Realtime Hit Counter

Saturday 8 December 2012

سنڌڙي سونهاري؟ جوکيو شفيق احمد



پيرن ڦقيرن، ٻنن کرن پندڙن جي، سنڌڙي سونهاري! 
شاهن مکدومن صوفين ملن موالين جي، سنڌڙي سونهاري! 
رئيس امروهين لکنوين اوباشن جي سنڌڙي سونهاري! 

پورهيو ڪري نه، پر پني مڱي کائڻ وارن جي، سنڌڙي سونهاري! 
الڪاسب حبيب الله جي، منڪرن جي، سنڌڙي سونهاري!

انجنئرنگ، ٽيڪنالاجي سائنٽيفڪ علم جي منڪرن جي، سنڌڙي سونهاري! 
ميڊيڪل طب جراحت سرجري جي منڪرن جي، سنڌڙي سونهاري!
ايگريڪلچرل ايريگيشن ششٽم جي منڪرن جي سنڌڙي سونهاري!

جنگي حربي فن کان انڪار ڪري گلام ٿي رهندڙ موڳن جي، سنڌڙي سونهاري! 

چرس ڀنگ آڦيم جا سوٽا سلڦيء ۾ ڇڪيندڙن جي، سنڌڙي سونهاري
(پارسي ايراني اڦگاني عراقي علافين ڪوفين) چورن جي، سنڌڙي سونهاري! 

مائرن ڀينرن نياڻين جوين زالن عورتن کان پاڻي ڀرائڻ وارن جي سنڌڙي سونهاري !!!
۽ پاڻ وري هوٽل تي ويهي مڇون شهپر وٽڻ وارن جي، سنڌڙي سونهاري!

مائرن ڀينرن نياڻين جوين 
جي چوري ڪري ميڙا گهمڻ وارن جي سنڌڙي سونهاري! 
رڇ ڪتا مرون ڪڪڙ ويڙهائڻ وارن جي سنڌڙي سونهاري!

پنهنجن سنڌي سماٽن کي
ڪوري ڌوٻي کٽي چاڪي واڍو راڱي ڪنڀر دايو پڃارو اوستو رازو 
چئي ذليل ڪرڻ وارن جي سنڌڙي سونهاري! 

ڌارين ڀاڄوڪڙن رهزنن کي خان سردار ڀوتار نواب
سڏڻ وارن جي سنڌڙي سونهاري! 

ڀوتارن عياشن مُڇن مڇڙن شهپريلن جي، سنڌڙي سونهاري! 
جوکيا ڪر توبه ته لڳئي نه ڪا، ڪنڌ ۾ ڪاتي تکي تيز ڪهاڙي!


No comments:

Post a Comment