Realtime Hit Counter

Friday 16 March 2012

وطن يا ڪفن _عاجز سولنگي

( يــا ڪــفــن يــا وطــن )

لفظ سورهيه سندا گونجندا ٿا رهن ،
سي پڙاڏي مثل ٿا ڪنن ۾ ٻرن ،
ديس مظلوم جا ماڻهون ڇا ٿا گهرن
ڪنڌ منصور جا وار ڏي ٿا سرن
موت يا زندگي يا ڪفن يا وطن
ديش توساڻ منهنجو هي آهي وچن

حر تحريڪ ڌرتي جي خاطر ٺهي
ڳاله سورهيه ۽ سيد جي آهي سهي
غير کي تون تڙي پئو امن سان رهي
هي جواني اٿي ريت ويندي وهي
تن جي نعرن کان ڪيئي ٽٽون ٿا ٺهن
موت يا زندگي يا ڪفن يا وطن
ديس توساڻ منهنجو هي آهي وچن

قيد جيل ڪوڙا هي ڦاهيون ۽ گهاڻا ڏسي
ڪين مڙيا اکين ساڻ راڻا ڏسي
سنڌ سيد سمورا ماڻا ڏسي
۽ هنن ۾ دليري جا داڻا ڏسي
سر بچائڻ بهانا بڻائي نه ڇڏ
موت يا زندگي يا ڪفن يا وطن
ديس توساڻ منهنجو هي آهي وچن

تون انهي قوم جوئي ته اولاد آن
سنڌ ڌرتي جو وارث تون فولاد آن
تون به اهڙن ارادن جي ايجاد آن
تون سچن سورمن جو ته بنياد آن
پو ته ڪردار (عاجز) اهي ئي ڪجن
موت يا زندگي يا ڪفن يا وطن
ديس توساڻ منهنجو هي آهي وچن
عاجز سرگاڻي.

No comments:

Post a Comment