Realtime Hit Counter

Friday 9 August 2019

معاشي نظام جي ناهمواري جو انسان جي اخلاق تي منفي اثر: استاد ابو ڪاشف. سهڙيندڙ شفيق جوکيو.



معاشي نظام جي ناهمواري جو انسان جي اخلاق تي منفي اثر: استاد ابو ڪاشف. 
سهڙيندڙ شفيق جوکيو.

معاشي نظام جي ناهمواري جو انسان جي اخلاق تي منفي اثر
پوي ٿو ان مان ٻيون ڪيتريون ئي برايون جنم وٺن ٿيون . پوء جڏهن معاشري ۾ دولت ۽ معاشي وسيلن جي تقسيم جو اهڙو نظام حاوي ٿيندو ته اهو مذهبي ماڻهن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيندو ته سائنسي تعليم ۽ سائنسدانن کي به پنهنجي مفادن جي تابع بڻائي ڇڏيندو. تنهن ڪري مذهبي ماڻهن کي به اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته سائنسي اوزارن کي جيڪو فحاشي عرياني وغيره لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو ان جو تعلق سائنسي تعليم سان نه پر سرمائيداري نظام سان آهي جنهن جو بنياد بداخلاقي تي رکيل آهي سائنس جي حقيقي ۽ خالص تعليم ان جي ذميدار نه آهي.
تنهن ڪري هاڻي اسين اعتماد سان اها ڳالهه چئي سگهون ٿا ته موجوده دور ۾ جيڪا اخلاقي برائي بظاهر سائنسي ترقي جي نتيجي ۾ ڦهليل نظر اچي ٿي اها درحقيقت دولت جي غير منصفانه تقسيم ۽ سرمايه دارانه نظام جي حاوي هجڻ جو نتيجو آهي. جنهن هڪ طرف مذهبي طبقي کي پنهنجو محتاج بڻائي ان کي پنهنجي تابع بڻائي ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي سائنسدانن کي به پنهنجو زر خريد غلام بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري هڪ طرف مذهب کي غلط استعمال ڪرڻ وارا ماڻهو طاقتور ٿي ويا آهن ته ٻئي طرف سائنس کي غلط استعمال ڪرڻ وارا ماڻهو حاوي ٿي ويا آهن. اصل ڏوهه نه مذهب جي اعليٰ تعليم جو آهي نه سائنس جي تعليم ۽ انسان جي ايجاد واري عقلي صلاحيت جو. برائي جي جڙ معاشي نظام جي ناهمواري ۾ آهي ۽ ان ناهموار معاشي نظام تي قابض بداخلاق سرمايه دار مذهب ۽ سائنس جي نالي ۾ جنگ مچائي ٻنهي طبقن کي ويڙهائي تماشو ڏسي رهيو آهي.

No comments:

Post a Comment