري مون کي نامراد خالي هٿين نه موٽائي

الله عزوجل جو فرمان آهي ته :

وَإِنْ يَمْسَسْكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهُ إِلَّا هُوَ وَإِنْ يُرِدْكَ بِخَيْرٍ فَلَا رَادَّ لِفَضْلِهِ يُصِيبُ بِهِ مَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ وَهُوَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ يونس : 107

ترجمو : جيڪڏهن الله توکي ڏک پهچائي ته ان کان سواءِ ان کي ڪو لاهڻ وارو نه آهي ۽ جيڪڏهن توسان چڱائيءَ جو ارادو ڪري ته ان جي فضل کي ڪو هٽائڻ وارو نه آهي ٻانهن مان جنهن کي وڻيس تنهن کي فضل پهچائي ۽ اهو بخشڻهار مهربان آهي “

هڪ دوست جي لکت آهي جنهن جي تصديق ڪري لکجي ٿو.

No comments:

Post a Comment