Realtime Hit Counter

Wednesday 20 June 2012

پنهنجي پاران ايڊيٽوريل الصادق -کڏو ڪراچي، سنڌ




پنهنجي پاران


اڄ ڪلهه ڪراچي ۽ سنڌ جو اصطلاح خصوصاً پنهنجي پاڻ کي مهاجر سڏائيندڙن ۾ عام ٿيڻ لڳو آهي جنهن جو سنڌي اخبارن به نوٽيس وٺڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ان سان گڏوگڏ نون صوبن جي تشڪيل جي ڳالهه به هلندڙ آهي ۽ ايم ڪيو ايم پاران قومي اسيمبلي ۾ 20 ترميم جو بل به پيش ڪيو ويو آهي. انهي صورتحال ۾ اهي شڪ ۽ شبها سنڌي ماڻهن ۾ عام ٿي ويا آهن بلڪه ٻيا غير سنڌي مثلاً پنجابي ۽ پٺاڻ به ائين چوڻ ۽ محسوس ڪرڻ لڳا آهن ته ايم ڪيو ايم طرفان اها ڳالهه درحقيقت ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري الڳ صوبو يا اسٽيٽ بنائڻ ڏانهن پهريون قدم آهي.
انسان جا جيڪي ڪم آهن ان ۾ سندن نيتن جو وڏو عمل دخل هوندو آهي، بلڪه ان جي قول ۽ فعل جو مدار ئي ان جي نيت تي هوندو آهي. رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ”انما الاعمال بالنيات“ عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. (بخاري)
اهڙي قسم جا يا ان سان ملندڙ جلندڙ اصطلاح اسان وٽ به استعمال ٿيندا رهيا آهن. جيئن مثال طور اسين کڏي ۾ رهون ٿا پر کڏي ۽ نوآباد جي وچ ۾ آهيون جيڪڏهن اسان وٽان ڪير کڏي جي اندرين پاسي ڏانهن ويندو آهي ته چونداسين ته کڏي ڏانهن ويو آهي حالانڪه اسين پاڻ به کڏي ۾ ويٺا آهيون. اهڙي ئي نموني ڪراچي کان جيڪڏهن سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ يا ٻئي شهر ڏانهن ڪير ويندو آهي ته عام طرح چوندا آهن ته سنڌ ويو آهي پر حاشاوڪلا ان مان هتان جي ماڻهن جي وهم و گمان ۾ به ڪڏهن اها ڳالهه نه آئي هوندي ته ڪو ڪراچي سنڌ ڪونهي يا سنڌ ۽ ڪراچي ڌار آهن، بلڪه هو ڪراچي کي سنڌ ۽ ان جو دل سمجهن ٿا، جنهن جي بغير انسان زنده نٿو رهي سگهي. ائين ڪراچي جي بغير سنڌ زنده نه رهي سگهندي ڇو ته اهو ان جو هڪ اهڙو حصو آهي جيڪو مرڪزي حيثيت رکي ٿو. اهڙي ئي قسم جا لفظ ٿر ۽ ڪوهستان ۾ اوهان کي ملي سگهن ٿا، جو ٿر ۽ ڪوهستان وارا چون ته ماڻهو سنڌ ويو آهي يا هي مهمان سنڌ کان آيو آهي وغيره.
هتي ڪو اهو اعتراض ڪري ته اوهان وٽ به جڏهن عام ماڻهو اهڙو اصطلاح استعمال ڪن ٿا ته پوءِ ايم ڪيو ايم جي اهڙي اصطلاح استعمال ڪرڻ تي اوهان کي اعتراض يا شڪ ڇو آهي ته هو ڪراچي کي سنڌ کان ڌار سمجهن ٿا ۽ ڌار ڪرڻ جا منصوبا جوڙين پيا؟ انهي جو جواب اهي ته اسان جي عام ماڻهو ۽ ايم ڪيو ايم ۾ نيتن جو فرق آهي، انهي تي اعتراض ٿئي ته نيت ته دل جو عمل آهي انهي بابت اوهان کي ڪيئن خبر پئجي سگهي ٿي؟ ان جو جواب هي آهي ته انسان جو قول و عمل ٻڌائي ٿو ته ان جي نيت ڇا آهي. قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ جو فرمان منافقن بابت آهي:
اَمۡ حَسِبَ الَّذِیۡنَ فِیۡ  قُلُوۡبِہِمۡ مَّرَضٌ اَنۡ  لَّنۡ یُّخۡرِجَ اللّٰہُ  اَضۡغَانَہُمۡ ﴿۲۹﴾  وَ لَوۡ نَشَآءُ  لَاَرَیۡنٰکَہُمۡ  فَلَعَرَفۡتَہُمۡ بِسِیۡمٰہُمۡ ؕ وَ  لَتَعۡرِفَنَّہُمۡ  فِیۡ لَحۡنِ الۡقَوۡلِ ؕ وَ اللّٰہُ  یَعۡلَمُ  اَعۡمَالَکُمۡ  ﴿۳۰﴾
ترجمو: ”جن جي دلين ۾ بيماري (پيل) آهي تن ڀانيو آهي ڇا ته الله سندن (دلين جا) ساڙ ڪڏهن پڌرا نه ڪندو؟ ۽ جيڪڏهن گهرون ها ته اهي توکي ڏيکاريون ها پوءِ سندن چهرن مان کين سڃاڻين ها ۽ ضرور کين ڳالهائڻ جي ڍنگ ۾ معلوم ڪرين ها ۽ الله اوهان جا ڪم ڄاڻندو آهي. (سورة محمد آيت 29-30).
سو، ايم ڪيو ايم جي نيت انهن جي ڳالهين ۽ ڪمن مان واضح آهي. انهن جو چوڻ آهي ته اسان سنڌ جي ورهاڱي جي يا ڪراچي کي صوبو بنائڻ جي ڳالهه نٿا ڪريون ڇو ته ”في الحال“ اهڙو ڪو مطالبو ڪونهي. اهو جيڪو ”في الحال“ آهي ان مان ئي سڄي خبر پوي ٿي ته نيت ڇا آهي؟ ان کان علاوه انهن 20 ترميم جي بل ۾ آئين جي آرٽيڪل 239 جي شق 4 کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه آهي جنهن ۾ اها ڳالهه آهي ته متعلقه صوبي جي اسيمبلي به ٻه ڀاڱي ٽي 2/3 اڪثريت سان نئين صوبي جي بل جي منظوري ڏئي. ان ترميم سان درحقيقت اڳيان جو رستو صاف ڪرڻو آهي. هونئن به ڪراچي ۾ عملاً گورنر راڄ نافذ آهي. وزيراعليٰ ۽ وزير داخله وغيره کي ڪراچي جي معاملن ۾ دخل اندازي جو ڪو حق ڪونهي، امن و امان جو مسئلو هجي يا ٻيو ڪو انتظامي معاملو، گورنر هائوس ۾ اجلاس ٿين ٿا ۽ گورنر هائوس مان احڪامات جاري ٿين ٿا.
ڪمشنري نظام ۽ 1979 جي بلدياتي نظام جي بحالي جي باوجود عملاً مشرفي نظام لاڳو آهي. ڪراچي جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ماڻهن جي داخلا تي پابندي آهي. ڪراچي جي تاريخ کي بدلائڻ جي ڪوشش مان چند سال اڳ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ روينيو جي رڪارڊ کي هٿ سان باهه ڏني ويئي، جنهن جي تحقيقات اڃا تائين نه ٿي آهي. I own Karachi جي نالي ۾ ڪراچي کي انهن ماڻهن جو ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، جيڪي ٻاهران آيل ماڻهو آهن. وري مزي جي ڳالهه ته اها آهي جو ڪراچي تي پنهنجي حقداري جتائڻ وارن مان ڪوبه پاڻ کي ڪراچي ڏانهن منسوب نٿو ڪري بلڪه اڃا تائين دهلوي، رامپوري، امروهي، لکنوي وغيره وغيره جي نالن سان سندن سڃاڻپ ڪرائن ٿا ۽ سڃاتا وڃن ٿا.
انهن سڀني ڪمن کي ڏسبو ۽ پوءِ زباني دعوائن کي ڏسبو ته انهن ۾ تضاد نظر ايندو. زبان سان چوندا ته سنڌ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، پر عملاً سنڌ کان پاڻ کي ڌار ڪرڻ لاءِ هر ڪوشش ڪندا نظر ايندا. سنڌ جي ماڻهن سان زبان مٺي ۽ دل ۾ نفرت نظر ايندي. جيئن حديث ۾ آهي ته آخري دور ۾ اهڙا ماڻهو ايندا جيڪي پنهنجي دين کي دنيا عيوض وڪڻندا، ”السنتهم احليٰ من السڪر وقلوبهم قلوب الذئاب“ سندن زبانون کنڊ کان وڌيڪ مٺيون هونديون ۽ سندن دل بگهڙن جا دل هوندا. (مشڪوٰة)
ايم ڪيو ايم کي ٺاهڻ ۾ پناهگير دانشورن ۽ سياستدانن ٻنهي جو هٿ هو. ڪراچي تي، پنجابين، ۽ پٺاڻن کي ڪنٽرول جو چڱو موقعو ايوب خان جي دور کان وٺي ضياءَالحق جي دور تائين مليو جنهن لاءِ پناهگير دانشورن ۽ سياستدان جن جو مختلف پارٽين ۽ گروپن سان تعلق هو، قومي مومينٽ هلائڻ لاءِ باقاعده آخري منصوبو ٺاهڻ لاءِ گڏجاڻيون ڪرڻ لڳا. سائين حافظ محمد اسماعيل رحمة الله عليه، الصادق ج 9 ش 12، ڊسمبر 1987ع جي ايڊيٽوريل ۾ ”لکن ٿا:
 ”انهن گڏجاڻين جي پوري معلومات مونکي ڇهه ست سال اڳ (غالباً 1980 کان ئي) ملي هئي ۽ انهن ۾ انهن گڏجاڻين جو آخر فيصلو ائين ٿيو ته جيڪي سياستدان ۽ دانشور پاڪستان ليول تي مختلف پارٽين ۽ گروپن ۾ آهن اهي انهن ۾ رهي ڪم ڪن ۽ اندروني طرح متحد رهن. باقي ظاهري طرح نوجوانن کي اڳتي آڻي قوميت جي تحريڪ باقاعدي هلائجي ۽ اندروني طرح سڀئي مهاجر گڏ رهن، ظاهري مخالفت به ٿئي تان ته ٻين پارٽين کي تسلي رهي.... اهڙي طرح موجوده مهاجر (؟) نيشنلزم جي تحريڪ ايم ڪيو ايم جي تنظيم جي شڪل ۾ اڳتي آندي ويئي...... لوڪل باڊيز جي اليڪشن کانپوءِ مختلف پارٽين جي اهم پناهگير ليڊرن جا جيڪي بيان اچن پيا ان مان اوهان آساني سان اندازو لڳائي سگهندا ته اندروني طرح سڀ مليل آهن. 1980ع کان انهن اندروني گڏجاڻين جو احوال مونکي انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ هڪڙي مهاجر دانشور جي ذريعي معلوم ٿيو ۽ ان مون کي اهو چتاءُ به ڏنو ته سنڌين کي مهاجرن تي ڪڏهن به اعتماد نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهي ڪڏهن به ڪنهن سان وفادار ڪونه رهيا آهن ۽ انهن ڪڏهن به ان سر زمين سان واسطو نه رکيو آهي جتي هي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته جڏهن اهي يوپي وغيره ۾ هئا ته اتي به مقامي ماڻهن کان پاڻ کي ڌار ۽ مٿانهون سمجهندا هئا، هتي به پاڻ جو افغان، ايران، ماوراء النهر، ترڪي، سمرقند، بخارا وغيره سان واسطو ڄاڻائيندا هئا انهن مان هر ٻيو گهر پاڻ کي سيد چوندو هو ڪي نقوي ته ڪي جعفري، رضوي، علوي، عثماني، فاروقي، صديقي، ته ڪن ٻين نسبتن سان پاڻ کي چورائيندا هئا. انهن جيڪا تحريڪ شروع ڪئي آهي ان جو اصل مقصد سنڌين جي مٿي تي هٿ ڦيرائي پنجابين پٺاڻن کان جند ڇڏائي سڄي سنڌ تي ڪنٽرول ڪرڻ آهي ۽ سنڌ جو نالو به ڦيرائي ”باب الاسلام“ رکندا ۽ ضرورت محسوس ڪندا ته پاڪستان کي ٽوڙڻ ۾ پورو حصو وٺندا ڇو ته انهن وٽ پاڪستان رڳو ايستائين مقدس آهي جيستائين سندن مفاد حل ٿئي جيڪڏهن انهن کي پاڪستان رهڻ سان مفاد حاصل نه ٿيندو ته پاڪستان کي جهنم رسيد ڪرڻ لاءِ به فوري عمل ڪندا ۽ پوءِ سنڌ کي آزاد ڪرائي سڄي تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ڏسندا ته ان مسئلي ۾ سنڌين تي غالب نه ٿي سگهندا ته آخري منصوبي طور انهن جو اهو پلان آهي ته ڪراچي کان حيدرآباد تائين وارو ٽڪرو ڌار ڪري وڃن.“
(الصادق ج 9 ش 12، ڊسمبر 1987ص، 37-29).
1987ع ۾ سائين حافظ صاحب جيڪي ڳالهيون لکيون آهن. اڄ 24، 25 سال گذرڻ کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو هن ليک کي سچ ثابت ٿو ڪري. ان وقت به هي ڪو مفروضو يا الزام يا ذهني خيال ۽ وهم ڪونه هو. ان جو ثبوت انهن پناهگير ليڊرن جي ڳالهين ۽ عملن مان پڌرو هو. اها جماعت جيڪا پاڪستان ۾ دين جي ٺيڪيدار جماعت آهي جنهن کي جماعت اسلامي چيو ٿو وڃي جيڪي مودودي صاحب جا پوئلڳ آهن پاڪستانيت ۽ اسلاميت کان سرشار، انهن جي مهاجر اڳواڻن جا بيان ۽ ليک اوهان پڙهي ڏسندؤ ته اوهان کي ايم ڪيو ايم جي ڪنهن ليڊر ۽ ليکڪ ۽ انهن اسلامي ليڊرن ۽ ليکڪن ۾ ڪو فرق محسوس نه ٿيندو، بلڪه جيڪڏهن اوهان کي اها ڳالهه اڳواٽ معلوم نه هجي ته هي ڪنهن جماعت اسلامي جي ليڊر جو بيان يا ليک آهي ته اوهان مضمون پڙهي ان کي هڪ متعصب ۽ سنڌين کان متنفر پناهگير جو بيان ۽ ليک قرار ڏيندا. نموني طور اڄ نه بلڪه انهي ساڳي دور بلڪه ان کان به سال اڌ اڳي جي هڪڙي اهڙي ئي بيان ۽ ليک جو حوالو هتي لکون ٿا جنهنجو ان وقت ماهوار الصادق جي ايڊيٽوريل ۾ به ذڪر ٿيو هو، اهو پڙهي ڏسو:
27 جنوري 1985ع جي روزنامه ”جسارت“ ڪراچي ۾ ڪراچي جي ميئر مسٽر عبدالستار افغاني جي هڪ بيان تي ايڊيٽوريل ڇپيو آهي. ان بيان ۾ مسٽر افغاني ڪراچي سان ٿيل زيادتين جو ذڪر ڪيو آهي ته ”ڪراچي جا حق مرڪز ڦٻائي ويٺو آهي.“ ان بيان کي بنياد بڻائيندي مذڪوره اخبار پنهنجي ادارتي نوٽ ۾ لکيو آهي ته ”ڪراچي کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ سان ناانصافي ڪئي ويئي آهي ۽ سنڌ کي ڪوٽا سسٽم واري سياسي رشوت ڏيئي ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ روا رکيو ويو آهي. ٻئي طرف ڪراچي وارن جي احساس محرومي هن ڪري به وڌندي رهي ٿي جو هو ڏسن ٿا ته سندن شهر ۾ روزانو هزارين ماڻهو پنجاب ۽ سرحد کان ريلن ۾ سٿجي سيلاب وانگر بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اچي رهيا آهن ۽ هتي جتي ڪٿي ڪچيون آباديون ٺاهي رهيا آهن ۽ جرمن جي واڌاري جو سبب بڻجي رهيا آهن ۽ صحت ۽ صفائي جي حالت به بگڙجي رهي آهي...“
(الصادق ج 7 ش 2، فيبروري 1985ع ص 2).
هن ايڊيٽوريل مان معلوم ٿيندو ته انهن جي سوچ هڪڙي آهي توڻي جو اهي مذهبي سڏرائيندا هجن يا سيڪولر، ڪنهن به پارٽي سان واسطو رکندا هجن، ۽ ڪراچي ۽ سنڌ کي ڌار ڌار سمجهڻ يا اها اصطلاح بدنيتي سان استعمال ڪرڻ ڪو اڄ جي ڳالهه ڪانهي، بلڪه اها پراڻي ڳالهه آهي.
سائين حافظ صاحب جيڪا ڳالهه لکي هئي ته پنجابين ۽ پٺاڻن مان جند ڇڏائڻ لاءِ سنڌين جي مٿي تي هٿ ڦيرائيندا. اهو به هلي پيو، بلڪه 1985ع ۾ به ڏسو ته پنجابين ۽ پٺاڻڻ جي لوڌ جو ذڪر ڪن پيا، هندوستان کان ايندڙ پناهگيرن جي لوڌ جو ذڪر نٿا ڪن، پر هو سنڌي ماڻهو جو به ڪراچي اچڻ ۽ ڪراچي ۾ هئڻ کي پسند نٿا ڪن تنهنڪري ڏسو ته ڪراچي جي تعليمي ادارن جا دروازا سنڌي ماڻهو تي بند آهن.
اڄ ڪلهه پٺاڻن ۽ مهاجرن ۾ ڪراچي اندر مفادن جي ويڙهه هلي رهي آهي جنهن لوڌ بابت ان وقت کان واويلا ڪن پيا، هينئر انهن کي محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪراچي ۾ مهاجر اقليت ۾ اچي ويندا جيڪڏهن پٺاڻن جي لوڌ کي نه روڪيو ويو، ٻئي پاسي پٺاڻن جون سيڪولر ۽ مذهبي تنظيمون به پٺاڻن جي پشت پناهي ۾ ٻانهن ٻيلي آهن. 2009 مئي جي 23 تاريخ جي ڪاوش اخبار جي رپورٽ پڙهو:
”جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن، صدر آصف علي زرداري سان فون تي رابطو ڪري احتجاج ڪيو آهي ته سوات ۾ آپريشن متاثرن کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ سٺو عمل ناهي. جي يو آءِ دعويٰ ڪئي آهي ته صدر آصف علي زرداري ان مامري جو نوٽس جي خاطري ڪرائي. ٻئي طرف اطلاع آهن ته سوات آپريشن متاثرن جي بسن کي روڪڻ واري مامري تي اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي جي به صدر سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.“
اهڙي ساڳي خبر روزاني اخبار جنگ ڪراچي 23 مئي 2009ع ۾ به پڙهي سگهجي ٿي.
ٻئي پاسي جي يو آءِ سنڌ جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ سوات آپريشن جي متاثرين جي سنڌ ۾ آبادڪاري جي مخالفت ڪئي ويئي آهي. خبر هن طرح آهي:
”جي يو آءِ به پٺاڻن جي آبادڪاري کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
    سنڌ پنجاب سرحد سيل ڪرڻ جو مطالبو
خبر موجب گذريل رات دير سان جي يو آءِ سنڌ جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس مولانا عبدالصمد هاليجوي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، مولانا مير محمد ميرڪ، مولانا سراج شاه امروٽي، قاري ڪامران، گل انقلابي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ حڪومت کي چتاءُ ڏنو ويو ته سوات ۾ فوجي آپريشن فوري طور بند ڪئي ويئي. ٻي صورت ۾ جي يو آءِ حڪومت کان ڌار ٿي ويندي. اجلاس ۾ سوات آپريشن سبب لڏ پلاڻ ڪندڙ پٺاڻن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪندي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته پٺاڻن سميت سمورن ڌارين جي يلغار کان سنڌ کان محفوظ رکڻ لاءِ سنڌ پنجاب سرحد سيل ڪئي وڃي.“ (روزاني اخبار پاڪ سنڌ سکر 23 مئي 2009ع).
”...... اجلاس میں حکومت سندھ کی جانب سے متاثرین آپریشن سندھ میں آبادکاری کے فیصلے کی مخالفت میں بھی قرارداد منظور کی گئی۔ (روزنامہ ”کلیم“ سکھر 23 مئی 2009ء)
سکر مان نڪرندڙ ”سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۾ انهي ساڳي ڏينهن يعني 23 مئي 2009 جي يو آءِ سنڌ جي جنرل ڪائونسل جي سنڌ ۾ ڌارين جي آباد ڪاري خلاف قرارداد جي منظوري جي خبر آهي ۽ ساڳي تاريخ 23 مئي 2009 جي جنگ ۽ ڪاوش ۾ خبر آهي ته جي يو آءِ جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمن پاران  صدر زرداري کي فون ڪري سنڌ ۾پٺاڻن جي لوڌ کي روڪڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي.
 يعني جي يو آءِ جي مرڪزي ليڊر ۽ سنڌ جي ليڊرن جي موقف ۾ نه رڳو تضاد آهي. بلڪه ٻنهي جو موقف هڪ ٻئي جي بلڪل ابتڙ آهي، مرڪزي ليڊر پٺاڻ آهي ان ڪري پٺاڻن جي حمايت ڪري ٿو ۽ سنڌ جا ليڊر سنڌي آهن، تنهن ڪري سنڌ جي مفاد کي اوليت ڏين ٿا، پر مرڪز ي قيادت جي عمل جي مقابلي ۾ سنڌ وارن قراداد جي حيثيت چانهه جي پياليءَ ۾ انقلاب کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي.
 ڇا عملاً اهو ممڪن آهي ته جي يو آءِ سنڌ جا اڳواڻ پنهنجي پاس ڪيل قرارداد تي استقامت ڏيکاريندا ۽ مرڪزي ليڊر جي سنڌ جي مفاد خلاف بيان ۽ عمل کي ننديندا؟. اسين سمجهون ٿا ته جي يو آءِ سنڌ جي مولوين لاءِ اهو ممڪن ڪونهي. ڇو ته اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي ته جي يو آءِ جي مرڪزي پٺاڻ ليڊرن سنڌ جي مفاد خلاف پنهنجي قوم جي حمايت ڪئي هجي بلڪه اها قديم روايت آهي، جنهن تي هو هلندا اچن ٿا. يعني سنڌ وارن جي پاس ڪيل قراردادن کي هميشه رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهن.
1972ع جي يو آءِ سنڌ جي سڪرنڊ ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن، جي يو آءِ سنڌ لاءِ پاليسي جوڙي ۽ 95 سيڪڙو اڪثريت سان ان کي پاس ڪيو پر پوءِ مرڪزي جنرل سيڪريٽري جيڪو پٺاڻ هو، مولانا فضل الرحمن جو پيءُ مولانا مفتي محمود) انهيءَ جي مخالفت ڪرڻ ۽ ان وقت جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا حافظ محمد اسماعيل کي جي ايم سيد جو طعنو ڏيئي عندالله مؤاخذي جي وعيد ٻڌائڻ کان پوءِ سواءِ چند علمائن جي ٻيا سمورا پنهنجي هن پاس ڪيل پاليسي تي جيڪا جي يو آءِ سنڌ جي ڪنوينشن ۾ پاس ڪئي ويئي هئي. استقامت نه ڏيکاري سگهيا ۽ هٿ کڻي ويا. اها ڳالهه 40 سال پراڻي آهي. اڄ پلن هيٺان گهڻو پاڻي گذري چڪو آهي ته هاڻ وري ڪيئن هو پنهنجي مرڪزي ليڊر جي خلاف پنهنجي پاس ڪيل قرارداد سان استقامت ڏيکاريندا؟
سائين حافظ صاحب کي بنوري ٽائون ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ ان وقت جي صوبه سرحد جي جي يو آءِ جي امير مولانا گل بادشاه چيو ته ”مفتی محمود صاحب کہتے ہیں کہ کراچی میں آپ کو پٹھانوں کے پیچھے چلنا پڑے گا“۔
سائين حافظ صاحب وراڻيس ته ہم جمعیت علماء اسلام میں تھے جمعیت علماء پٹھان سے ہمارا کوئی واسطہ نہیں ہے“۔ ان گڏجاڻي ۾ مولانا عبدالڪريم ٻير وارو به موجود هو. اها نومبر 1972 جي ڳالهه آهي ان کان بعد سائين حافظ صاحب جمعيت علماء اسلام کان استعيفي ڏيئي ڇڏي پر مولانا ٻير وارا ۽ ٻيا ساڳي جماعت جو حصو رهيا ۽ اڄ ڏينهن تائين آهن پر مرڪزي اڳواڻن جو موقف اڄ به پٺاڻن جي مفاد ۾ آهي ۽ سنڌ ۽ سنڌين جي مفاد جي خلاف آهي.
(سڪرنڊ پاليسي ۽ مولانا مفتي محمود صاحب جو خط سائين حافظ محمد اسماعيل صاحب ڏانهن الصادق، جولاء 1986ع جلد 8 شمارو7 ۾ ڏسي ۽ پڙهي سگهو ٿا.)
اسان جو اهو قديم کان موقف آهي ته جنهن به پارٽي جي ليڊرشپ غير سنڌي هوندي اهي پنهنجي مفادن تي ڪڏهن به سنڌ جي مفادن کي ترجيح نه ڏيندا. هميشه پنهنجن قومي مفادن کي اوليت ڏيندا پر نالو اسلام جو استعمال ڪندا. اوهان ڏسو ته سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ انهن وٽ ”اعلاءڪلمة الله“ ۾ رڪاوٽ آهي باقي پٺاڻن جي سنڌ جي حقن غصب ڪرڻ جي ڳالهه عين اسلام آهي. ان ۾ مذهبي ۽ سيڪيولر پٺاڻ ٻئي هڪ آهن.
ڌارين جي آبادگاڪاري ورهاڱي کان وٺي هٿ سان سنڌ ۾ ڪئي ويئي آهي بلڪه سنڌ تي ڌارين جي نظر ورهاڱي کان اڳ ئي آهي. ايتري حد تائين جو اهي فقط سنڌ جا ريگستان به پاڪستان جي نالي تي قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئا.
”مسلم ليگ  کے سیکریٹری جنرل لیاقت علی خان نے لارڈ ماؤنٹ بیٹن کے ایک استفسار کے جواب میں کہا کہ ”میں سمجھتا ہوں کہ اب حالت اس قدر ناقابل برداشت ہو چکی ہے کہ اگر یورایکسلینسی مسلم لیگ کو صرف سندھ کے ریگستان دینے پر تیار ہوں تو میں پھر بھی اسے قبول کرنے کو ترجیح دوں گا۔ (ٹرانسفر آف پاور ص 102،  ج 10-3 اپریل 1947ع کی ملاقات کا  ريکارڈ بحوالہ ”مولانا ابوالکلام آزاد اور قوم پرست مسلمانوں کی سیاست مؤلفہ محمد فاروق قریشی ص 481 تخلیقات لاہور)۔
پنجاب جون نظرون به تمام ڊگهي عرصي کان سنڌ تي هيون۔ رنجيت سنگهه جي وقت کان وٺي ڪري پنجاب سنڌ تي قبضو ۽ ڪنٽرول ڪرڻ جا سانباهه رکندڙ آهي. گذريل صدي جي شروعات ۾ هرچند راءِ وشن داس جيڪو ليجسليٽو اسيمبلي صوبه بمبئي ۾ سنڌ طرفان ميمبر هو، ڪانگريس جي اٺاويهين اجلاس ڪراچي سنه 1913ع جي اجلاس ۾ استقباليه ڪميٽي جي صدر جي حيثيت سان جيڪا تقرير ڪئي ان ۾ چيائين ته:
”......... سنڌ صوبو بڻجڻ لاءِ باعتبار جغرافي ۽ پنهنجن رهاڪن جي اهي سڀ خاصيتون رکي ٿو جيڪي ان جي الڳ صوبي بڻجڻ لاءِ ڪافي آهن. صوبي پنجاب جون حريص نگاهون سنڌ تي پئي رهيون آهن ۽ هو ان کي پاڻ سان شامل ڪرڻ جو دعويٰ ڪري رهيو آهي.“
انهي ڳالهه کي حوالي طور مولانا سيد محمد انور شاهه ڪشميري صاحب رحمة الله عليه پنهنجي صدارتي تقرير جمعيت علماء هند جي اجلاس اٺين منعقده پشاور 2 کان 4 ڊسمبر 1927ع مطابق 6 کان 8 جمادي الآخر 1346هه ۾ ذڪر ڪيو. (ڏسو: جمعيت علماءَ هند- دستاویزات مرکزی اجلاس ہائے عام 1919ء- 1945ء ج اول ص 426- 428 مرتبہ: پروین روزینہ، ریسرچ فیلو قومی ادارہ برائے تحقیق تاریخ و ثقافت اسلام آباد 1980ء)۔
انهي ساڳي ڳالهه جو حوالو مولانا محمد صادق صاحب رحمة الله عليه پنهنجي استقباليه تقرير جمعيت علماء هند جي سالانه اجلاس ڏهين منعقده ڪراچي سنڌ 31 مارچ 1931ء مطابق 11 ذيقعدة 1349هه ۾ بحيثيت صدر مجلس استقباليه ڪيو (ڏسو: خطبہ استقبالیہ جمعيت علماء هند سالانہ اجلاس دہم کراچی سندھ- ناشر حکیم مولوی فتح محمد صاحب ناظم مجلس استقبالیہ اجلاس دہم جمعیت علماء ہند( 1919ء- 1945ء  ج 2 ص 598-599 مرتبہ: پروين روزينہ)
 محترم هرچند راءِ وشن داس بعد ۾ سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جو سڀ کان وڏو مخالف ٿيو هو.
ٻاهران جيڪي به آيا توڻي هندستان مان آيل هجن توڻي ٻين صوبن کان هتي آيل۔ اهي سڀ جا سڀ هڪڙي برتر ذهنيت ۽ سوچ کڻي هتي آيا. هتان جي ماڻهن کي حقير، ذليل ۽ هيٺين درجي جو غير مهذب ۽ غير متمدن، جاهل ۽ غير تعليم يافته سمجهڻ انهن جي عام سوچ هئي. انهن مان به خاص طرح جيڪي هندستان جي مسلم اقليت وارن علائقن جهڙوڪ يوپي وغيره مان آيل، اعليٰ تعليم تهذيب تمدن ۽ اعليٰ مسلمان (!!؟) جيڪي پاڻ کي مهاجر سڏائڻ لڳا انهي ۾ به مذهبي ۽ سيڪولر ماڻهو سڀ شامل آهن.
علامه شبير احمد عثماني صاحب جي مڪتوبات جي مجموعي ”انوار عثماني“ جي مڪتوب نمبر (80) بنام اهل علم فضل جي تعارف ۾ مرتب لکي ٿو:
”علامہ عثمانی کی زندگی پاکستان بننے کے بعد نہات ہی مصروف زندگی تھی۔ ایک طرف مہاجرین کی آبادگاری میں حکومت سے جا جاکر سفارش کرنا، تجویزیں بتانا۔۔۔ نیز پاکستان میں کوئی اعلیٰ دارالعلوم قائم کرنا، حسب  مکتوب ایسے ہی کسی دارالعلوم کے قیام کیلئے ملک کی اہل علم و فضل اور ممتاز شخصیتوں کے نام کے کہ باہم مل کر مشورے سے کوئی اسلامی ادارہ قائم کیا جائے۔ آخر میں اہل شوری کے نام درج ہیں۔“  مڪتوب هن ريت آهي:
کراچی مؤرخہ 9 محرم الحرام 1369ھ – مطابق یکم نومبر 1949ء
محترم گرامی قدر! زیدت مکر تکم! السلام علیکم و رحمۃ اللہ وبرکاتہ۔
 اب جبکہ 1947ع کے انقلاب کے نتیجہ میں سب سے بڑی اسلامی مملکت پاکستان وجود میں آگئی۔۔۔ اسلام کے صحیح تعارف کے لئے شاید ہی ایسی کوئی مہلت میسر آئے جیسی آج ہے۔ غرض انہی  دو جامع مقاصد کے پیش نظر آج بھی صرف وہ ہی ایک راہ ہے کہ ملک میں ایک ایسا دینی علوم کا مرکز  قائم کیا جائے۔  جو قدیم طرز کے علمائے ربانی کا گروہ پیدا کرسکے اور ملک کے طول و عرض کے باقی مدارس دینیہ کا الحاق اس دارالعلوم سے قائم کیا جائے ابھی چند نفوس موجود ہیں جن کی تعلیم و تربیت سے علماء کا گروہ پیدا کیا جاسکتا ہے۔۔۔ مجوزہ مرکزی دارالعلوم کے لئے سب سے پہلے ایک اہل علم اور ارباب رائے پر مشتمل مجلس شوریٰ تشکیل دی گئی ہے جس کی فہرست ہم رشتہ ہے۔
 اراکین مجلس شوریٰ:
1-  حضرت مولانا شبیر احمد عثمانی                    8-   مولانا  اظہر علی صاحب،  ڈهاکہ      15-     حاجی وجیہ الدین صاحب
2-   حضرت مفتی محمد شفیع صاحب               9-   پیر ہاشم جان صاحب مجددی          16-  ڈاکٹر عبدالحق صاحب ،   سندھ   
3- مولانا احتشام الحق صاحب تھانوی           10-  مولانا بدر عالم                     17-   حاجی  موسیٰ میاں افریقہ             
4-  مولانا عبدالرحمٰن کاملپوری                    11-  مولانا شمس الحق صاحب قلات     18-  حاجی نورالٰہی صاحب،   پشاور
5-   مولانا خیر محمد صاحب             12-       ڈی ایم ملک صاحب                  19-   شاہ فخر الدین صاحب گھوٹکی         
6-    مولانا محمد حسن صاحب                      13-  محمد یوسف صاحب سیٹھی            20- محمد شفیع صاحب             
7-    مولانا  ظفر احمد صاحب تھانوی  14-  محمد شفیع صاحب کراچی              21-     حاجی عبدالجبار صاحب
                           والسلام       
شبیر احمد عثمانی
(ڏسو: انوار عثمانی مکتوبات شیخ الاسلام مولانا شبیر احمد عثمانی رحمۃ اللہ علیہ مرتبہ پروفیسر، محمود انوار الحسن صاحب،  انور شیر کوٹی لائل پور۔    ناشر: مکتبہ، اسلامیہ مولوی مسافرخانہ بندر روڈ کراچی 1966ء  ص 243-  246 مختصراً )
اهڙي نموني علامه صاحب سيد حسن محمود صاحب گيلاني وزير تعليم بهاولپور جي خط جي جواب ۾ لکي ٿو :
”..... آنکہ گرامی نام 17 اگست 1949ء وصول ہوا۔   اب جبکہ بڑے اور نہایت اہم اسلامی ادارے ہندستان میں رہ گئے اس لئے ضرورت ہے کہ پاکستان میں مذہبی علوم کا کوئی بڑا معیاری ادارہ ہو۔۔۔۔ شبیر احمد عثمانی۔ (ڏسو: انوار عثمانی ص 242 )
مفتي محمد رفيع عثماني صاحب، صدر جامعه دارالعلوم ڪراچي،  دارالعلوم ڪراچي  جي قائم ٿيڻ جو پس منظر هيئن بيان فرمايو؛
”والد صاحب اور ہم  1948ء میں پاکستان آگئے ۔ ابتدائی دو تین سال اس کوشش میں گذرے کہ نظام تعلیم میں تبدیلی آجائے لیکن جب مایوسی ہوئی تو والد صاحب نے ایک دینی مدرسہ قائم کرنے کا ادارہ کیا۔  اس وقت کراچی میں صرف ایک مدرسہ ”کھڈہ“ میں تھا جو کافی پرانا تھا۔  لیکن اب وہ بھی گمنام سا ہوگیا تھا۔ والد صاحب نے نانک واڑہ میں ایک مدرسہ قائم کیا۔ پاکستان بننے سے پہلے یہاں سکھ رہتے تھے۔نانک واڑہ کا نام بھی اس مناسبت سے ہے۔  اس محلے میں سکھوں کے زمانے کے پرائمری اسکول کی ایک عمارت تھی جو وزارت  تعلیم کے کنٹرول میں تھی لیکن اس وقت ہندستان سے آئے ہوئی مہاجرین قیام پذیر تھے۔  جب وہ عمارت خالی ہوئی تو والد صاحب نے کوشش کرکے اسے دارالعلوم کیلئے حاصل کرلیا۔  اور تین کمروں اور چھوٹے صحن پر مشتمل ہے ایک چھوٹی سی عمارت تھی وہاں دارالعلوم قائم ہوا۔ جس میں مدرسہ قائم ہوا تو  مشرقی و مغربی پاکستان کے تمام صوبوں بلکہ دوسرے ممالک سے طلبہ بھی جوق در جوق آنا شروع ہوگئے، کیونکہ اس وقت مدرسہ کے اعتبار سے پورے ملک کی کیفیت یہ ‎تھی کہ ایک مدرسہ ملتان میں تھا، ایک مدرسہ لاہور میں تھا اور ایک مدسہ اکوڑہ خٹک میں تھا اور شاید چھوٹے چھوٹے دو چار مدرسے اور ہوں گے۔۔“
(ڏسو:  گلشن شفیع اور یادوں کے جھروکے ص 6-7،   مرتبہ: طلبہ دورہ حدیث 1429ھ)۔
اهو ته مذهبي طبقي ۽ ان جا ويچار هئا جنهن جو خيال هو ته دين هندوستان ۾ رهجي ويو آهي يا وري هنن جي دلين ۾ آهي، باقي هتي خاص طرح سنڌ ۾ ته دين، دينداري، دين سکڻ ۽ سيکارڻ وارا، اعليٰ ديني معيار ڪاشي‎‎‎ء ڪانهي. ان تي تفصيلي تبصرو وري ٻئي ڪنهن موقعي تي ڪنداسين.
هاڻ انهن جو جيڪو سيڪولر ۽ دنيادار طبقو آهي انهن جا افڪار خيالات ۽ ويچار اچو ته ڏسون:
19 ڊسمبر 1987ء روزاني امن ڪراچي“  مضمون:  مهاجر تشخص کی تلاش کا سبب“ ليکڪ:  حسنین مہدی سید۔     لکي ٿو: ”۔۔۔ ہم یعنی مہاجر  ديگر قوميتوں سے بدرجہا  متقدم ہیں۔۔۔۔ علمی اعتبار سے تشکیل پاکستان سے قبل ہی ان منازل کو طے کرچکے تھے جہاں یہ حضرات آج بھی نہیں پہنچ پائے۔ جس کا ثبوت یہ کیا کم ہے کہ پاکستان کے ابتدائی دور میں تمام علمی اداروں اور انتظامیہ کا بار ہمارے ہی بزرگوں نے سنبھالا۔۔۔ قربانیاں دینا ہمارے لئے کوئی نیا تجربہ نہیں۔  ہمارا ہر خاندان شہداء کا نذرانہ پیش کرچکا ہے جبکہ مقامی حضرات نے مرغی کا ایک چوزہ بھی پیش نہیں کیا ہوگا۔ زبانی جمع خرچ یقیناً بہت ہے۔ “
حواله: الصادق ج 9 ش 12، ص 42-43 ڊسمبر 1986ء)
اهو ساڳيو حسنين مهدي سيد هڪ ٻئي مضمون ۾ ڪوٽا سسٽم بابت لکي ٿو؛
”اس مذموم سسٹم کا اطلاق صرف سندھ کے شہری علاقوں میں کیا گیا ہے جہاں مہاجروں کی اکثریت ہے یعنی کراچی، حیدرآباد، میرپورخاص، نواب شاہ، سکھر، خیرپور وغیرہ۔  لاڑکانہ کو مستشنیٰ قرار دیدیا گیا ہے۔ شاید اس لئے کہ سابق قائد عوام کا ضلع تھا، اور اس طرح مہاجر اعلیٰ تعلیم یافتہ نوجوانوں کے جو ہر قابل کے قتل عام کی باقاعدہ مہم چلائی گئی۔ نہایت گھٹیا معیار تعلیم رکھنے والے ”فرزندان زمین“ کو اعلی عہدے ”ہدیہ“ کئے گئے، معیار تعلیم عموما ً انہی کا گھٹیا  ہوتا ہے جو پڑهتے کم اور ہلاگلا زیادہ کرتے ہیں یا  ”غبی“ ہوتے ہیں اپنے عہدوں  کے ساتھ کیا انصاف کرتے ہوں گے“۔     (”درس اخوت کی افیون اب حلق سے نہیں اترتی“: روزاني امن ڪراچي 29 ڊسمبر 1987ء بحواله الصادق ج 9 ش 12 ص 45 ڊسمبر 1987ء)
روزاني اخبار جنگ 22 جنوري 2012ء  خليل احمد نيني تال والا پنهنجي ڪالم ۾ لکي ٿو:
”صوبہ سندھ کی آبادی کا اگر جائزہ لیا جائے تو اس میں 45 فیصد سندھی بولنے والے رہتے ہیں اور 55 فیصد دیگر زبانیں بولنے والے۔ ایک محتاط اندازے کے مطابق 45 فیصد سندھی بولنے والے چھوٹے چھوٹے شہروں اور دیہاتوں میں رہتے ہیں جبکہ 45 فیصد اردو بولنے والے جن کو اصطلاح میں مہاجر کہا جاتا ہے بڑے شہروں میں رہتے ہیں اور 10 فیصدپاکستان کے دیگر صوبوں سے آنے والے بھی زیادہ تر شہروں میں رہتے ہیں گویا اردو بولنے والے اور سندھی بولنے والوں کی آبادی کا تناسب کم و پیش برابر ہوچکا ہے۔۔۔۔ جہاں تک صوبہ سندھ کا تعلق ہے اصولاً  اردو اور سندھی زبان بولنے والوں کو مساوی نوکریاں ملنی چاہئے تھیں۔  مگر ایسا نہیں ہوا ۔ شروع ہی سے تقریباً اسی فیصد سرکاری نوکریاں سندھی بولنے والوں کو ملتی رہیں اور 20 فیصد اردو بولنے والوں کے حصے میں آئیں۔
کوٹہ سسٹم کے رائج ہونے کے بعد صرف 10 فیصد اردو بولنے والوں کو سرکاری نوکریاں مل رہی ہیں اس کی زندہ مثال حکومت سندھ کے کسی بھی ادارے میں چوکیدار، چپراسی، نائب قاصد یا شاذو نادر کلرک اردو بولنے والے ملیں تو ملیں آفیسر گریڈ کا کوئی نوجوان نہیں ملے گا۔۔۔ اس سلسلے میں اگر تصویر کا دوسرا رخ دیکھا جائے تو یہ بات بھی کھل کر سامنے آتی ہے کہ اچھے غیر سرکاری اداروں سے جہاں ملازمت کا معیار صرف اہلیت ہوتا ہے اور کام چوری اور سستی ایک لمحے کو بھی برداشت نہیں کی جاتی،   سندھی بولنے والوں کی تعداد نہ ہونے کے برابر ہے اردو بولنے والے سے سرکاری سطح پر روا  رکھی گئی یہ ناانصافی ہی ہے جس کی وجہ سے ان میں مایوسی پھیلی اور مایوسی اور بے روزگاری کے مارے یہ نوجوان منشیات، اسلحہ اور دیگر غیرقانونی حربوں میں ملوث ہوئے۔  سندھ کا امن و امان خطرے میں پڑگیا، مفاد پرست لوگوں نے ان سے غلط کام لئے اور یہ سلسلہ آج بھی جاری ہے۔ (محرومی کے مزید 20 سال۔ بحوالہ بالا)
ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ حافظ اسامه قادري جيڪو ڊاڪٽر پروفيسر محمد ايوب قادري جو ڀائيٽو آهي. ڊاڪٽر ايوب قادري هڪ معتدل ذهن رکندڙ سمجهيو يندو هو. مدرسه مظهرالعلوم کڏي تي به هن جا ليکڪ آهن، سائين حافظ صاحب رحمة الله عليه سان به ڊاڪٽر ايوب قادري صاحب جو واسطو رهيو آهي. انهي معتدل ذهن رکندڙ ماڻهو جو ڀائيٽو فرمائي ٿو:
”سندھ میں بنیادی طور پر دو مختلف قومیں اپنا وجود رکھتی ہیں۔ کسی بھی قوم کا اپنے آپ کو مہذب خیال کرنا ایک عام سی بات ہے لیکن غیر جانبدار قاری جو مشاہدہ کرتا ہے وہ بہتر طور پر نتیجہ اخذ کرسکتا ہے۔ سندھ میں بسنے والی ایک قوم اس بات پر زیادہ شدت اختیار کرتی ہے کہ پاکستان کے وجود میں آنے کے بعد ہندستان کے اقلیتی صوبوں سے آنے والے مہاجرین کو سندھ کی ثقافت سے ضم ہوجانا چاہئے تھا۔
 ہجرت کرکے آنے والے لوگ چند سو نہیں تھے جو اپنی شناخت ختم کرکے مرج ہوجاتے!  اتنی بڑی تعداد میں لوگ جو سندھ کی آبادی کے برابر تھے کیونکر مرج ہوسکتے تھے! دوسرے یہ کہ وہ اپنی تہذیب و ثقافت کے زیر اثر تھے اور ان کی شناخت یہاں کے رہنے والوں کی طرح مضبوط اور مستحکم تھی۔ تیسری چیز یہ کہ یہاں کی قوم کے فرسودہ ظالمانہ نظام میں  ایک مہذب قوم کیونکر اپنی شناخت گم کردیتی!۔۔۔ دونوں قوموں میں مزاجاً کتنا بڑا تضاد ہے!۔ ایک جانب جاگیردارانہ ظالمانہ سماج ہے۔ دوسری جانب انسانی بنیادی حقوق پر مربوط نظام ہے۔  تہذیب و معاشرت کیلئے یہ ضروری ہے کہ ظالمانہ قوانین کا خاتمہ کرکے سندھ کو ایک مہذب معاشرہ کی ترقی یافتہ قوم بنانے کی کوشش کی جائے۔“ سماجی نظریات یوں تو دنیا کی تمام مہذب اقوام میں موجود ہیں لیکن اقوام کے ترقی یافتہ،  ترقی پذیر یا غیر ترقی یافتہ ہونے کا انحصار، اس میں پائے جانے والے انسانی سماج سے کیا جاسکتا ہے۔ سماجی نظریات کا تعلق مذاہب سے ہوتا بھی ہے اور نہیں بھی لیکن اسلام نے سماجی طور طریقوں کو اسلامی اور انسانی حقوق سے ہم آہنگ کیا ہے۔ وہ فاسد نظریات جو سندھ کے سماج میں اثر پذیر ہوچکے ہیں ان کا بیشتر حصہ مذہب اسلام سے کوئی تعلق نہیں رکھتا۔“ (جبر، تشدد اور سازش، حافظ اسامہ قادری۔  پاک اکیڈمی کراچی ص 25، اشاعت 1998ء)۔
ڏسو ته برتر ذهنيت جو شڪار، احساس برتري سان سرشار سڀ جا سڀ آهن جيڪي هندستان مان لڏي آيا آهن. مذهبي رهنما هجن توڙي سياسي رهنمائي جي هام هڻندڙ هجن، توڙي ڪاروباري ۽ سماجي ڪارڪن هجن. اديب هجن يا دانشور سڀني جي ذهن ۾ اها ڳالهه ڀري پئي آهي ته اسين برتر ۽ بلند ۽ بهتر آهيون. اهليت اسان تي ختم آهي. هتان جا ماڻهو نااهل، نالائق آهن انهن سان رعايت ڪئي ويئي آهي اهي ته ان لائق به ڪونهن ته زنده رهن يا انهن جي تهذيب ۽ ثقافت باقي رهي.
انهن جي تهذيب ۽ ثقافت ۽ اعليٰ انساني ڪردار جي باري ۾ سندن ئي شاعر الطاف حسين حالي ”مسلمانان هندستان“ جي عنوان سان لکي ٿو.
وگر نہ ہمارے رگوں میں لہو میں

ہمارے ارادوں میں اور جستجو میں

دلوں میں زبانوں میں اور گفتگو میں

طبیعت میں فطرت میں اور عادت میں

نہیں کوئی ذرہ نجابت کا باقی

اگر ہو کسی میں تو ہے اتفاق

ہماری ہر ایک بات میں سفلہ پن ہے

کمینوں سے بدتر ہمارا چلن ہے

نہ قوموں میں عزت نہ جلسوں میں وقعت

نہ اپنوں سے الفت نہ غیروں سے نفرت

مزاجوں میں سستی دماغوں میں نخوت

خیالوں میں پستی کمالوں سے نفرت

عداوت نہاں دوستی آشکارا

غرض کی تواضع غرور کی مداوا

نہ اہل حکومت کے ہمراز ہیں ہم

نہ درباریوں میں سرفراز ہیں ہم

نہ علموں میں شایان اعزاز ہیں ہم

نہ صنعت میں حرفت میں ممتاز ہیں ہم

نہ رکھتے ہیں کچھ منزلت نوکری میں

نہ حصہ ہمارا ہے سوداگری میں

تنزل نے کی ہے بری گت ہماری

بہت دور پہنچی ہے نکبت ہماری

گئی گذری دنیا سے عزت ہماری

نہیں کچھ ابھرنے کی صورت ہماری

 (”مسدس حالی“ مطبوعہ شیخ غلام علی،    لاہور)
”حالي“ کانپوءِ اسان انهن جي احساس برتري تي ڪهڙو تبصرو ڪريون! فقط اها ڳالهه چونداسين ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو ”دو قومي نظريي“ جي بنياد تي جنهن مان مراد آهي. هندو قوم ۽ مسلمان، قوم، ته هاڻ جيڪا تهذيب ۽ ثقافتي برتري جي ڳالهه آهي سا ڪهڙي بنياد تي آهي؟ ڇا مهاجر قوم سندن هن دو قومي نظريي جي مخالف نظريو يا ڳالهه ڪانهي؟ انهن کي گهر جي ها ته سنڌي، پنجابي جي مقابلي ۾ هو پاڪستاني سڏرائن ها. تڏهن به اڃا ڳالهه ٺهي ها، ڇو ته هن ملڪ جو نالو ته پاڪستان رکيو ويو. پر هن تي به اسين هي سوال اٿاريون ٿا ته خود ”پاڪستان“ ۽ ”پاڪستانيت“ به دو قومي نظريي جي خلاف آهي، ڇو ته قوم ٿي ”مسلم“ يا ”مسلمان“ ته هاڻي چئجي ته ”پاڪستاني قوم“ ۽ ”اسلام“ چئجي ”پاڪستان“! ته هاڻي يا ته ”پاڪستاني قوم“ ۽ ”مسلم قوم“ ۽ پاڪستانيت ۽ مسلمانيت هڪ ٻئي جا مترادف آهن يا وري انهن ۾ ترادف ناهي بلڪه انهن جي معنيٰ الڳ الڳ آهي! جي الڳ الڳ آهي ۽ جيئن ته اها هڪ بديهي ۽ واضح ڳالهه آهي ته پوءِ پاڪستاني قوميت ۽ پاڪستانيت به غلط ٿيندا ۽ دو قومي نظريي مطابق مسلم قوم ۽ مسلمانستان ۽ مسلمانيت درست ٿيندا.
وري خود مهاجر اکر جو ڪنهن قوم تي اطلاق صحيح به آهي يا نه! خود الطاف حسين ايم ڪيو ايم جو قائد ان باري ۾ ڇا ٿو فرمائي. اچو ته ڏسون:
”لفظ مہاجر میں استحکام نہیں ہوتا بلکہ حالات کے مطابق لفظ مہاجر کا استعمال عارضی طور پر کیا جاتا ہے، اس لحاظ سے لفظ مہاجر قومیت کا روپ اختیار نہیں کرسکتا۔ مگر ہم جب یہ دعویٰ کرتے ہیں تو مہاجر سے ذہن میں جو تصور بنتی ہے اور جن لوگوں کا تصور ذہن میں ابھرتا ہے اس سے یہ ایک مخصوص طبقہ سے منسلک ہوگیا اور  یہی وجہ مہاجر قومیت کا جواز بنتی ہے۔ اس میں میمن، کاٹھیاواڑی، بوہری، گجراتی، میواڑ اور غیر تسلیم شدہ علاقوں کے مہاجر سبھی مہاجر کهلائیں گے۔“
الطاف حسين پاڻ تسليم ٿو ڪري ته لفظ مهاجر قوميت جو روپ اختيار نٿو ڪري سگهي. وري ذهن ۾ مهاجر لفظ سان تصور هڪڙي مخصوص طبقي جو اڀري ٿو جنهن ۾ ميمڻ، ڪاٺياواڙي، بوهري، گجراتي ۽ ميواڙ وغيره سڀ شامل آهن ۽ مهاجر سڏرائبا.
هاڻ پاڻ فيصلو ڪريو ته مهاجر چوڻ سان ڀلا اهي سڀ ذهن ۾ اچن ٿا!؟ پوءِ وري اردو ٻولي ڳالهائڻ وارا ئي فقط ڇو مهاجرن جي نالي ۾ ياد ڪيا وڃن!؟ خليل احمد نيتي تال والا جو ڪالم اوهان پڙهيو، ان ۾ لکي ٿو ته ”45 فیصد اردو بولنے والے جن کو اصطلاح میں مہاجر کہا جاتا ہے۔“  ”45 فيصد مهاجر سڀ جا سڀ اڙدو ڳالهائڻ وارا ٿو ڳڻائي. اهو به هڪڙو وڏو ڪوڙ آهي ته سنڌ ۾ اردو ڳالهائڻ وارن جي آبادي 45 سيڪڙو آهي پوءِ ٻيا جن کي هو پاڻ سان نالي ماتر شامل ڪن ٿا مثلاً ميمڻ وغيره اهي ڪاڏي ويا؟ اسامه قادري به ”هندستان کڳ اقليتي صوبوڻ سڳ آنڳ والڳ مهاجرين“ چوي- معنيٰ ته هن وٽ اصل مهاجر فقط اهي آهي جيڪي اڙدو ڳالهائڻ وارا آهن باقي ٻين ته ساڳيو هٿ ٿو ڦيرايو وڃي جيئن ورهاڱي لاءِ مسلماني جو هٿ ڦيرايو ويو هو. باقي اهي رهندا انهن جي تابع ۽ جيڪڏهن اردو کي پنهنجي ٻولي تسليم نه ڪندا ته اهي به دشمن قرار ڏنا ويندا.“
ڇو ته اهي اردو کي ”کوثرو تسنیم سے دُهلی ہوئی  زبان“ ڪوٺين، جيئن حسنين مهدي سيد ”میری زبان سے نفرت کیوں؟“ ۾ لکي ٿو ته ”اردو جیسی کوثرو تسنیم سے دهلی ہوئی زبان تنگ دل اور تنگ نظر  نوابوں کے درشت لہجے کی متحمل کہاں ہوسکتی ہے۔“ (روزاني اخبار امن ڪراچي 24 دسمبر 1987 بحواله الصادق ج 9 ش 12، ص 24 ڊسمبر 1987)۔
علامه حالي انهي پاڪ پوتر ۽ ڪوثرو تسنيم سان ڌوتل زبان بابت چوي ٿو:
وه شعر اور قصائد کا ناپاک دفتر

عفونت میں سنڈاس سے جو بھی بدتر

زمیں جس سے ہے زلزلہ میں برابر

ملک جس سے شرماتے ہیں آسماں پر

ہوا علم دین جس سے تاراج سارا

وہ علموں میں علم ادب ہے ہمارا

برا شعر کہنے کی گر کچھ سزا ہے

عبث جھوٹ بکنا اگر ناروا ہے

تو وہ محکمہ جس کا قاضی خدا ہے

مقرر جہاں نیک و بد کی سزا ہے

گنہگار وہاں چھوٹ جائیں گے سارے

جنہم کو بھر دینگے شاعر ہمارے


 (”مسدس حالی“ مطبوعہ شیخ غلام علی،    لاہور)
زبانن سان نفرت انهن ماڻهن جو ئي ڪم آهي جيڪي اڙدو سان نفرت ڪرڻ جي دانهن ڪن ٿا. باقي اسين ته سمجهون ٿا ته جيڪي ٻوليون آهن سڀ الله جي نشانين مان آهن. قرآن شريف پڙهو:
وَ مِنۡ اٰیٰتِہٖ خَلۡقُ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ وَ اخۡتِلَافُ اَلۡسِنَتِکُمۡ وَ اَلۡوَانِکُمۡ ؕ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ  لَاٰیٰتٍ  لِّلۡعٰلِمِیۡنَ (سورةالروم)
ترجمو: ۽ سندس نشانين مان آسمان ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهانجي زبانن ۽ اوهانجي رنگن جو جدا جدا هئڻ آهي بيشڪ ان ۾ ڄاڻندڙن لاءِ نشانيون آهن.
اصل حقيقت اها آهي ته جيئن ته هندستان جي ورهاڱي جي اصل بنياد اردو زبان آهي نڪي اسلام يا مسلم قوميت، تنهنڪري اردو زبان کي سمورين زبانن کان مٿانهون سمجهن ٿا ۽ ٻين زبانن ڳالهائڻ وارن کي حقير ۽ گهٽ درجي جو ڄاڻن ٿا.
دو قومي نظريو يا هندو مسلم قوميت الڳ الڳ آهي. اهو فقط ڌوکو آهي.
ڪن کي شايد حيرانگي ٿئي ته اها ڳالهه وري ڪيئن صحيح آهي! اسان ته اهوئي ٻڌاندا اچون ٿا ته مسلمان ۽ هندو هتي گڏجي نه پيا رهي سگهن. هندو الڳ قوم آهن ۽ مسلمان الڳ قوم آهن ان ڪري دو قومي نظريي جنم ورتو ۽ هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي وجود جو سب بڻيو. هي وري ڪهڙي ڳالهه ته اصل اردو زبان هن هندو مسلم نفرت ۽ تفريق جو بنياد آهي ان جو جو دليل ڪهڙو آهي؟
طفيل احمد منگلوري لکي ٿو:
”مسلمانوں کی حکومت کے آخر زمانے تک ہندو  مسلمانوں کی سوسائٹی ایک تھی۔  ہر فرقے اور مذہب کے لوگ اپنے اپنے محلوں کی بیٹھکوں میں یکجا بیٹھتے تھے اور حقیقی معنوں میں ان سب کی تہذیب و معاشرت یکساں تھی صرف عبادات اور مذہبی امور کے انجام دینے کے لئے اپنی اپنی مذہبی زبانیں استعمال کرتے تھے۔ مولوی سید سلیمان ندوی نے اپنے لکچر میں جو مارچ 1937 میں آل انڈیا مسلم ایجوکیشنل کانفرنس کی جوبلی کے موقع پر دیا ،فرمایا تھا:
”یہاں ایک ہزار سال کی جدوجہد کے بعد ایک قوم بنی تھی جس کا تمدن جس کی زبان اور جس کی سیاست ایک ہو رہی تھی“
اس قول کی تصدیق مشہور مؤرخ جادو ناتھ سرکار نے کی ہے وہ لکھتے ہیں کہ ”اعلیٰ طبقوں کی معاشرت بلا تفریق مذہب و ملت یکساں تھی۔ پنڈت سندر لال صاحب الہ آبادی نے۔۔۔۔ زبان کی بابت لکھا ہے کہ مسلمانوں نے اپنی زبان فارسی چھوڑ کر ہندستان کی زبان اختیار کی جس کا نام اردو ہے۔ (مسلمانوں کا روشن مستقبل۔   طفیل احمد ص 22-23)۔
سر سيد احمد خان، جيڪو تحريڪ پاڪستان جو رهنما چيو وڃي ٿو، اهو ڇا ٿو چوي!:
”قوم کا اطلاق ایک ملک کے رہنے  والوں پر ہوتا ہے۔ یاد رکھو کہ ہندو اور مسلمان ایک مذہبی لفظ ہے، ورنہ ہندو، مسلمان اور عیسائی بھی جو اس ملک کے رہنے والے ہیں اس اعتبار سے سب ایک قوم ہیں جب یہ سب گروہ ایک قوم کہے جاتے ہیں تو ان سب کو ملکی فائدہ میں جو ان سب کا ملک کہلاتا ہے  ایک ہونا چاہئے۔۔۔۔۔ اب وہ زمانہ نہیں ہے کہ صرف مذہب کے خیال سے ایک ملک کے باشندے  دو قومیں سمجھی جائیں۔“ (مجموعہ لکچر سر سید ص 167 بحوالہ مسلمانوں کا روشن مستقبل طفیل احمد ص 242)۔
ٻئي هنڌ سر سيد چوي ٿو:
”جس طرح آریہ قوم کے لوگ ہندو کہلائے جاتے ہیں اسی طرح مسلمان بھی ہندو یعنی ہندستان کے رہنے والے کہلائے جاتے ہیں“ (سر سید کے آخری مضامین ص 55 بحوالہ مسلمانوں کا روشن مستقبل ص 242)۔
پنجاب جي سفر ۾ سر سيد هندن کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
”آپ نے جو لفظ اپنے لئے  ”ہُندو“ کا استعمال کیا ہے وہ میری رائے میں درست نہیں کیونکہ ”ہندو“ میری رائے میں کسی مذہب کا نام نہیں ہے بلکہ ہر ایک شخص ہندستا ن کا رہنے والا اپنے تئین ہندو کہلا سکتا ہے، پس  مجھے نہایت افسوس ہے کہ آپ مجھ کو باوجود اس کے کہ میں ہندوستان کا  رہنے والا ہوں ہندو نہیں سمجھتے۔“ (سفر نامہ پنجاب:  سر سید ص 139، بحوالہ روشن مستقل۔ ص 243)۔
هندو مسلم اتحاد جي باري ۾ چوي ٿو:
”ہم نے متعدد مرتبہ کہا ہے کہ ہندستان ایک خوبصورت دلہن ہے اور ہندو اور مسلمان اس کی دو آنکھیں ہیں اس کی خوبصورتی اس میں ہے کہ اس کی دونوں آنکھیں سلامت اور برابر رہیں  اگر ان میں سے ایک برابر نہ رہی تو وہ خوبصورت دلہن بھینگی ہوجائے گی اور ایک آنکھ جاتی رہی تو کانی ہوجائے گی۔“ (سر سید کے آخری مضامین ص 55- بحوالہ روشن مستقبل ص 243)۔
اردو- ديوناگري جو جهڳڙو جڏهن شروع ٿيو  جنهن بابت سيد سليمان ندوي صاحب چيو:
”ابھی اٹھارویں صدی بھی ختم نہ ہونے پائی تھی کہ فرنگی جادوگروں کے منتر سے اردو اور ہندی ‏ کے دو خا کی پتلے فولادی سپاہی بن کر ملک کے طول و عرض میں مرنے کٹنے لگے۔“
(تقریر سید سلیمان ندوی بہ اجلاس کانفرنس جوبلی منعقدہ   مارچ 1937ء بقام علیگڑھ بحوالہ روشن مستقل ص 298)
اهو جهيڙو آهسته آهسته هندو ۽ مسلمانن ۾ نفرت وڌائيندو ويو. جو 1867ع ۾ بنارس جي ڪن سرندي وارن هندن کي هي خيال پيدا ٿيو ته جيتري قدر ٿي سگهي تمام سرڪاري عدالتن ۾ اردو زبان ۽ فارسي رسم الخط کي بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ ان جي جڳهه تي ديوناگري رسم الخط ۾ لکي ويندڙ زبان رائج ڪئي وڃي، ان تي سر سيد چيو :
”یہ پہلا موقع تھا جب کے مجھے یقین ہوگیا کہ اب ہندو مسلمان کا بطور ایک قوم کے ساتھ چلنا اور دونوں کو ملاکر سب کے لئے ساتھ ساتھ کوشش کرنا محال ہے۔“
ان کا بیان ہے کہ ”ان ہی دنوں میں جبکہ یہ چرچا بنارس میں پھیلا ایک روز مسٹر شیکسپیئر سے جو اس وقت بنارس میں کمشنر تھے، میں مسلمانوں کی تعلیم کے بابت میں کچھ گفتگو کر رہا تھا اور وہ متعجب ہوکر میری گفتگو سن رہے تھے آخر انہوں نے کہا کہ آج یہ پہلا موقع ہے کہ میں نے تم سے خاص مسلمانوں کی ترقی کا ذکر سنا ہے اس سے پہلے تم ہمیشہ عام ہندستانیوں کی بھلائی کا خیال ظاہر کرتے تھے! میں نے کہا اب مجھ کو یقین ہوگیا ہے کہ دونوں قومیں کسی کام میں دل سے شریک نہ ہوسکیں گی ابھی بہت کم ہے آگے آگے اس سے زیادہ مخالفت اور عناد ان لوگوں کے سبب جو تعلیمافتہ کہلاتے ہیں بڑهتا نظر آئے گا جو زندہ رہے گا وہ دیکھے گا۔“
(”حیات جاوید“ سوانح سر سید: الطاف حسین حالی ص 140 بحوالہ سر سید کی کہانی ان کی اپنی زبانی، مؤلف ضیاءالدین لاہوری، ص 103-104 ۔  ایضاً، موج  کوثر شیخ محمد اکرام ص 85-86 ادارہ ثقافت اسلامیہ لاہور)
اهو اردو ديوناگري جو جهيڙو 1905 ۾ بنگال جي ورهاڱي ۽ اڳتي هلي مسلم ليگ جي بنياد بڻيو. (ڏسو: روشن مستقبل طفيل احمد ص 304- 328).
هينئر به جڏهن سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي کي قومي ٻولين قرار ڏيڻ جي باري ۾ قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ٿيو يا ڳالهه ڪئي ٿي وڃي تڏهن انهن جو رويو اهڙو هجي ٿو ته ڄڻ اردو جو مقابلو ٿو ٿئي تنهنڪري اهي ان جي مخالفت ڪرڻ شروع ٿا ڪن:
”پشتو ، سندھی، بلوچی، سرائیکی، پنجابی سمیت کوئی علاقائی زبان قومی زبان بننے کے لائق نہیں۔ مہاجر اتحاد تحریک کے چیئرمین ڈاکٹر سلیم حیدر نے سینیٹ آف پاکستان میں اردو زبان کے متعلق ANP کے سیکریٹری جنرل افراسیاب خٹک کی تقریر کو تحریک پاکستان، بانی پاکستان اور مقاصد پاکستان کی کھلم کھلا توہین قرار دیا ہے۔ افراسیاب خٹک اردو کی جگہ اپنی بولی پشتو کو پاکستان کی قومی زبان قرار دلوانا چاہتے ہیں توہمیں کوئی اعتراض نہیں ہے تجرباتی طور پر ایک مہینے کیلئے پاکستان کی سرکاری اور قومی زبان افراسیاب خٹک کی پشتو کو بنالیا جائے تاکہ وہ خود پاکستان کے آئینے میں اپنی شکل اور حیثیت دیکھ سکیں۔ ڈاکٹر سلیم حیدر نے ان ارکان سینیٹ کی شدید مذمت کی ہے جنہوں نے ایسے پاکستان دشمن، اردو دشمن شخص کو برداشت کیا۔ ڈاکٹر سلیم حیدر نے کہا کہ  پاکستانی قوم سے پہلےہی یہ طے کرلیا گیا تھا کہ پاکستان کی واحد سرکاری زبان اردو ہوگی، جس وقت پشتو، سندھی، پنجابی، بلوچی یا سرائیکی سمیت کوئی بولی اس لائق نہیں تھی کہ اس کو مکمل زبان قرار دیا جاسکے۔ افراسیاب خٹک ان علاقائی بولیوں کو قومی زبان بنوانا چاہتے ہیں جن کی رسم الخط کا بھی کوئی پتہ نہیں، مانگے تانگے حرف تہجی اور دوسری زبانوں کے رسم الخط اختیار کرنے سے بولیاں زبان کا درجہ اختیار نہیں کرسکتیں۔  اردو زبان دنیا کی تیسری بڑی زبان ہے اقوام متحدہ کے ریکارڈ کے مطابق دنیا میں تیسرے نمبر پر سب سے زیادہ بولی اور سمجھی جانے والی عالمی زبان ہے۔“
(روزنامہ جانباز 25 جنوری 2012)۔
هن ڊاڪٽر صاحب جي زبان کي ڏسو ته ان مان خبر پوي ٿي ته ٻين ٻولين ۽ انهن جي ڳالهائڻ وارن لاءِ هن جي اندر ڇا آهي؟ ڪهڙي حيثيت انهن کي ڏئي ٿو. پهرين ڳالهه اها آهي ته قومي ٻولي قرار ڏني وڃي. ڇا ان مان مراد انهن ٻولين کي پاڪستان جي دفتري زبان ڪري رائج ڪرڻ آهي؟ ڇا ان مان مقصد اردو جي مخالفت آهي؟ جڏهن ته اهو مطالبو ڪرڻ وارا اردو کي رابطي جي ٻولي برقرار رکڻ جي ڳالهه به ڪن ٿا. پنهنجي ٻولي کي هڪ مقام ڏيارڻ، انهن ٻولين جي ڳالهائڻ وارن لاءِ سندن ٻولين ۾ تعليم، ان جي ادبي ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪوششون انهن اردو ڳالهائڻ وارن کي نٿيون وڻن. هن جي بقول ڪا ٻولي هن لائق ڪونه هئي ته ان کي مڪمل ٻولي قرار ڏيئي سگهجي. يا اها دفتري ٻولي ٿي سگهي ته عرض اهو آهي ته سنڌي ٻولي ته انگريزن جي وقت ۾ به سرڪاري دفترن ۾ رائج هئي. انگريزي سان گڏ سنڌي ۾ به هر دفتري ڪم ۽ آرڊر جاري ٿيندا هئا. مهرون به سنڌي ۽ انگريزي ٻنهي زبانن ۾ هيون. زمينن جون سندون به سنڌي ۾ هيون ۽ هي ڪا هينئر جي ڳالهه ڪانهي بلڪه 1860ع واري عشري جون سندون به اسان وٽ موجود آهن. پاڪستان کان پهرين اهو طي ڪري ورتو ويو هو ته اردو ئي پاڪستان جي واحد سرڪاري ٻولي هوندي. جڏهن ته باباء قوم (؟) کي هن اردو زبان جا اٽڪي اٽڪي ڪي اکر ئي ايندا هوندا. پر پوءِ به هن ڊاڪا ۾ اردو کي واحد سرڪاري ٻولي جي ڳالهه ڪري بنگالين جي پاڪستان کان الڳ ٿيڻ جي بنياد رکي ڇڏي هئي ۽ جيئن ته اسان لکيو آهي ته اردو ئي پاڪستان جو بنياد ۽ هندو مسلم نفرت جو ٻج آهي. هتي جيڪي لکين ماڻهو قتل ٿيا آهن. روزانه قتل ٿي رهيا آهن ۽ اڃا الائي ڪيترا قتل ٿيندا ڪيتري تباهي ايندي اها سڀ هن اردو جي ئي ڪري هوندي. اسان کي ڪنهن به ٻولي سان نفرت ڪانهي اردو سان به ڪونهي پر جيڪڏهن اردو جي ڪري ٻين ٻولين سان زيادتيون ٿينديون ته پوءِ ان تي احتجاج ضرور ڪنداسين ۽ ٻين کي به ڪرڻ گهرجي. هن ڊاڪٽر سليم حيدر جو پاڻ ئي ڪوبه پتو ڪونهي ته هي ڪير آهي، ڪنهن سان آهي هن سان ڪير آهي؟ پر اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته جيئن اسان لکيو ته هي ماڻهو جتي به هوندا انهي هڪڙي ئي مقصد لاءِ ڪم ڪندا رهندا.
هڪڙو مضمون  ”ایم کیو ایم کی تباہی کیلئے دشمنوں کی یلغار ہوگی! یہ مرحلہ گزار لیا تو محدود انقلاب کو قومی شکل دی جاسکتی ہے۔“  جي عنوان سان ڊسمبر 1987ء ۾ ڇپيو هو. هن مضمون ۾ هي ڳالهه توجهه جي قابل آهي:
لہٰذا  یہ سب سے کھٹن مرحلہ پورے چار سال پر محیط ہوگا، جس میں ہر روز اس دشمن عنصر سے واسطہ رہیگا، اگر ٹھنڈے دل و دماغ کے ساتھ قوت برداشت کا بھی مظاہرہ کیا گیا تو ایم کیو ایم کی نوجوان قیادت اس قدر عظیم الشان کامیابی حاصل کرسکی کہ دنیا حیران رہ جائیگی اور پھر صوبہ سندھ کی حد تک مستقبل اسی تنظیم کے ہاتھ میں ہوگا۔ اس سلسلے میں ان نوجوان کے سامنے تقسیم ہند کی مثال پیش کی جاسکتی ہے۔“ (روزانه امن ڪراچي 19 ڊسمبر 1987ع بحواله  الصادق ج 9، ش 12، ص 42، ڊسمبر 1987)۔
هنن جو منصوبو سموري سنڌ تي ڪنٽرول جو آهي، جنهن جو مشاهدو اسين ڪري رهيا آهيون. مٿين ڳالهه ته 1987 جي آهي. اڄ 2012ع آهي. 24، 25 سال گذري چڪا آهن، هنن جو ڪم اسان جي سامهون آهي. جيڪڏهن هي سموري سنڌ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيا ته پوءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد، جي نه ته پوءِ فقط ڪراچي تي ئي قبضي ۽ ڪنٽرول جي ڪوشش ڪندا. هينئر به عملا ڪراچي ۽ حيدرآباد، تي ڪنٽرول انهن جو آهي انتظام انهن جي ئي حوالي آهي. (ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ايندڙ شماري ۾ لکنداسين).
ڌارين جي آبادي جيڪا وڌي آهي، اها طبعي آهي يعني نسلي واڌ ويجهه آهي يا غير طبعي آهي جو ٻاهران ماڻهو ڪاهيو اچي هتي پهتا آهن؟ پنجابي، پٺاڻ وغيره جي باري ۾ ته اها ڳالهه واضح آهي ته ٻاهران ئي ڪاهي آيا آهن. مهاجر سڏائيندڙن بابت ته خاص طور تي تحقيقات ٿيڻ گهرجي، ڇو ته 60 سالن کان هي هجرت (؟) جو سلسلو هلندو ٿو اچي ۽ اڃا هلندو رهندو. دنيا جي هر ملڪ ۾ ٻاهران ايندڙن تي ڪڙي نظر رکي ٿي وڃي پر اسان جو ملڪ ۽ خاص طور سنڌ ۾ جنهن کي وڻي اهو ٿو اچي ۽ رهي، کائي، ڪمائي ۽ جائيدادون خريد ڪري شناختي ڪارڊ ٺهرائي يا اسيمبلي لاءِ ووٽ ڏيئي ۽ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ڪا رڪاوٽ ڪانهي.
هي انڌو منڍو 73 جو آئين هن بابت ڇا ٿو چوي؟ ڇا هن تحت هر ڌارئي جي هتي اچڻ تي ڪا پابندي يا روڪ لڳائي سگهجي ٿي يا نه؟
جون 1986 ۾ جڏهن آنريبل رٽائرڊ جسٽس غوث علي شاه صاحب سنڌ جو وڏو وزير هو ته صحافين جي پڇيل هڪڙي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ”پاڪستان جي آئين ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي جنهن تحت ماڻهن جي هڪ صوبي کان ٻي صوبي ڏانهن وڃڻ تي بندش وجهي سگهجي.“ (روزانه هلال پاڪستان 5 جون 1986).
ساڳي خبر اردو ۾ آهي جنهن ۾ آئين جي دفعه جو حوالو آهي.
”دوسرے صوبے سے آنے والوں پر یہ پابندی عائد کرنے کے بارے میں وزیراعلیٰ نے کہا یہ آزادی آئین پاکستان کی آرٹیکل 15 کے تحت ہر پاکستانی کو حاصل ہے اور ہر پاکستانی ملک کے کسی بھی حصے میں رہ سکتا ہے۔ (روزنامہ جنگ کراچی 5 جون 1986ء)۔
هن ڳالهه جو ذڪر سائين حافظ محمد اسماعيل صاحب رحمة الله عليه آگسٽ 1986ع جي ايڊيٽوريل ۾ ذڪر ڪيو ۽ آئين جي آرٽيڪل مذڪوره جي حوالي سان لکيو ته:
”وڏي وزير صاحب آئين جي آرٽيڪل 15 جو ذڪر ڪيو آهي....
(1) آرٽيڪل 15 آزادي نقل و حرڪت:-   ہر شہری کو حق حاصل ہے کہ وہ پاکستان میں رہے اور ماسوائے عوامی مفاد کے پیش نظر کسی قسم کی معقول پابندی کے سارے پاکستان میں آزادی سے گھوم پھر سکتا ہے اور پاکستان کے کسی حصہ میں رہائش پذیر یا قیام کرسکتا ہے۔‏“
 (اسلامی جمہوریہ پاکستان کا آئین مجریہ 1930ء-  ترجمہ: سید امتیاز الحق نوشاہی ایڈووکیٹ،  لاہور لاء ٹائمز پلیکشنز اردو بازار لاہور)۔
هن آرٽيڪل ۾ خود اها پابندي موجود آهي ۽ بالڪل آزادي ڪانهي، اکر آهن:
”ماسوائے عوامی مفاد کے پیش نظر کسی قسم کی معقول پابندی کے“ يعني عوامي مفاد ۾ پابندي لڳائي سگهجي ٿي. ڇا سنڌ ۾ مقامي ماڻهن جو مفاد ”عوامي مفاد“ ڪونهي؟ اسانجي خيال ۾ ته فقط اهوئي آرٽيڪل سنڌ حڪومت کي پابندي لڳائڻ جو اختيار ڏئي ٿو.
(2) آئين جو آرٽيڪل 3-  استحصال کا خاتمہ: حکومت تمام قسم کے استحصال کے خاتمہ کی ضامن ہوگی۔ اور کام اور قابلیت کے مطابق ہر شخص کے بنیادی حقوق کی ضامن ہوگی۔“ (حوالہ مذکورہ)
ڇا ٻاهرين جي بي حساب سنڌ ۾ آمد سان سنڌين جو استحصال نه ٿيو آهي؟ سنڌين جي سياسي، معاشي، سماجي حقوق وغيره جو استحصال نه ٿيو آهي؟ ۽ ان استحصال کي ختم ڪرڻ جي هن آرٽيڪل مطابق حڪومت ضامن آهي ۽ حڪومت مان مراد سنڌ حڪومت به آهي. جيئن ته آئين جي آرٽيڪل 7 ۾ آهي.... ان لاءِ آرٽيڪل 3 تحت سنڌين سان استحصال ختم ڪرڻ جي سنڌ حڪومت ضامن آهي.

آرٹیکل 38- عوام کی سماجی اور اقتصادی ترقی:
حکومت: (ذیلی دفعہ)، (ب) تمام شہریوں کو ملک کے ذرائع کے مطابق کام اور بہتر زندگی گذارنے کی سہولتیں مہیا  کرے گی۔
(ج) ہر شخص جو پاکستان میں ملازمت کرتا ہے اسے سماجی تحفظ اور لازمی سہولتیں اور دوسرے طریقوں سے تحفظ دے گی۔
(د) بنیادی ضروریات زندگی مثلا روٹی، کپڑا، مکان، تعلیم اور طبی سہولتیں ایسے تمام شہریوں کو بلا امتیار جنس، ذات اور نسل مہیا کرے گی اور وہ لوگ جو کہ اپنی کمزوری، بیماری اور بیروزگاری کی وجہ سے کما نہ سکتے ہوں انہیں روزگار مہیا کیا جائے گا۔
(ہ) عوام کی آمدنی جس میں کہ پاکستان کی مختلف ملازمتیں شامل ہیں، میں مساوات پیدا کرے گی۔“ (حوالہ مذکورہ)
هن آرٽيڪل 38 ۽ ان جي ذيلي دفعات جيڪي مٿي لکي آياسين ان جي مطابق مرڪزي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته سنڌ کي اهي سڀ سهولتون ۽ تحفظات فراهم ڪري ۽ ذيلي دفعه (ه) جي تحت پنجاب جي عوام جي برابر يعني مساوات پيدا ڪري ۽ ذيلي دفعه (د) جي تحت بنيادي ضرورتون فراهم ڪري.
حڪومت جي وضاحتن مطابق ملڪي وسائل گهٽ آهن.  سنڌ حڪومت وٽ ايترا وسائل موجود ڪونهن جيڪو هو هتي جي اصل باشندن کي اهي سڀ سهولتون فراهم ڪري سگهي ته پوءِ جيڪڏهن ٻاهران اڃا به ماڻهن جي آمد جي دٻڙ دوس لڳي پئي هوندي ته وسائل گهٽبا ويندا ان صورت ۾ حڪومت پنهنجون آئيني ذميواريون ڪهڙي طرح پوريون ڪري سگهندي؟ پنجاب ۽ سرحد وارن کي آئين مطابق پنهنجي صوبن ۾ سڀ ضرورتون پوريون ڪرائڻيون آهن پوءِ سنڌ جي حصي ۾ يعني ملازمتن، پرمٽن، زمينن، اسيمبلين جي سيٽن، لوڪل باڊيز سيٽن وغيره ۾) ڇو اچي ٿا استعمال ڪن؟ جڏهن ته سنڌين کي پنجاب يا سرحد ۾ اهڙو حصو ملڻ ممڪن ئي ڪونهي. سنڌين کي پنهنجي سنڌ ۾ ئي حصو نٿو ملي ته ٻئي هنڌ حصو ڪٿان ملندو؟ هي مختصر ڳالهيون هيون.... وڌيڪ سنڌي آئين ماهرين کي اسانجي گذارش آهي ته هو آئيني ذرائع ۽ دلائل سان هن وڌندڙ مصيبت کي منهن ڏين ڇو ته سنڌين جي سياسي طاقت اڃا تسليم نٿي ڪئي وڃي.“
(ايڊيٽوريل پنهنجي پاران الصادق ڪراچي سنڌ جي 8 ش 8 آگسٽ 1986ع ص 3-4 ۽ 52- 53).
وري مارچ 1987 ۾ غوث علي شاهه اها ساڳي ڳالهه تسليم ڪئي هئي ته آئين جي هن ئي آرٽيڪل 15 تحت آبادي تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. (ڏسو الصادق ڪراچي سنڌ جي 9 ش 3 مارچ 1987ع پنهنجي پاران).
هي 1986 ۽ 1987 جي صورتحال هئي جنهن کي 24-25 سال گذري چڪا آهن، هاڻي اهو آبادي جو دٻاءُ ڪٿي وڃي پهتو آهي. ان جو ڪو ڪاٿو لڳائڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو آهي. اڄ به سنڌين جي سياسي حيثيت تسليم نٿي ڪئي وڃي ته انهن کي مختلف قسم جي چيلنجن کي منهن ڏيڻو پيو پوي. هن تمام خطرناڪ ۽ ڳنڀير صورتحال ۾ سنڌين کي يا سندن نمائندن کي جيڪي سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺا آهن، ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان لاءِ اسان جي سمجهه ۾ ڪي تجويزون اچن ٿيون سي هن ريت آهن؛
1-         سڀ کان پهرين هن ڳالهه جي تعريف ڪرڻي پوندي ته ”سنڌي ڪير آهي؟ جنهن کي سنڌ جو مستقل رهاڪو سمجهجي ۽ ان کي سنڌ ۾، معاشي، سماجي تعليمي وغيره حق حاصل هوندا.
2-         ”ڌاريا“ ڪير آهن؟ ۽ ڪٿان ڪٿان، ڪڏهن آيا آهن؟ ان جي تحقيق ٿيڻ گهرجي ته جيئن انهن کي اهي حق حاصل نه ٿي سگهن جيڪي سموري سنڌ ۾ سنڌين کي حاصل هوندا.
3-         ”ڌارين“ جي سموري سنڌ بشمول سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي وڃي. جنهن ڏانهن خود 73ع جو آئين به اشارو ڪري ٿو.
4-         جيڪي ”ڌاريا“ ٻئي ملڪ مان آيل آهن اهي واپس ٿين ۽ جيڪي ٻين صوبن مان آيل آهن اهي اوڏانهن موٽن پر جيستائين ٻين صوبن ڏانهن واپس ٿين تيستائين انهن تي جيڪو خرچ ٿئي ٿو اهو متعلقه صوبن کان وصوليو وڃي. ان مسئلي کي ”مشترڪه مفادات جي ڪونسل“ ۾ اٿاري سگهجي ٿو،
5-         ”ڌارين“ جي سنڌ ۾ جائيداد ۽ ملڪيت خريد ڪرڻ تي پابندي هجي.
6-         ”ڌارين“ کي سنڌ ۾ ووٽ ڏيڻ، قومي ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبري لاءِ اميدوار ٿيڻ، سينيٽ ۾ سنڌ مان چونڊجڻ تي پابندي هئڻ گهرجي.
7-         ”ڌارين“ جي سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين، ۽ سنڌ جي ڪوٽا تي وفاقي کاتن ۾ نوڪري تي پابندي هئڻ گهرجي.
8-         ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي يا سينيٽ ۾ پيش ڪيل بل جي خلاف نه فقط قرارداد پيش ٿيڻ ۽ منظور ٿيڻ گهرجي بلڪه ان تي اهو دٻاءُ به وڌو وڃي ته آئيني ترميم بابت  قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل موقف تان مستقل طور دست برداري جو اعلان ڪري ڇوته اهو صوبائي مسئلو آهي نڪي وفاقي مسئلو آهي (خاص سرائيڪي صوبي جي حوالي سان انشاءَالله ايندڙ شماري ۾ لکنداسين).
9-         سنڌ اسيمبلي مان 1940ع واري قرارداد لاهور يا پاڪستان تحت سنڌ کي حق خود اختياري هئڻ جي قرارداد منظور ڪرائڻ گهرجي.
           هي ته ڪي تجويزون جيڪي مستقل حل لاءِ آهن وڌيڪ ڪي ٻيون ته تجويزون به ٿي سگهن ٿيون، جيڪي آئيني ماهر ۽ سياستدان موجوده صورتحال ۾ سوچي ۽ پيش ڪري سگهن ٿا.

اسين سمجهون ٿا ته انهن سڀني ڪمن لاءِ سنڌين جو پاڻ ۾ اتحاد ۽ اتفاق تمام ضروري ۽ لازمي بلڪه بنيادي ڳالهه آهي. جيڪڏهن نه ته پوءِ صورتحال جنهن پاسي هلندي ٿي وڃي. اها ڳالهه سنڌ ۽ سنڌين لاءِ مڪمل تباهي جو روپ اختيار ڪرڻ ۾ وڌيڪ وقت نه لڳائيندي. الله سائين اسان تي پنهنجي ٻاجهه ڪري.

پسي ڏونگر ڏاه! جِمَ هلڻ ۾ هيڻي وهين
لانچي لڪ لطيف چئي، پٺيءَ ڪيچين ڪاه،
پڇي پورج، سسئي! بلوچاڻي باه“
اِنَ وڙائتي ورَ جي اَسَر هِڏ ۾ لاه،
جو اکنئون اوڏو آه. سو پرين پرانهون م چئو.


(شاه).

No comments:

Post a Comment