Realtime Hit Counter

Wednesday 11 April 2012

صوفين جو ڪشف (الهامُ)؛ تعليمات امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جي روشنيءَ ۾!



صوفين سڳورن جي ڪشف مان مراد آهي ته اهي پنهنجي ڪشفي حالتن جي ذريعي مهديءَ ۽ مسيح جي ٻيهر لهڻ جو عقيدو رکن ٿا ۽ ان کي پنهنجي ڪشف مان ثابت ڪن ٿا، ۽ هي صوفين جي جماعت جا ماڻهو الاهيات جا وڏا عالم ٿيندا آهن، سندن عالم مثال سان تعلق هوندو آهي. انهن جو عقيدو هوندو آهي هوندو آهي ته عالم مثال جو هيٺيون طبقو اهڙو آهي جيڪو انهن انهن الاهيات جي عالمن الله جي ولين جي خيالن جو محافظ آهي. ان جي جاء جي باري ۾ انهن جو عقيدو هوندو آهي، اهو غلط هجي يا صحيح ان سان انهن جو ڪوبه تعلق نه هوندو آهي، ته هو جنهن شيءِ پنهنجو عقيدو سمجهندا آهن. اها انهن کي اتاهان کان منڪشف ٿيندي آهي، ان طرح جيترا به غلط مذهب آهن انهن جي اصليت به اهائي آهي.
اسان جي نظريه مطابق ڪشف ان صورت ۾ حجت بڻجي سگهي ٿو جڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته اهو قرآن حديث جي مطابق آهي ڇاڪاڻ ته ڪشفُ ته هر مذهب(ابراهيمي، يوناني، مسيحي صابئي، مجوسيت، ،زرتشتي،جين-متي، ٻڌ-متي، ويداني ۽ اسلام ) مذهب جي الاهيات جي ڄاڻندڙن کي ٿيندو آهي. حضرت شاه ولي الله پنهنجي ڪتاب ۾ تحقيق سان ثابت ڪيو آهي ۽ ان طرح شاه اسماعيل شهيد عبقات ۾ پڻ لکيو آهي ته عالم مثال جا ٻه طبقا آهن. هڪ ''اعليٰ'' طبقو جنهن ۾ شين جي حقيقت محفوظ آهي،اتي ڪابه غلط شيءِ نه آهي، اتي وهمي ڳالهيُنِ کي ڪوبه دخلُ ناهي هوندو ۽ ٻيو طبقو"ادنيٰ'' ۽ هيٺيون آهي، ان ۾ هر طرح جي خيالن جو خزانو آهي، غلط عقيدا، جول وارا خيال جيڪي انهن جي عقيدن ۾ شامل آهن ۽ انهن کي ان هنڌان منڪشفُ ٿين جتي غلط شيون، سوچون مذهب ۽ خيال صحيح ڏسڻ ۾ اچن، ته ان طبقي تي ڀروسو ڪرڻ ان ڳالهه جو دليل ناهي ته'' اُهَا ڳالهه حق آهي'' وڌيڪ تحقيق عبقاب ۾ ڏسو.
اسان جڏهن ان مسئلي کي قرآن حديث مان ثابت ڪري سگهون ته ڪشف جي ذريعي اسان تي ڪوبه الزامُ نه ٿو اچي سگهي. مطلب ته جيڪڏهن ڪو ڪشفُ وارو مسلمان ڪشفَ جي ذريعي ٻڌائي ته مهديءَ جي ظاهر ٿيڻ ۽ مسيح جي نازل ٿيڻ جو عقيدو صحيح آهي ته اسان ان کي ايستائين نه ٿا مڃي سگهون جيسيتائين اهو عقيدو قرآن حديث جي مطابق نه ٿو اچي سگهي. مٿي ٻڌائي چُڪا آهيون ته انهن جو عقيدو عالم مثال جي هيٺين ''ادنيٰ'' طبقي ۾ محفوظ رهندو آهي ۽ اهي ان جي مطابق ڪشف ڏسندا آهن، ان ڪري انهن جو هر ڪشفُ جيسيتائين قرآن ۽ حديث جي مطابق نه هوندو اسان لاء حجت نه ٿو بڻجي سگهي.
ورتل:-ڪتاب مولانا عبيد الله سنڌي جون تحريرون ۽ تقريرون.
سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، سنڌ.

No comments:

Post a Comment