Realtime Hit Counter

Friday 20 April 2012

رومي ءَ جي رهاڻ تهذيبن جو ٽڪراءُ ۽ مولانا رومي_نوراحمد جنجهي


رومي ءَ جي رهاڻ
تهذيبن جو ٽڪراءُ ۽ مولانا رومي
------نوراحمد جنجهي

تهذيبن جي ٽڪراءُ Clash of Civilizationsبابت نظريو ڏيئي مشهور آمريڪي اسڪالر سيموئل هٽنگٽن سڄيءَ دنيا ۾ بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي ته ڪيئن تهذيبن جو ٽڪراءُ پيدا ٿئي ٿو ۽ ڪيئن نيون تهذيبون جنم وٺن ٿيون يا جاءِ والارين ٿيون. حقيقت ۾ اهو تهذيبن جو ٽڪراءُ نه پر تهذيبن جو پاڻ ۾ ردِ عملReaction of Civilizations آهي.ٽڪراءُ وسيلن ۽ مفادات تي ٿيندو آهي ۽ تهذيبون اُن ٽڪراءَ ۾ ڍ ال طور ڪم آنديون وڃن ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻين تهذيبن کي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي۽ deculturization/ reculturization جو سلسلو جڳاندر جهونو آهي،جيستائين دنيا قائم آهي تيستائين سلسلو دائم آهي. انهيءَ تهذيبي اختلافي رد عمل جو مظهر عجم جي تهذيب هئي جيڪا عرب تهذيب جي ردعمل ۾ وجود پذير ٿي هئي. دنيا جي تاريخ ۾ انهيءَ عجمي انگ جو رنگ نيارو ۽ نرالو نظر اچي ٿو. هن تهذيب ڪيترائي گڻوان ماڻهو پيدا ڪيا جن دنيا تي پنهنجي اثر جي مهر هنئي آهي.انهن ۾ چئن شاعرن جي ڪتابن جيڪا مشهوري ماڻي آهي تنهن جو مثال گهٽ ملي ٿو. اُهي آهن؛شاهنامو فردوسيءَ جو، ديوان حافظ جو،گلستان سعديءَ جو ۽ مثنوي مولانا روم جي. انهن ۾ وري مثنوي مڙني کان گوءِ کنيو بيٺي آهي ۽ مولانا رومي جي فڪر سموريءَ دنيا جي ذهن کي متاثر ڪيو آهي.
مولانا جلال الدين رومي رحمته الله عليه به ڪنهن وقت عجم جي نالي سان سڏجندڙ هن تهذيب جي باغ جو اهو گل آهي جنهن جي خوشبوءِ تصوف جي اٿاهه واديءَ ۾ جا به جا انساني ذهن کي واسيو آهي. سندس شاعريءَ ۽ ان ۾ موجود پيغام ۽ ان پيغام جي تصوف جي دنيا تي اثر جو جائزو وٺڻ کان پهرين اچو ته مولانا صا حب جي زندگيءَ جو احوال اوريون.
مولانا جلال الدين رومي، فخر الدين رازيءَ جي همعصر درويش شيخ بهاوالدين جي گهر ۾،خراسان جي شهر بلخ (موجوده افغانستان) ۾ 29سيپٽيمبر 1207تي پيدا ٿيو. ان وقت جو بادشاه خوارزم شاه، شيخ بهاوالدين جو معتقد هو. جلالالدين رومي،جڏهن 6سال عمر جو ٿيو تڏهن سندس والد پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي،نيشاپور آيو جتي هنجي ملاقات، پندنامي ۽ منطق الطير جهڙا عظيم ڪتاب لکندڙ شيخ فريدالدين عطار سان ٿي . خو اجه صاحب ننڍڙي جلالالدين تي نظر وجهندي ئي شيخ بهاو الدين کي چيو ته،هن ٻچي جي لڪل جوهر جو خيال رکجو، ڇوته سپوٽ پٽ پينگهي ۾ پڌروهوندو آهي. خواجه صاحب پڙهڻ لاءِ پنهنجي مثنوي پڻ ڏني. نيشاپور کانپوءِ، شيخ بهاوالدين بغداد ويو،جتي ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ حجاز ۽ شام مان ٿيندي،زنجان پهتو ۽ پوءِ لارنده وڃي نڪتو. ڪافي وقت لارنده ۾ رهيا ۽ ننڍڙو جلالالدين هاڻي 18سال جو ٿي چڪو هو تنهنڪري سندس شادي ڪرائي ويئي ۽ کيس جلد ئي پٽ ڄائو جنهن تي رشيد سلطان نالو رکيو ويو. بغداد ۾ ترسڻ دوران مولانا صاحب جي نامکاران وقت جي بادشاه ڪيقباد تائين پهچي چڪي هئي ۽ هن شيخ بهاوالدين کي گذارش ڪئي ته هو اچي قونيه (ترڪي) ۾ اچي رهي.قونيه ان وقت جي سلجوق سلطنت جي راڄڌاني هئي.انهي دعوت جي موٽ کي مان ڏيندي شيخ بهاوالدين اچي قونيه ۾ آباد ٿيو ۽ زندگيءَ جا باقي ڏهاڙا اتي گذاريائين. مولانا جلالالدين پڻ پنهنجي پيءَ کان علم حاصل ڪندو رهيو ۽ ظاهري علمن ۾ ڀڙ ٿيو .هاڻي سندس اٿي ويٺي وقت جي عالمن سان ٿيڻ لڳي.سندس علم جي هاڪ ۽ڌاڪ هندين ماڳين ۽ پرکنڊين پڌري هوندي هئي.پر مولانا جلالالدين روميءَ جو بدلجي مولاءِ روم ٿيڻ پويان جنهن هستي جي صحبت ۽ نظر ڪرم ڪارفرما آهي سو شمس تبريز آهي.جنهن مٿس توجه ڪندي کيس اهڙي رڱ ۾ رڱي ڇڏيو جنهن نه کُنڀ ٿو کاري سگهي ،نه ڪو رڱ ڪاٽ ان رڱ کي اُڏائي سگهي ٿو. شمس تبريز سان مولانا جلا ل الدين روميءَ جي ملاقات بابت مختلف روايتون آهن،جن مان هڪڙي روايت ڪجهه هن ريت آهي. هڪ ڏينهن مولانا جلالالدين رومي پنهنجي مدرسي ۾ کٿابين کي سبق ڏيئي رهيو هو ته شمس تبريز فقيراڻي لباس ۾ آيو ۽ ايندي وجداني ڪيفيت ۾ مولانا اڳيان رکل ٿلهي ڪتاب ڏا نهن اشارو ڪندي پڇيائين، مولانا اين چيست؟يعني مولانا هيءُ ڇا آهي؟ مولانا پنهنجي علم جي بانور جي زور تي رکي انداز ۾ جواب ڏنو،فقيري! اين قال است ،تو نمي دانم. يعني اي فقير! هيءَ اهڙي ڳالهه آهي جيڪا تون نٿو سمجهين. فقير ويچارو مولانا صاحب جي آڪري ورندي ٻڌي، کُڙين تي ڏنو ۽ کسڪي ويو.ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ ڏينهن اهڙو سيلاب آيو جنهن مولانا جي ان سموريءَ آڪڙ کي لوڙهي ۽ٻوڙي ڇڏيو۽ان مان معرفت جو جيڪو چشمو ڦٽي نڪتو،تنهن سڄي دنيا کي مسحور ۽ مخمور ڪيو. سڄي دنيا ان کي مثنوي معنوي جي نالي سان ڄاڻي سڃاڻي ٿي،جنهن لاءِ نسيما جانب بطحا جهڙي خوبصورت ۽ پراثر نعت سڳوري لکندڙ شاعر مولانا عبدالرحمان جامي فرمايو آهي ته مولانا روم پيغمبر ته نه هو پر صاحب ڪتاب هو،جيئن ڊاڪٽر محمد اقبال، داس ڪيپيٽال جي مصنف ڪارل مارڪس لاءِ پنهنجي شعر ۾ هن ريت اظهار ڪيو آهي؛
نيست پيغمبر وليڪن در بغل دارد ڪتاب (پيغمبر نه هو پر سندس ڪڇ ۾ ڪتاب هو)
سو ٿيو ايئن، جو هڪ ڏينهن ٻپهريءَ جو جڏهن مدرسي جا سمورا شاگرد ماني کائڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن ويل هئا ۽ مولانا مانجهاندو ڪرڻ کانپوءِ قيلولي ۾ هو.ان مهل ساڳيو فقير شمس تبريز ڪٿان اچي مدرسي ۾ نڪتو۽ ڪتبخاني ۾ رکيل سمورا قلمي نسخا کڻي، ڀر واري پاڻي جي حوض ۾ اڇلائي ڇڏيا.هو آخري ڪتاب اڇلائي رهيو هو ته گهران موٽندڙ ڪنهن کٿابيءَ کيس ڏسي ورتو ۽ وٺي جو رڙيون ڪيائين ته ٻيا شاگرد به اچي گڏ ٿيا ۽ فقير کي جهلي ورتائون.هل هنگامي تي مولانا به جاڳي پيو جنهن جڏهن ماجرا ڏٺي تڏهن سندس پيرن هيٺيان زمين نڪري ويئي ۽هو ڪاوڙ۾ تپي ٽامڻي ٿي ويو،ڇاڪاڻ ته سندس لائبريريءَ جا سمورا قيمتي قلمي نسخا،مدرسي جي حوض جي تري سان ملاقي ٿي چڪا هئا. سڀئي شاگرد ۽ مولانا اچي حوض تي بيٺل فقير تي ڪاوڙ ۾ وسڻ لڳا،تڏهن فقير شمس تبريز حوض ۾ پنهنجو هٿ وجهي،هڪڙو ڪتاب ٻاهر ڪڍي هٿ سان ڇنڊيو ته ڪتاب مان دز نڪري رهي هئي،تنهنتي مولانا حيران ٿيندي پڇيو ته،فقيري! اين چيست؟يعني اي فقير! هيءُ ڇا آهي؟فقير وراڻيو،مولانا! اين حال فقيري است ،تو نمي دانم.يعني اي مولانا!هيءُ فقيرن جو حال آهي جنهن کي تون نٿو سمجهين. اهو ٻڌڻ شرط مولاناصاحب جا وڃي چئونڪ لڳا ۽ بيهوش ٿي ڪري پيو.فقير اڇا اڇا پير ڏيندو کسڪي ويو.مولانا کي جڏهن هوش آيو ته اُٿيو ۽ مدرسي کان موڪلائي،فقير جي تلاش ۾،پيرن ۾ کرڪڻا پائي، سڪا سنڊ ڪڇ ۾ وجهي،روانو ٿيو،نيٺ وڃي ، ڳولهي فقير کي لڌائين ۽ سندس مريد ٿيو ۽ مولانا جلال الدين مان مولاءِ روم بڻجي ويو،جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعريءَ ۾ به ڪيو آهي ۽ سندس سلوڪ جي وٽ جا موتي سندس مثنوي ۽ ديوان شمس تبريز جي صورت ۾ وراهيا آهن. مثنويءَ کي دنيا ۾ وڏي مقبوليت ۽ مڃتا ملي آهي.
مولانا جلال الدين رومي67 ورهين جي عمر ۾ 16۽17ڊسمبر جي وچ واريءَ رات جو 1273ع ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس وفات کي 800 ورهيه ٿيا آهن پر هنجو ڪلام ۽ ان ۾ سمايل پيغام زمانن جي ذهن ۽ ضمير کي سيراب ۽ سرسبز ڪندو رهيوآهي. سموريءَ مسلم دنيا سان گڏوگڏ،مولانا روميءَ جو پيغام يورپ جي تعليم يافته ذهنن تي پڻ ڇانيل رهيو آهي.انهيءَ ڳانڍاپي لاءِ جنهن شخص جو نالو ۽ ڪم اهم آهي اُهو آهي مسٽر اي آر نڪلسن، جنهن 1925کان وٺي 1940 تائين سڄا سارا پندرهن سال نُور نچوئي،مثنويءَ کي ايڊٽ ڪري، انگريزي ڄاڻندڙن لاءِ ڀلوڙ تحفو مهيا ڪيو. ان کانپوءِ اهو پيغام ،آمريڪا تائين پهتو. بي بي سي جي هڪ رپورٽ مطابق رومي آمريڪا ۾ هردلعزيز شاعر جي حيثيت سان مڃتا ۽ مهانتا ماڻي چڪو آهي. سندس شاعريءَ جون سي ڊيز، پوسٽر۽ ٽي شرٽون آمريڪي معاشري ۾ عام جام آهن. مشهور ڳائڻي ميڊونا پنهنجي ڳائڻ ۾ روميءَ جي مثنويءَ جون سٽون شامل ڪندي انهن کي ڳايو آهي. سان فرانسسڪو ڪرانيڪل مطابق، گذريل ڏهن سالن ۾ مثنويءَ جون 500،000 ڪاپيون آمريڪا ۾ وڪرو ٿيون آهن. انساني ذهن تي ايتري گهري ڇاپ ڇڏيندڙ، مولانا روميءَ جي پيغام جو اثر،سنڌي شاعريءَ تي به رهيو آهي.سنڌي زبان جي بقا جي ضامن شاعرشاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري انجو وڏي ۾ وڏو مثال آهي.شاه سائين سدائين پاڻ سان گڏ جيڪي ٽي ڪتاب ساڻ رکندو هو تن ۾ قرآن شريف، شاه ڪريم جي ڪلام سان گڏ مثنوي هوندي هئي،جنهن لاءِ هست قرآن در زبان پهلوي چيو ويو آهي.شاه سائين پڻ تتبع ڪندي، فرمايو آهي؛
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نيو من لائين،پريان سندي پار ڏي.
مثنوي معنوي جي شروعات،درد جي داستان ۽ جدائيءَ جي جهوراڻي سان ٿئي ٿي. اها ڪهاڻي ٻڌائيندي بانسريءَ کي اُهڃاڻ بڻائيندي،تصوف جا انتهائي لطيف نڪتا سمجهائيندي، رومي صاحب علم ۽ عرفان جا اُهي نڪتا نروار ڪيا آهن جن ڪروڙين ذهنن جي خيال کي نت نئين شاهوڪاري بخشي آهي. هن بانسريءَ جي اُهڃاڻ جي اوٽ ۾ روح ۽ جسم جي تعلق کي بيان ڪيو آهي ته ڪيئن پڙاڏو ۽ سڏ گڏ هئا پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا ۽ ڪيئن وري گڏ ٿيندا. نفس جيڪو ٽن روپن ۾ ظاهر ٿئي ٿو سو اِماره کان لوامه وسيلي ڪيئن مطمنئه تائين جون منزلون ماڻي ٿو ۽ يقين جي ٽنهي منزلن يعني علم اليقين،عين اليقين ۽ حق اليقين جو سير ڪري ٿو.ڪثرت ڪيئن وحدت جي وجود مان نڪتي آهي ۽ وري واپس وحدت ڏانهن ڪيئن موٽ کائيندي. انسان پڻ هن ڪائنات ۾ سدائين سرگردان رهندي ، اُڃاري آهوءَ وانگر نه ڄاڻ ڪيترين رڃن پويان ڊوڙندو رهي ٿو يا وري هو هماءَ پکيءَ جيان سدائين اُڏام ۾ آهي. ان خيال کي ڀٽائي پڻ ونڊيو آهي؛

جيئن سو هرڻ هماءُ، سرگردان هن سنسار ۾،
هيءُ پير نه ڌرين پٽيين، هُو سر ڌڙ ڌري نه ساه،
جيڪس تن ملاءُ، سسئي سور پرائيا.
اهڙيطرح روح کي به سڪون پنهنجي اصل سان ميلاپ کانپوءِ ئي ٿيندو،تيئن بانسري پنهنجي اظهار ۾ درد جا دُنگ اوڳاڇي ٿي.مثنويءَ جي شروعات هن ريت ٿئي ٿي؛
بشنو از ني چون حڪايت مي ڪند ......وز جدائيها شڪايت مي ڪند
ٻڌ! بانسري ڪهڙي حڪايت ڪري ٿي...۽ جدائيءَ جي ڪهڙي شڪايت ڪري ٿي،
ڪز نيستان تا مرا ببريده اند........از نفرم مرد و زن ناليده اند،
جيئن مونکي بانس مان چيريو ويو.... منهنجي رڙ سان سڀئي مرد ۽ عورت روئن ٿا،
سينه خواهم شرحه شرحه از فراق......تابگويم شرح دردِ اشتياق،
جدائيءَ جو جهوريل کپي سينو....ٻڌايان جنهن کي درد جو دفينو،
هر ڪسي ڪو دور ماند از اصل خويش...باز جويد روزگارِ وصلِ خويش،
جيڪو اصل کان ٿئي ٿو ڌار.....کيس لڳي ٿي وصل جي تار.
روميءَ جي انهي رهاڻ تصوف جي تاڃي پيٽي کي متاثر ڪيو آهي ۽ تصوف جي اڪٿ ميدان جي شهسوران ان ميدان تي خيالن جا گهوڙا ڊوڙائيندي اهي املهه موتي آڇيا آهن جن جهلڪ به هن ميدان جي پياسي پانڌيئڙن جي اُڃ اُجهائي سگهي ٿي. لطيف سائين پڻ رومي صاحب کان متاثر ٿيندي، پنهنجي آيت نما بيتن ۾ هن ريت معنى جا موتي آڇيا آهن؛

طالب قصر،سونهن سر، اندر روميءَراءُ،
جني ڏٺي جاءِ،تني ڪڇيو ڪينڪي.

طالب قصر،سونهن سر، اي روميءَ جي رهاڻ،
پهرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرينءَ کي.

طالب قصر،سونهن سر، ايءَ روميءَ جي راحت،
جني ڏٺي سٿ،تنٿ ڪُڇيو ڪينڪي.

طالب قصر،سونهن سر، اي روميءَ جي اوطاق ،
پچين در فراق، ته منجهه ئي مشاهدو ماڻيين.
تنهنڪري هن هڻ هڻان ۽ دهشتگريءَ جي دور ۾ به مولانا روميءَ جو پيغام ۾ وڏي معنى رکي ٿو ۽ اهو دڳ ڏيکاري ٿو،جنهن تي پڳ ڌري دنيا امن،آشتي،چين،سڪون ۽ سرهائيءَ ڏانهن وک وڌائي ، پنهنجي منزل ماڻي سگهي ٿي،اُها منزل جنهن لاءِ اڄ به دنيا اُڃاري هرڻ جيان،ٺلهن دوکن پويان ڀٽڪي رهي آهي ۽ تهذيبن جي رد ِ عمل کي تهذيبن جي ٽڪراءَ جو نالو ڏيئي،دنيا ۾ موجود وسيلا لُٽڻ لاءِ، تهذيب ڪشي ۽ تهذيب زني ڪئي پئي وڃي.مولانا رومي ان سموري سفر ۾ دنيا لاءَ سونهين جي حيثيت رکي ٿو.
noorjanjhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment