Realtime Hit Counter

Friday 22 June 2012

قتال جهاد جنگ (انقلاب) جا جا انڪاري مرتد آهن. امام انقلاب عبيد الله سنڌي


قتال جهاد جنگ (انقلاب) جا جا انڪاري مرتد آهن.
امام انقلاب عبيد الله سنڌي

صَومُ صَلَواة ۽ قتال:

جيڪي (ماڻهو)شخص مسئلي قتال (جنگ) (انقلاب) جي تشريح ٿيڻ کان پوء به ان ۾ تاويلون ڪندا(ڳولهيندا) رهن ٿا ۽ هن فرض کان بچڻ لاء طرح طرح جا بهانا تلاش (ڳولها ڦولها) ڪندا رهن ٿا مثلاَ؛ چون ٿا ته اسان جي سرحد (وطني دنگ) تي جنگ نه آهي يا ملڪ ۾ مسلمانن جو ڪوبه رهبر نه آهي. مسلمانن بي-حد ڪمزور (هيڻا) ۽ منتشر (ٽڙيل پکڙيل) آهن وغيره وغيره.انهن کي حقيقت ۾ شيطان دوکو ڏنو آهي.
حقيقت هيء آهي ته (صومُ صلواة) نماز روزه وغيره فرائض ته مسلمان هجڻ جا شرط آهن يعني اسلامي جماعت ۾ شريڪ هجڻ ۽ رهڻ لاء هي شعار (خاص نشان) وانگر آهن. جيڪو شخص انهن مان ڪنهن هڪ کي ترڪ ڪري ٿو يا پائبندي سان بجا نه ٿو آڻي، ان جي وفاداري هن جماعت سان پڪي نه ٿي سمجهي سگهجي. هن جماعت جي تنظيم ۾ داخل ٿيڻ جو جيڪو اصل مقصد آهي ۽ جنهن لاء صوم صلواة نماز روزي وغيره فرضن جو تسليم ڪرڻ ۽ پائبندي سان بجا آڻڻ پهريون شرط آهي. اهو هي آهي؛دنيا کي ظلم کان دور ڪيو وڃي توڙي اهو ڪنهن به صورت ۾ هجي، ۽ ان کي دور ڪري قرآن حڪيم جي حڪومت پيدا ڪري برپا ڪئي وڃي.

مثلاَ:
اسان جي زماني ۾ معاشي ظلم چوٽيءَ کي پهچي چڪو آهي، ۽ غير برابريءَ سببان(ڪارڻ) عام (انسان) ماڻهو جي هيءَ حالت آهي جو اڪثر (انسان) ماڻهو غذا(کاڌو پيتو) نه ملڻ يا ناقص غذا سببان مري رهيا آهن، ۽ صحيح تعليم نه هجڻ سببان پنهنجا انساني فرائض ادا نه ڪري رهيا آهن ۽ نه ادا ڪرڻ جي قابليت رکن ٿا. انهن کي اهڙيء حالت مان ڪڍي اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جيئن اهي روزي (اٽي،لٽي، اجهي، گهر)جي فڪر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري الله تعاليٰ جي يادگيريء ۾ لڳي سگهن، هر هڪ ان انسان ماڻهوءَ جوفرض آهي جيڪو قرآن حڪيم جي تعليم کي مڃي ٿو، ظاهر آهي ته هي سڀ ڪجهه جان ۽ مال جي قربانيء بغير نه ٿو ٿي سگهي.

ڪي انسان شخص آهن جن قرآن حڪيم کي سمجهيو ۽ ان ۾ هيءَ ڳالهه ڏٺي به پر تنهن هوندي به پويان پيرڪري فقط (روزي نماز)صومُ صلواة وغيره ۽ سٺن اخلاقن جي تلقين تي قناعت ڪئي. انهن کي گهربو هو ته اهي قرآن حڪيم تي غور ڪن ها ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو تلاش ڪن ها.

آن-حضرت (سيدنا محمّدُ) صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت پڙهڻ ها ۽ پيش قدميء (اڳتي وک وڌائڻ) جو رستو انهن ۾ ئي تلاش ڪن ها. ليڪن هي شخص ته جنگ قتال انقلاب جو نالو به نه ٿا سڻڻ گهرن. هي شخص جيڪڏهن انهِيءَ ضد تي قائم رهندا ايندا ۽ ظلم کي دور ڪرڻ لاء جنگ نه ڪندا يا ضد تي قائم رهندا ايندا ۽ ظلم کي دور (ختم) ڪرڻ لاء جنگ قتال جهاد نه ڪندا يا ڪم از ڪم ان جي تياري به نه ڪندا، ۽ ان جو رستو به صاف نه ڪندا ته پوءِ قرآن حڪيم جي زبان (ٻوليءَ) ۾ اُهي مُرتدَّ آهن.

گويا اهي پنهنجي روزي نماز جي باوجود اسلام کي ڇڏيو ويٺا آهن. انهن جا اهي عمل به ڪو فائدو نه ڏيندا. ان جو مثال هيئن سمجهڻ گهرجي ته ڪو هاري زمين ۾ هر جوٽي ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ کانپوء ٻجُ ڇَٽَي ٿو ليڪن ٻنيءَ کي پاڻي نه ٿو ڏي. ظاهر آهي ته اهو هڪ ڪمُ ۽ عمل نه ٿيڻ جي ڪري سندس سڀئي چڱا عمل اڪارت (اجايا، ڀي لاڀُ) برباد ٿي ويندا ڇو ته اهي سڀئي عمل هن هڪ عمل لاء هئا. جيڪڏهن اهو نه ٿيو ته پوءِ هي ڪهڙي ڪم جا.؟

ساڳي طرح جڏهن سنگ نڪرن ٿا ته ان وقت انهن جي حفاظت ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن بروقت اهو ڪم نه ڪيو ويو ته پوءِ پاڻي ڏيڻ تائين سڀ عمل بيڪار ٿي ويندا، انهيء طرح تي ايندڙ سڀني ڪمن کي سوچڻ گهرجي.

ساڳي طرح اسلام ۾ جي هڪ عمل کان پوء ٻيو عمل نه ڪيو ويو ته پهريان سڀ عمل بيڪار ٿيو مثلاَ؛ نمازون پڙهيون ويون ليڪن جهاد نه ڪيو ويو يا گهٽ ۾ ان جي تياري نه ڪئي وئي ته سڀ عمل اڪارت ٿي ويا. دنيا جو نظامُ (سسٽمُ) انهيءَ قائدي تي هلي رهيو آهي ته جيڪڏهن هڪ عمل کان پوء ٻيو ٻيو زودار عمل نه ڪيو ويو ته پهرين عمل جو نتيجو به اڪارت ٿي ويو. بس جتي انسان بيهي ويو اتي سڀ عمل ضايع ٿي ويا. زندگي هلڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو نالو آهي ان ۾ جَمُودُ (سٽيگنيشن) جو نالو موت آهي.

جڏهن آن حضرت (سيدنا مُحَمَّدُ) صلي الله عليه وسلم جن حُدَيبِيه صلح ڪيو، جنهن جو بيان ايندڙ سورة ۾ اچي ٿو ته سندن پاڻ مظبوط ٿي ويئي. انهيءَ کان پوءِ پاڻ مدينه منوّره ۾ قدمُ رکندي ئي هن قوم انقلاب (نيشنل انقلاب) جي منزل کان اڳتي ايندڙ منزل''ڪل قومي انقلاب'' (انٽر-نيشنل رووليوشن) جو ڪم شروع ڪري ڏنائون. چنآنچه پاڻ قيصر ۽ ڪسريٰ ڏي خط لکي انهيء کي ڌمڪايون ته جيڪڏهن اهي هن (ڏاڍ ڏمر استبداد ظلم جي خلاف واري) انقلاب ۾ شريڪ نه ٿيندا ته کين برباد ڪيو ويندو اهو ئي مطلب آهي هن آيت جو؛فاِذا فرغت فانصب(الم نشرح 4:94) ''جڏهن (اي مُحَمَّدَ) تون هڪ ڪم کان فارغ ٿي وڃين ته پوءِ ٻئي ڪم لاءِ اُٿُ'' يعني ڪم کان فارغ ٿيندي ئي ٻئي زودار ڪم کي شروع ڪري ڏيو.

امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيء
تفسير:
''جنگ انقلابُ''
يعني''سورة قتال(مُحَمَّدُ)جو انقلابي تفسير''
(جنگ، حرب، انقلاب، ويڙهاند، وار، سچ لاء لڙائي)

مترجم:محمد يوسف ندوي،
مولانا عبيد الله سنڌي ڪتب گهر،
نيو سعيد آباد-سنڌ.

فيس-بوڪ لاء لکيو جوکيو شفيق احمد.

No comments:

Post a Comment