Realtime Hit Counter

Friday 9 August 2019

نئين ترڪي : مولانا عبيدالله سنڌي ترتيب شفيق جوکيو.


نئين ترڪي : مولانا عبيدالله سنڌي
1. ساڳئي سال ۱۹۲۳ع ۾ انگورا پهتس. منهنجي انهيءَ سفر لاءِ ماسڪو واري ترڪي سفير ۽ روس جي وزارت خارجه سفر جو رستو مقرر ڪري ڏنو. ممڪن آهي ته برطانيه جي ڪارندن کي ان جو پتو نه پيو هجي. (هي به غلط آهي ته آءٌ استنبول ان وقت پهتس جڏهن فرانس ۽ برطانيه جي متحده قوت ان تي قابض هئي) اٽڪل ۳ سال ترڪيءَ ۾ رهيس. مان اتحاد اسلامي تحريڪ جو پورو پورو مطالعو ڪيو. مگر مون کي مستقبل قريب ۾ ان لاءِ ڪوبه مرڪز نظر نه آيو. تنهن ڪري مان ترڪن جي وطني خدمت وانگر پنهنجي اسلامي تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ڪرڻ ضروري سمجهيو ۽ ڪانگريس ۾ پنهنجي اصول جي هڪ مستقل پارٽيءَ جو پروگرام ڇاپي ڇڏيو، جنهن ڪري منهنجي تحريڪ هر هڪ مخالف انقلاب کان محفوظ رهي سگهي ٿي.

2. اسان جو پروگرام:

يورپ کي ان نموني ۾ اسلام جي تعارف ڪرائڻ ۾ منهنجو خيال آهي ته آءٌ پنهنجي استاذ الاستاذ ۽ پنهنجي امام مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ جي هڪ قلبي خواهش کي پوري ڪرڻ ۾ عملي جامه ڍڪائي رهيو آهيان. انهيءَ پروگرام کي ترڪي پريس مان شايع ڪرڻ لاءِ انگورا حڪومت کان اجازت وٺڻي پئي. جنهن کي پهريائين وزارت خارجه ٻه جدا جدا ترجمه ڪرائي جيستائين حرف بحرف نه پڙهيو تيستائين اجازت نه ڏني. ڪي هندو دوست اردو پڙهي نه ڄاڻيندا هئا تنهن ڪري انهن جي سهوليت لاءِ پروگرام جو انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪرايم.
استنبول جي رهڻ واري زمانه ۾ لالا لڄپت راءِ سان تبادله خيالات ٿيو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انصاريءَ سان به چڱيءَ طرح ڳالهيون ٿيون، اسان جا هي ٻئي بزرگ نه انهيءَ پروگرام کي قبول ڪري سگهيا ٿي ۽ نه وري ان جو چڱو بدل ٻڌائي سگهيا ٿي، ڪوشش ڪندا ته اسان کي هزار ٻه هزار سال گذريل زمانه ڏانهن وٺي وڃن، يقيناً پنڊت جواهر لال نهروءَ هڪ فقره ان جي پسنديدگي تي لکيو. اهو منهنجي لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهي. مان پنهنجي پروگرام ۾ عدم تشدد کي ضروري ٺهرايو آهي. ان ۾ مهاتما گانڌيءَ جا ممنون آهيون ۽ عدم تشدد جي اخلاقي حيثيت کي ڄاڻان ٿو. انهيءَ بنياد تي پوليٽيڪل پروگرام جي تربيت ۽ اهميت مهاتما گانڌيءَ کان سکي. هُن اسان کي حضرت مسيح جي تعليم جي يادگيري ڏياري آهي جا اسان وساري چڪا هئاسين.
مون کي اهو به پتو آهي ته اسلام جو پهريون دور انهيءَ سياسي اصول تي عامل هو، دانائيءَ جي ڳالهه مؤمن جي وڃايل وٿ آهي پوءِ جتي به هٿ اچيس ته اهوئي ان جو مالڪ آهي.
منهنجي زندگيءَ جا حالات
مولانا عبيدالله سنڌي
_____________________________

امام عبيدالله سنڌي:
امام سنڌي جڏهن سوويت روس کي ڇڏي جلاوطني جا ڏينهن گهارڻ لاءِ ترڪيءَ ۾ آيو تڏهن اتي ڪمال اتاترڪ جي انقلابي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. سلطان عبدالحميد جي خلافت واري حڪومت ختم ٿي چڪي هئي، اتاترڪ مذهبي پابندين جي خلاف پنهنجي دور ۾ وڏيون جدتون آنديون هيون سو جڏهن امام سنڌي اتي ويو ته ماڻهن ان کي دانهون ڏنيون ته اتاترڪ ايڏو بي دين آهي جو اسان جون مايون جڏهن شهر ۾ برقعا پائي ٿيون وڃن ته سرڪاري سپاهي بازارن ۾ ئي انهن جا برقعا زوريءَ لهرائي ڇڏين ٿا. تنهن تي عبيدالله سنڌي انهن کي چيو ته توهان پنهنجي عورتن کي گهرن منجهان ئي بغير برقعن جي موڪليندا ڪريو پوءِ ساڻن سپاهي اهڙي بي حرمتي ڪو نه ڪندا.
امام عبيدالله سنڌي
ماسڪو ۾ - جنم ڏينهن جي حوالي سان سندس يادون
عزيز الله ٻوهيو

No comments:

Post a Comment