Realtime Hit Counter

Friday 16 March 2012

امام انقلاب عبيد الله سنڌيء جي پارٽي: سرو راجيه پارٽي ۽ منشور


امام انقلاب عبيد الله سنڌيء جي پارٽي:
سرو راجيه پارٽي
جي منشور مول متن مقصدن (پروگرام) تان ورتل ڪجهه مول متا؛

مها ڀارت سروراجيه پارٽي جا مول متا: 1­-ڪانگريس ڪميٽي ڪابل، نيشنل ڪانگريس ۾ هڪ مستقل پاريءَ جو بنياد وجهي ٿي، جيڪا ملڪ ۾ '' سرو-راجي حڪومت '' پيدا ڪندي ''سرو-راجي اصول'' تي حڪومت لاءِ ضروري آهي ته:

الف- ملڪ وڏن طبقن يعني هاري پورهت ۽ دماغي پورهيو ڪندڙن کي ننڍن طبقن يعني زميندارن ۽ سرمائيدارن وانگر جمهوري حڪومت جي هر هڪ شعبي ۾ نمائندگيءَ جو حق سندن تعداد مطابق ڏيئي ان کي محفوظ ڪيو وڃي.

ب- اقتصادي نظامُ مستقل طور اهڙو قائم ڪيو وڃي جيڪو پورهيت طبقي يعني هاري، پورهيت ۽ دماغي پورهيو ڪندڙن کي قرض ۽ غربت کان بچائڻ جو ضامن هجي ۽ ملڪ کي اهڙنب ٻاهرين قرضن جو محتاج نه بنائي، جنهن سان سياسي آزادي کسجڻ جو خطرو(ڀوءُ) پيدا ٿي سگهي انهيءَ پارٽيءَ جو نالو ''مهاڀارت سرو-راجيه پارٽي هوندو.
مول متا ۽ مقصد:

2-''مها ڀارت سرو-راجيه پارٽي'' پنهنجي سرو-راجيي اصول جي بنياد تي هيٺين مقصدن لاء جدوجهد جاري رکندي:
الف-هندوستان جي مڪمل آزادي حاصل ڪرڻ، ملڪ ۾ جمهوري نظام قائم ڪرڻ، هندوستان جي ملڪن کي هڪُ هڪُ ملڪ (مڃي) قرار ڏيئي نئين هندوستاني قوميت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي آزاديء جو بنياد نه بنائڻ.

ب-آزاد هندُ کي بادشاهت ۽ سرمائيداريء کان هميشه لاء آجو ڪرڻ ۽ انساني سوسائٽي لاء هڪ نمونو بنائڻ.
ج- سڀني هندوستاني قومن (ملڪن) کي وفاقي نظام(سسٽم) ۾ گڏ ڪرڻ.

هر هڪ سرو-راجيه جمهويه ۾ :
الف-هارين ۽ انهن سان تعلق رکندڙ ڪم ڪندڙن جون هاري سنگتون.
ب-فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جو انجمنون.
ج-دفترن (آفيسن) ۽ تعليم گاهن ۾ ڪم ڪرڻ وارن جون'' دماغي پورهتين جون مجلسون'' ٺاهڻ جو رد نه ٿي سهگندڙ حق، پورهت طبقي کي حاصل هوند. هنن مجلسن جي واسطي سان اهي ماڻهو پنهنجا مطالبا پيش ڪندا ۽ چونڊن ۾ حصو وٺندا. پورهت طبقي کي حڪومت کان ناراض ٿيڻ جي صورت ۾ به انهن مجلسن جي فيصلي تي هڙتال ڪرڻ جو حق حاصل هوندو.
د-ايشيائي قومن ۾ بادشاهت ۽ سرمائيداري خلافُ هڪ وفاق ''سرو-راجيه ايشياٽڪِ فيڊريشن'' پيدا ڪرڻ.
20. عام فائدي جا سڀئي وسيلََآ قومي ملڪيت قرار ڏنا ويندو.

21. انفرادي ملڪيت (نقل ٿيندڙ/نقل نه ٿيندڙ) محدود ڪئي ويندي، مقرر حد کان وڌيڪ جائداد قومي ملڪيت قرار ڏني ويندي.

الف- گهٽ ۾ گهٽ ملڪيت حد مقرر ڪرڻ سرو-راجيه ڪانفرنس جو ڪمُ آهي.

ب- مالدارن تي اضافي (واڌُو) ٽيڪسُ هنيو ويندو، جنهن جي آخري حد پنجاه سيڪڙو تائين هوندو.
**
22. ملڪَ جي ايراضي (زمين ٻني) قومي ملڪيت قرارُ ڏني ويندي ۽ زمينداري نظامُ منسوخ ڪيو ويندو، هاري ۽ حڪومت کان سواء ڪنهن کي به ايراضيء سان تعلقُ(لَاڳاپو واسطو) نه هوندو.
**
الف- سرو-راجيه پارٽي هندُ جي انهن جمهوريتن (ريپلبڪس) ۾ جتي مسلمانن جي اڪٽريت آهي، مها-ڀارتُ سرو-راجيه پارٽي (خليفه عمرَ) فاروق اعظم رضي الله عنه جي فيصلي (فتوي فقه) مطابق زميندارن کي ايراضيء جي ملڪيت ڇڏڻ ۽ امامَ اعظم ابُو حنيفه رح جي فيصلي (فتويٰ فقه) مطابق مزارعت يعني هارپو ڇڏڻ تي مجبور ڪندي زميندارن کي فقط گورنمينٽ ايجنٽ جي طور تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو. (جنهن کي پگهارَ گورنمينٽ ادا ڪندي)

د- هر هاري خاندان کي ايتري قدر زمين ضرور ڏني ويندي جيتري قدر پاڻ کيڙي سگهي ان زمين تي انهيءَ خاندان جو دائمي کيڙن جو حق اهڙي قانون هيٺ محفوظُ ڪيو ويندو جيڪو '' هاري سنگتن جي ڪائونسل جي مشوري سان ٺاهيو(جوڙيو) ويندو.

هه- حڪومت هاريء کان ڪل پيداوار جو 1/5 ڀاڱي حصو (ڀاڱو) هاري سنگتن جي واسطي سان خراج طور وصول ڪندي.

و- قومي ملڪيت ۾ ڏنل زمين جو انتظامُ حڪومت هاري سنگتن جي ڪونسلن جي نگراني ۾ ٿيندو.
۽ هاري سنگتن کي سرڪاري امدادَ بنا وياج قرضن جي صورتَ ۾ ڏني ويندي ۽ انهن لَاءِ زرعي مشنري ادائگي نرمُ شرطن تي مهيا ڪئي ويندي.
**
23- وياج جي ڏي وٺ بلڪلُ بند ڪئي ويندي، پورهيت طبقي جا پراڻا قرضَ معافُ ڪيا ويندا. ضرورتمندن کي امداد يا قرضُ بنا وياجَ ڏيڻَ جو مستقل انتظامُ هوندو.

25 - قومي مليڪت ۾ ڏنل ڪارخانه ۽ فيڪٽريون مزدور انجمنن جي ڪائونسلن جي نگرانيء ۾ هلايون وينديون ۽ مزدورن کي نفعي ۾ حصو ڏنو ويندو.

الف- جي ڪم جو ڏينهن ڇهه ڪلَاڪَ سمجهيو ويندو. مها-ڀارت سرو--راجيه پارٽي دماغي پورهيو ڪندڙن ۽ جسماني پورهيو ڪندڙن ۾ وڇوٽيء کي سوسائٽيءَ لاء نقصانڪارُ سمجهي ٿي.
ب- مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ مزدوريء جي شرح حڪومت جي قانون سان ٿيندي ۽ انهيء ريت ٻارن ۽ عورتن جي ڪم جا وقت، ڪراڙپ، بيماريءَ، حادثي، حمل ۽ بيروزگاريء جا الائونس خاصُ قانون هيٺ مقرر ڪيا ويندا. انهن قانونن تي مزدورن جي انجمنن جي مطالبي تي نظر-ثاني ٿيندي رهندي.

ج- مزدورن جي خاندان لاء حڪومت مفت طبي امداد مهيا ڪندي ۽ انهن لاء سُٺَنِ گهرن جو بندوبستُ ڪندي.

ڏسو مها-ڀارت سرو- راجيه پارٽي آف هندُ جا مول متا،
ڪتاب: امام انقلَاب عبيد الله سنڌي
تحريرون ۽ تقريرون،
سهيڙيندڙ ۽ سنڌيڪارُ ثناءُ الله سومرو،
سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي،سنڌُ.
۽ فيس بوڪ لَاء لکيو مون مسڪين جوکيو شفيق احمد

نوٽ:- امام انقلَاب عبيد الله سنڌيء سرو-راجيه پارٽي آف هند جو پايو جديد ترڪيء ۾ وجهي اهڙو منشور جوڙي ۽ ان کي نشر ڪيو هو. جوکيو شفيق احمد.

No comments:

Post a Comment