Realtime Hit Counter

Saturday 8 December 2012


امام انقلاب عبيد الله سنڌيء 
جو مذهبي ۽ اقتصادي نظريه (فڪر فلسفه) سنڌيڪارُ: 
جوکيو شفيق احمد 

هڪڙي ڀيري منهنجي شيخ(امام) علامة عبيد الله سنڌي جن فرمايو: هاڻ اسان مذهب(ڌرم) ۽ اقتصاديات بابت (لاڳاپيل) اسان پنهنجو نظريه (سوچ، فڪرُ، فلاسافي) پيش ڪريون ٿا. 

1. اسان قرآن حڪيمَ جي تشريح (تفسير)موجوده تهذيب جي عام نظريات سان ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا، ته جئن اها اسان جي عامُ قومي ذهنيت جي ويجهو اچي وڃي ۽ اسان ان کي ان کي پنهنجو سمجهي عمل ڪري سگهون، يعني قرآن جي تشريح انهن ئي نظرين جي اندر هجڻ گهرجي. 
2. ان تشريح کي صحيح طريقي سان مقرر ڪرڻ جي لاء اسان هڪڙو پرو-گرامُ واضح ڪري ڇڏيو آهي.

حڪيم الهندُ امام شاه ولي الله جي حڪمة سان هتي اهو (اهي) انسانيت جي عام نقط نگاه کان’ ڳالهه کي مُشَخَصُ بڻايون ٿا. هن فلسفي جي ثبوت سان ننڍي-کَنڊَ ۾ اسلامي تاريخ ۽ تعليم جو نچوڙ سانڍي ڇڏيو آهي. ان فلسفي جي تشريح ۾ يورپين اصول استعمال ڪريون ٿا، اسان اسلام کان منحرف (ڦرندڙ) نه ٿا ٿي سگهون بلڪه اسان يورپ جي لاء هڪ رستو گهڙي ڇڏينداسينته يورپ کي اسان انٽر-نيشنلزم مير داخل ٿيڻ جي مجبوري پيدا ٿي پوي. 

يورپ کي مجبور ڪرڻ کان پهريون اسان ضروري سمجهون ٿا ته حۡڪيمُ الهند امام شاه ولي الله صاحب جي فلسفي جي توسط (وسيلي) سان ننڍي کَنڊَ کي اسلام ۾ هضم ڪيو وڃي، جيڪڏهن اِنَّ ۾ ڪاميابُ ٿي وياسين ته يورپ اسان جي اطاعت تي مجبور ٿي ويندو. ان لاء ته اسلامي قومون جيڪي يورپي گروپ ۾ شامل ٿي رهيون آهن، اهي پنهنجي فلسفه هجڻ جي ڪارڻ جي ڪري ان(يورپي گروپ) ۾ داخل ٿي رهيون آهن ۽ جڏهن اسان پنهنجي فلسفي کي فروغ (واڌ ويج) ۽ تقويت (سگهه) ڏينداسين ته ان جي اثر سان اسلامي قومون ۽ ان جي اثر کان يورپ به پِڻُ اسان جي انٽر-نينشلزم منجهه داخل ٿيندو.

حضرت شيخ-الهندُ مولانا محمود حسن (اسير مالٽا) جو يه پرو-گرامُ جيئن ته (هندُ-سنڌ) وطن جي آزاديء کان پهريون جو (پرو-گرامُ) هو، لهذا پاڻَ جيڪو ڪجهه سوچيو هيائون ان دور زماني جي حالات جي مطابق سوچيو هيائون، ان ڪري اهڙين ڳالهين جي سلسلي کي جاري رکندي پاڻ فرمايائون'' هن پرو-گرام جي تڪميل (پورائي) ۾ اسان مسلمانان هندُ کان علاوه ٻن قومنُ کان استفاده(لاڀُ) حاصل ڪرڻ ٿا گهرون، هڪُ هندو(قومَ) ۽ ٻيو انگريز (کان)، ڪنهن ٻي قوم کان ڪنهن به قسم جواستفاد(لاڀُ) حاصل کي هن تحريڪ جو موتُ سمجهون ٿا''.

ٻين قومن منجهه هڪڙي قسم جو نخوت (هَٺُ، مَڳِي، وڏائي، تڪبّرُ) ٿي چُڪَا آهن. جنهن جي ڪري اهي ( ٻيون قومون) هن ننڍي کَنڊَ جي مسلمانن سان ساٿ ڏيڻ يا گڏ هلڻ لاء تيارُ ناهن ۽ جيڪڏهن اسان انهن کان استفاده (لاڀُ) حاصل ڪرڻ جو خيالُ ڪيو انهن منجهه اهو نخوتُ (هَٺُ، مَڳِي، تڪبّرُ، وڏائي) اڃا به وڌيڪ ترقي پذير ٿيندي آهي، ۽ جيڪڏهن اسان انهن کان الڳ ٿي وينداسين ته انهن کي پاڻ سنڀالڻ جو فڪر ٿيندو آهي.

سوال:- مثلاَ يورپين سائنس، اسان (عبيدالله سنڌي جي چوڻ مطابق ته؛) عربيءَ جي ذريعي (ميڊيئم) پڙهون يا سڌو (ترڪيء، جرمن، اسپينش، فرانسيسي، رومن ۽ خاص طور انگلش انگريزيءَ) ٻولين منجهه ؟ 

جواب:- اسان (عبيد الله سنڌي) 
(علم تعليم ايجيوڪيشن، انجنئرنگ/ ٽيڪنالاجي سائنس، جنگي حربي وارِ ٽيڪنالاجي سائنس، ميڊيڪل سائنس، ايگريڪلچرل سائنس، جيولاجي/جاگرافي ميٽرلاجي/ منرل سائنس وغيره) کي عربي ترجمن (ٽرانسليشن) جي ذريعي (ميڊيئم) سان هتي (هندُ، سنڌ) جي مسلمانن کي ڏيارڻ پڙهائڻ حرامُ ناجائز سمجهون ٿا. 
اهو (سڀ ڪجهه) سئون سڌو يورپَ کان سمجهن.''

خصوصي شمارو امام انقلاب عبيد الله سنڌي 
شذرات-2 علامه غلامُ مصطفيٰ قاسمي 
شاگرد رشيد امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح.

بحواله: ماهنامه اَلوَلِي 
حيدرآبادا-سنڌ.
بابت ماه آگسٽ، سٽيمبر، 1994ع 
شاه وليُّ الله اڪيڊيمي، 
حيدرآباد-سنڌ.
Like ·  ·  · Share · Edit · August 30 · 

No comments:

Post a Comment