Realtime Hit Counter

Saturday 8 December 2012

اڄ سرمائيداريء جي بُتَ کان سواء ٻيو ڪهڙو وڏو بُتُ آه؟ جوکيو شفيق احمد






اڄ سرمائيداريء جي بُتَ کان سواء ٻيو ڪهڙو وڏو بُتُ آه!؟
جنهن جي ڀڃڻ جي ضرورت آهي. امام انقلَآبُ عُبَيدُ الله سنڌي 
جي تعليمات جي روشنيء ۾!
جوکيو شفيق احمد

فڪري تنظيم جي لائق ڪير آهي؟

حڪومت هلائڻ لاء فڪر صحيح (ٺيڪُ پروگرامُ) جي تنظيم ضروري آهي. ملسلمانن اڃا تائين تنظيم (نظام قائم ڪرڻ) جا رستا وساريا ڪين آهن، ملسمان پنهنجي تنظيم طاقت سان گڏ يورپ جي هٿيارن هلائڻ جو ڪم به سکي چڪو آهي. انهيءَ ڪري مسلمانن کي هلندڙ دؤر ۾ فڪر صحيح جي هلائڻ جا بهترين موقعا حاصل آهن. 

چئي سگهجي ٿو ته هندو به يورپين نظام کي قبول ڪري پنهنجي سوسائٽيءَ کي اڳتي وڌائي رهيا آهن. جيتري قدر موجوده واقعات جو تعلق آهي انهيءَ کان انڪارُ نه ٿو ڪري سگهجي. هي ٺيڪُ آهي ته هندو به يورپين نظام جي ڪن شين کي اپنائي چڪا آهن، پر اسان پوري علم ۽ يقين سان چئون ٿا ته مسلمان وٽ جيڪو فلسفو عمل آهي ۽ جنهن جي زور تي هو دنيا جي قومن جي اڳواڻي ڪري سگهي ٿو اهڙو فلسفه عمل هندو سوسائٽيءَ وٽ هرگز نه آهي. 

مٿين ڳالهين کي سمجهڻ لاء هڪ ننڍو مثال اوهان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪانگريس يورپين طريقه فڪر مان پيدا ٿي ۽ انهيءَ آب-و-هوا ۾ طاقت ورتائين. جيستائين هوءَ مفڪرين جي جماعت هئي ان ۾ ارتجائي (پوئتي هٽندڙ) گروپ بلڪلُ گهٽ داخلُ ٿيو، پر جڏهن کيس حڪومت جو هڪ ننڍو ڀاڱو ڏنو ويو ته ارتجائي ٽولو مٿس ڇائنجي ويو ڇا ڪانگريس يورپين طريقي تي حڪومت هلائي سگهي ٿي؟

بلڪل نه حقيقت ۾ هندو سرمائيدارَ طاقت کي راضي ڪرڻ کان سواء سندن ڪوبه نصب العين نه آهي. 

سرمائيداري ۽ هندو:

هندو جڏهن ڪوبه نظام پيدا ڪندو آهي ته ان جو بنياد سرمائيداري تي هوندو آهي، تنهن ڪري مها-آتما گانڌهي، جهڙي شخصيت پڻ جيڪو انسانيت جو ايترو وڏو نمائدو ٿي ڪري به سرمائيداريءَ هڪ انچ به اڳتي وڌي نه سگهيو آهي. اهڙي طرح جواهر لال نهرو ڪميونسٽ آهي پر تڏهن به سرمائيدار آهي، ان جي مقابلي ۾ مولانا حسرت موهاني کي ڏسو جنهن ڏينهن اشتراڪيت (سوشلزم) قبول ڪئي ان وقت ئي پنهنجي سموري ملڪيت ختم ڪري ڇڏيائين ۽ هن وقت هو هڪ ڪوڏيءَ جو به مالڪ نه آهي.جواهر لال نهرو يورپ ۽ سوشلسٽن گڏ رهي سوشلزم سکيو، مگر مولانا حسرت موهاني پنهنجي ذاتي فڪر سان انهيءَ مرتبي کي پهتو آهي. هي فرق آهن ملسم سوسائٽيءَ ۽ هندو سوسائٽيءَ وچ ۾. مسلمان جنهن وقت پنهنجي اصل نظام يعني قرآني فڪر تي ايندو ته ان وقت سرمائيداري جي بت کي ٽڪڙ ٽڪڙ ڪري ڇڏيندو ۽ اڄ سرمائيداري جي بت کان سواء ٻيو ڪهڙو وڏو بت آهي جنهن جي ڀڃڻ جي ضرورت آهي. مسلمان سرمائيداريءَ جو دشمن آهي؛

مسلمان هندوستاني آهي ۽ هو ان سان گڏ سرمائيداري جو دشمن آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ سان جو سرمائيدار نه آهي جيتوڻيڪَ ملسمان نه به هجي انسانيت جو سلوڪُ ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هن وقت تائين هندوستان (هند ۽ سنڌ) ۾ اهڙيون هزارين خدا جي بزرگن جون (جن انسان ذات جي خدمت سواء ڪنهن لالچ ۽ مت-ڀيد جي ڪئي هئي) قبرون موجود آهن جن جي زيارت ڪئي وڃي ٿي. 

ورتل: اسان ڇا گهرون ؟ 
ڪتاب مولانا عبيد الله سنڌي؛ تحريرون ۽ تقريرون،
سنڌيڪا اڪيڊمي،ڪراچي،سنڌ 

لکندڙ فقير جوکيو شفيق احمد.
by Jokhio Shafique Ahmed
on Monday, May 7, 2012 


No comments:

Post a Comment