Realtime Hit Counter

Saturday 22 December 2012




شيخ محمد حيات سنڌي

مولانا دين محمد وفائي مرحوم
محمد حيات ولد ملا ڦولاريو قوم چاچڙ عادلپور (لڳ گهوٽڪي) ۾ پيدا ٿيو. سنڌ ۾ ڪجهه علم حاصل ڪري، ان کان پوءِ مدينه شريف ۾ وڃي طلب علم لاءِ مقيم ٿيو. وقت جي وڏي محدث عالم شيخ ابوالحسن محمد بن محمد صادق ٺٽوي معروف به ابوالحسن ڪبير جي خدمت ۾ حديث جي تڪميل ڪيائين ۽ آئنده هلي عرب و عجم جي استاذ ۽ ڳواڻ هجڻ جي عزت حاصل ڪيائين.
چون ٿا ته طالب علمي جي شروع ۾ ذهن سندس ڪند هو. جنهن جي شڪايت پنهنجي استاذ سان ڪيائين، جنهن صاحب پنهنجي ٽوپي لاهي سندس مٿي ۾ پاتي، جنهن کانپوءِ هن جي ذهانت ۽ حافظو ايڏو کليو، جو ڪجهه به پڙهيائين ٿي، سو ياد رهيس ٿي. آخر شيخ الحرم ابوالحسن ڪبير جي وفات کان پوءِ سندس جاءِ تي مسجد نبوي ۾ درس ۽ وعظ جي مسند تي ويٺو جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيندا هوا. سندس مدرسه فيض مان عرب، هندوستان، مراڪش، شام، مصر جي سون بزرگ محدثن بهره فيض حاصل ڪيو، جن مان ڪن جا اسماء گرامي هيٺ ڏجن ٿا:
شيخ احمد بن عبدالرحمان شامي، شيخ محمد سعيد صغير، شيخ عبدالقادر خليل ڪدک مڪي، سيد عبدالقادر بن احمد، سيد غلام علي آزاد بلگرامي، شيخ محمد فاخر محدث الهه آبادي، شيخ غلام حسين معروف به ابوالحسن صغير ٺٽوي مدني، محدث خيرالدين سورتي وغيره.
سندس شاگرد شيخ فاخر الهه آبادي پنهنجي استاذ شيخ محمد حيات جي تعريف ۾ هڪ قصيدو لکيو آهي، جنهن ۾ فرمائي ٿو:
باد بر روءِ صفحه دوران
محفل آراءِ حلقه انسان
شيخ الاسلام عصر علامه
در فنون حديث فهامه
موشگاف دقائق ايمان
رازدان حقائق ايمان
رسته از حبس رتبه تقليد
بسته بر اجتهاد راءِ مزيد
درس فرماءِ مسجد نبوي
بطريق رشيق مصطفوي
آن محمد حيات بخت بلند
بحديث نبي قوي پيوند
متع الله زمرت الدعيان
بافاداتھ الي الازمان
سرمن خاڪپائي او بادا
جان من در رضاءِ او بادا
سنڌ جي وڏن عالمن مان علامه محمد معين ٺٽوي ۽ مخدوم محمد هاشم سندس هم عصر آهن. علامه معين جي بعض رسالن تي سندس رد آهن ۽ مخدوم محمد هاشم سان سندس بعض مسائل تي مسلسل تحريري مناظرا رهيا ۽ ڌرين جا ان باري ۾ رسالا موجود اهن.
شيخ محمد حيات شخصي تقليد جو قائل نه هو، هن جو حديث تي عمل ڪرڻ تي زور هوندو هو ۽ ان باري ۾ سندس هڪ مستقل رسالو به آهي. سندس تصنيفات مان هيٺيان ڪتاب مشهور آهن. (1) شرح حلية الانوار (حضور رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي حليه مبارڪ جي بيان ۾) (2) تحفة الانام في العمل بحديث عليه الصلواة و السلام (3) الايقاف علي سبب الاختلاف (4) شرح ترغيب و ترتيب اللمحدث المنذري (5) رد بدعات تعزيه (علامه معين ٺٽوي کي جواب) (6) شرح اربعين نووي (7) تهرير الاجارة علي العبارة (8) النهي عن عشق المردان والنسوان (عشق مجازي جي ترديد) انهيءَ رسالي ۾ لکي ٿو:
تلڪ لعمر الله الفثة الڪبريٰ و البيلة العظميٰ و القت الحرب بين الشق و التوحيد و دعت اليٰ موالات ڪل شيطان مريد اليٰ قوله و انما حڪي الله تعاليٰ – العشق عن الڪفرة قوم لوط و امرات عزيز و ڪانت مشرڪة و الفتنة بشق الصورتنا في ان يکون دين العبد ڪله الله الخ –
حاصل مطلب هن عبارت جو هي آهي ته ”الله جو قسم ته صورتن جو عشق هڪ وڏو فتنو ۽ وڏي بلا آهي.... عشق ۽ الله تعاليٰ جي هيڪڙائي واري مسئله ۾ جنگ جوٽيل آهي، عشق شيطاني سرڪش جي دوستي ڏانهن داعي آهي. الله تعاليٰ قوم لوط جي ڪافرن ۽ عزيز مصر جي مشرڪياڻي زال جي عشق جو بيان آندو آهي. عشق جي گرفتار جو سمورو دين الله تعاليٰ لاءِ ڪڏهن به نه ٿي سگهي ٿو، بلڪه جيترو ڪنهن به انسان جو هن جي دل ۾ عشق ويٺل هوندو ايترو سندس دين گهٽيل رهندو. بلڪه ڪڏهن ته ڪن عاشقن وٽ دين جي هڪ ذرڙي به ڪانه رهندي آهي. ظاهري صورتن جو عاشق قرآن شريف جي حڪم جي مخالفت ڪندڙ آهي. جو ارشاد آهي ته ”مومنن کي چئو ته هو پنهنجيون اکيون هيٺ ڪري هلن.“ عشق جون گرفتار اکيون هيٺ ڪرڻ ته ڇا بلڪه ناجائز نظربازي مان لذت حاصل ڪري ٿو. دل جو معشوق جي محبت ۾ ڦاٿو رهڻ هڪ قسم جو شرڪ آهي. جيئن ته صحيح حديث ۾ آهي ته دينار ۽ درهم جو ٻانهو يا عاشق ڏاڍو بڇڙو آهي. (الخ) هي مسلسل مضمون محدثانه رنگ ۾ ڊگهو هليو ويو آهي. (9) درحجة الجلية نواب صديق حسن خان شيخ محمد حيات کي وقت جي مجددن مان لکيو آهي. سندس ڪن رسالن هٿ اچڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته:
بعض رسائل شيخ محمد حيات فقير از مکه مکرمه آورده لله الحمد الله
ايڏي فضل ۽ ڪمال واري بزرگ اربع ڏينهن 26 صفر سن 1163هه مدينه منوره ۾ وفات ڪئي، جنت البقيع ۾ هميشه لاءِ وڃي آراميو (لبة المرجان – تحاف البنلاء)
تذڪره مشاهير سنڌ
مولانا دين محمد وفائي مرحوم
پهريون 1986ع
Title of Thesis

Biography of Shaikh Muhammad Hayat Sindhi, His Religious Services and Research Review of His Writings
Author(s)
Rafique Ahmed
Institute/University/Department Details
Department of Comparative Religion and Islamic Culture / University of Sindh, Jamshoro
Session
2001
Subject
Islamic Culture
Number of Pages
577
Keywords (Extracted from title, table of contents and abstract of thesis)
Biography, Shaikh Muhammad Hayat Sindhi, Religious Services, Research Review, Writings




No comments:

Post a Comment