Realtime Hit Counter

Friday 16 March 2012

يورپ بابت امام انقلاب عبيد الله سنڌي جن جو فڪر:


يورپ بابت امام انقلاب عبيد الله سنڌي جن جو فڪر:

يورپ ۾ ٻه تحريڪون ڪم ڪري رهيون آهن: لبرل ازم ۽ مڪينڪل ازمُ. پهرين تحريڪ جو هي نتيجو نڪتو ته يورپ جا اڪثر ملڪ جمهوري بڻجي ويا. حڪومت بادشاه جي نالي سان هجي يا چونڊيل رئيس جي نالي سان؛ ٻنهي صورتن ۾ ملڪ جو ڪم پارليامينٽ جي راء ڏيندڙ (ميمبرن) جي مشوري سان ٿي رهيو آهي. اهڙي نموني جي حڪومت ۾ برطانيه يورپ لاء استاد وارو ڪم ڪندو رهيو آهي.

ٻئين تحريڪ بابت ڪجهه وضاحت سان بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي. گذريل صديءَ کان يورپ فقط اسان جي ملڪ کان نه پر اڪثر اوڀر وارن ملڪن کان تمام گهڻو ترقي ڪري چڪو آهي. اوهان ڄاڻو ٿا ته هيءَ ترقي مذهب يا تهذيب جي نه ٿي آهي. ڏسو! اسان جو ملڪُ اڄ تائين هزار ڪوششن باوجود هن معاملي ۾ هار نه ٿو مڃي. يورپ جي هيء ترقي اصل ۾ مڪنيڪل ازم ۾ آهي.

يورپي قومن ننڍي ڪم لاء ايتريون ته مشينون ٺاهيون(جوڙيون ايجاد ڪيون) آهن جو اوڀاريان ملڪَ ان جي مقابلي کان لاچار ٿي پيا آهن.
ظاهر آهي ته هي مشينون ڪاريگرن کان سواء ڪم نه ٿيون ڪن. انهن ڪاريگرن کي يورپ ۾ مزدور(ليبر) چيو ويندو آهي. اوهان انهن کي پنهنجي ملڪ وارو اڻ سکيل مزدور نه سَمِجهِجَو.

(سو) ان مزدور جماعت جو هڪ نمائندو برٽش ايمپائر جو پرائيم منسٽر (وزير اعظم) به رهي چڪو آهي.

مشين جي خاص ڳالهه هيء آهي ته اها ڪاريگرن(مزدورن ليبر) کي منظمُ ڪري ٿي ڇڏي. هڪ مشين سان ڪم ڪندڙ مزدورن (ليبر) جي جماعت جيسيتائين ايڏي متحد (يونائيٽ) نه ٿئي ڄڻ هڪڙو فرد هجي. تيسيتائين ڪاريگر (لبر مزدور) کي مانيءَ ڳڀو به نصيب نه ٿو ٿئي.
ڪتاب:
مولانا عبيد الله سنڌي تحريرون تقريرون
تان ورتل
۽ لکيو مون مسڪين جوکيو شفيق احمدد

No comments:

Post a Comment