Realtime Hit Counter

Saturday 8 December 2012

او سنڌ جا راڳي ! جوکيو شفيق احمد


او سنڌ جا راڳي ! 



طنبوري منجهان تکي تيز ڌار ڪڍي ڪهه! 

ڳلو ڌارئي ڌوتڙئي ڌاڙيل پليت پاپيء جو.


ڇا ڪندي ڳائي، اهڙا گيت ماء سنڌڙي جا؟ 
جت کڻي نه سگهجن ساه آزاديءَ جا!

او سنڌ جا راڳي ! 


طنبوري منجهان تکي تيز ڌار ڪڍي ڪهه! 

ڳلو ڌارئي ڌوتڙئي ڌاڙيل پليت پاپيء جو.

نه کپن اهڙا ساز سازندا، ناچ ٽاپ ناچن جا،

جنهن وطن ۾ هجي جسم جند جان اسير عيان!


او سنڌ جا راڳي ! 

طنبوري منجهان تکي تيز ڌار ڪڍي ڪهه! 
ڳلو ڌارئي ڌوتڙئي ڌاڙيل پليت پاپيء جو.

قيديء جيان، وطن سنڌ جا وارث سنڌي بڇڙي حال ۾،
ڪرڀ ڪوڀ ۾ ڪهڙي وڻي وائي ڪافي ۽ راڳ ڪوڙا جا؟

او سنڌ جا راڳي ! 

طنبوري منجهان تکي تيز ڌار ڪڍي ڪهه! 
ڳلو ڌارئي ڌوتڙئي ڌاڙيل پليت پاپيء جو.

ڇڏ مِکُرُ مڪاري ۽ تر تر تال، دهل دڦ ديوسن وارا، 
اٿ ڌار غيرت، ڪم ڪر غور سان غيورن وارا! 

او سنڌ جا راڳي ! 

طنبوري منجهان تکي تيز ڌار ڪڍي ڪهه! 
ڳلو ڌارئي ڌوتڙئي ڌاڙيل پليت پاپيء جو.

نه ته امڙ سنڌ، نه بخشيندي توکي مونکي ڪڏهن، 
جي رهيا رڳو راڳ رهاڻ، ڪاسبين جيان ڀڙوت جا! 

او سنڌ جا راڳي! 

طنبوري منجهان تکي تيز ڌار ڪڍي ڪهه! 
ڳلو ڌارئي ڌوتڙئي ڌاڙيل پليت پاپيء جو.

ياد ڪر ڪم جنگي جرار جوکيئي بجار ڄامَ جا،
ڇا ياد ڏياري جوکيو ته، وارث هيا جوکيا به سنڌ جا؟

شين الف جوکيو.

No comments:

Post a Comment