Realtime Hit Counter

Saturday 8 December 2012

لبرل-ازم/ماڊرنزم ۽ انقلابي عبيد الله سنڌي جوکيو شفيق احمد


لبرل-ازم/ماڊرنزم ۽ انقلابي عبيد الله سنڌي 

منهنجا تجربه ۽ مشاهدا: 
چوٿين منزل ؛ 1-ڪابل ۾؛ ڪابُلَ ۾ امير حبيب الله خان (بادشاه افغانستان) جي درٻاري سوسائٽيءَ جو اعتمادُ حاصل ڪرڻ.
2-عملي سياست جي صحيح واقفيت حاصل ڪرڻ. 3-پوري يقين سان هڪ فڪي انقلاب پيدا ٿي ويو ته جي-ڪڏهن هن زماني جا مسلمان بادشاه پنهنجون ڪمزوريون دور ڪري سهگندا ته انهن جي حڪومت جي طرز بهر-صورت يورپين هوندي دِهِلِيءَ وارو نظام اڄ نه
هلي سگهندو. 
4-امير حبيب الله خان هڪ سڌاري پسند ۽ وڏي ارداي وارو بادشاه(افغانستان) هيو.
هن جنهن قسم سان انقلاب آڻڻ گهريو ٿي ان جومون گهرو مطالعو ڪيو آهي. جيتري قدر مون سمجهيو آهن تنهن موجب سندس خيال ۾ يورپ جي نون اصولن تي فوجي طاقت پيدا ڪرڻ جي ضروت هئي، ان کان بي پرواهي ڪرڻ نا-ممڪن هئي. انهيءَ ڪري امير حبيبُ الله يورپَ جي پيرويءَ تي مجبور هو.
5-امير حبيب الله خان جي حڪمَ يا مشوري سان مان انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي. ويس ڪابُلَ ۾ انقلابي هندو (به) موجودُ هئا جن اسان کي ڪم ۾ شريڪ بڻائڻ گهريو.
ڇهين منزل: استنبول ۾ تائين: 
مون تي هيءَ حقيقت ظاهر ٿي ته هندوستاي مسلمان جي پٺتي رهجي وڃڻ جو اصلي سببُ (ڪارڻ) هي آهي ته هو حالتن کان نا-واقفُ رکيا ويا آهن مان ڏاڍو پريشان حيران ٿيس جڏهن ڏٺمُ ته دارُ-الخلافة جو ننڍو وڏو ماڻهو يورپين زندگي گذاري رهيو آهي ۽ خليفة المسلمين ۽ سندس گهراڻو اٽڪل ٻن سؤُ سالن کان يورپ جي مٿاهين سوسائٽيءَ جي رسمن ۽ عادتن جا پابندَ آهن، پر اسان جي ملڪ(وطن) ۾ بهترين عالمن جو هڪ طبقو يورپين رهڻي ڪهڻيءَ کي اسلام جي ابتڙ سڏي رهيو آهي. 
بيت الحمت لاهور.
لکيو مون مسڪين 
جوکيئي شفيق احمد
 


No comments:

Post a Comment