Realtime Hit Counter

Friday 9 August 2019

آخري پنو: عراق ۾ ايڪهين صديءَ جي جمهوريت ؟ 

استاد ابوڪاشف 

سهيڙيندڙ شفيق جوکيو.

چون ٿا ته صدام حسين ڊڪيٽر آهي! چڱو سائين مڃيوسي، هونئن به هن اسان واري اڙيڪاپ صدر وانگر پاڻ کي ڪڏهن به '' جمهوريت جو اَبَو'' ڪو سڏايو آهي. هو هڪ کرَو ماڻهو آهي فيصلن ڪرڻ کان پوءِ انهن فيصلن جي نتيجن جي ذميداري کڻڻ وارو پڻ. سندسِ ساٿين مٿان موجوده نام نهاد عدالت ۾ جيڪي الزامَ عائد (مڙهيا) ڪيا ويا انهن لاء چيائين ته هنن کي ڇوٿا پڪڙيو! فيصلا ته مون ڪيا آهن، هنن جي ڏوهه جو ذميدار آئون آهيان. مون سان ڳالهايو! ان مان ئي هن جو ڊڪٽيٽر هجڻ ثابت ٿي وڃي ٿو، صدام (حسين) کان اڳُ ۾ عراقَ ۾ ڪهڙي جمهوريت هئي جنهن جي مٿان صدام (حسين)ڊڪٽيٽرشپ لاڳو ڪري ڇڏي؟ ۽ عراق جي سرزمين مغربي جمهوريت لاء ڪيتري سازگار آهي ۽ مغربي جمهوريت اتي جيڪي گُلَ ڪڍيا آهن؛ انهن ۾ قتل، خونريزي، ڦُرُمارَ، شهرَن جا شهرَ تباهه ڪرڻ، تهذيبي ورثو ۽ فريقيواريت جي بنيادي سياسي ادارا قائم ڪرڻ جهڙا ڪيترا گُلَ ان جمهوري گلسدستي ۾ سجايا ويا آهن؟

انهن کي پاسي تي رکي اچو ته پاڻ اهو ڏسون ته صدر صدام حسينَ جي ڊڪٽيٽرشپ جو رنگُ روپُ ڪهڙو هو؟

اسان جي خيالَ ۾ ته صدام حسين جي ڏوهن هڪ ڊگهي فهرستَ ٺاهي سگهجي ٿي، پر هُنَ گهٽ ۾ گهٽ 10 اهڙا وڏا جُرُمَ ڪيا جنهن ڪري کيس اول درجي ( ڏاڪي) جو ڊڪٽيٽر قرار ڏيئي کيسِ 20 دفعا( ڀيرا) ڦاسي ڏيئي سگجهي ٿي. اسين هڪ هڪ ڪري اهي ڏوهه ٻڌايون (لکون) ٿا، پوءِ اوهان پاڻ سوچيو ته انهن ڏوهن مان هرهڪ ڏوهه ٻه ٻه دفعا ( ڀيرا) ڦاسي ڏيڻ جهڙو آهي يا نه؟

پهريون ڏوهه: هن معصومُ عورتن جهڙين مظلومُ ملٽي نيشنل تيل ڪمپنينُ جي حق تي ڌاڙو هڻي عراقَ جي تيلَ جي صنعت کي قومي تحويلَ ۾ وٺي عراقي عوام جي ملڪيت بڻائي ڇڏيو.

ٻيو ڏوهه: هن ظالمَ شخص خواه مخواه (اجايو) تعليمَ جي شرح وڌائڻَ لاء عراقَ جي اڻ پڙهيلَ شيعه اڪثريت کي پڙهائي پيڙائي زور ۽ زبردستي ڪري ڊاڪٽر انجنيئر بڻجڻ تي مجبور ڪيو، اهڙي طرح اڻ پڙهيل ماڻهن جو تناسبُ جيڪو 70 فيصد (سيڪڙو) هو، هُنَ (صدامَ) ڊڪيٽيٽر اهو گهٽائي 10 فيصد(سيڪڙو) ڪري ڇڏيو.

ٽيون ڏوهه: ننڍڙن ٻارن کي رستن تي سگريٽ وڪڻڻ ۽ انهن جا سُوٽا هڻڻ کان محرومُ ڪري انهن کي اسڪولن جهڙي قيدخانن (جيل گهرن) ۾ بند رکي ميٽرڪ تائين لازمي تعليم حاصل ڪرڻ جهڙو ڪارو قانون مڙهي انهن کي رستن ( گسن) تي رلڻ ۽ پنڻ کان محرومُ ڪري ڇڏيو.

چوٿون ڏوهه: ڪُرد قوم ( نسل) جا ماڻهو جيڪي تُرڪيءَ ، عراقَ، ايرانَ ۽ شامَ ۾ ورهايلَ آهن. ٻين ٽنهي ملڪن ۾ انهن کي ڪابه جداگانه سياسي حيثيت حاصل نه آهي حالانڪِ تُرڪيء ۾ عراق کان به وڌيڪ ڪُردَ رهن ٿا، پر صدامَ حسين اها بدعت ايجاد ڪئي ته هن عراقي ڪُردنِ کي ان کان به وڌيڪ حڪومتي ۽ سياسي اختيارَ ڏنا جهڙا برطانيه ۾ ويلز ۽ اسڪاٽ لينڊ وارن کي حاصل آهن، پر هن اتي بس ڪونه ڪئي بلڪِ هن خالص عربن لاء به ڪردستاني زُبان هڪ لازمي سبجيڪٽ طور پڙهڻ لازمُ ڪري ڇڏي ۽ ڪردستاني زبان ۾ اخبارون جاري ڪرايون.

پنجون ڏوهه : صدام (حسين) کان اڳ وارين حڪومتن جو ۽ ٻين عرب حڪومتن جو سڄو زور ٻاهرين مصنوعات جي درآمد ڪري عياشي ڪرڻ تي هيو، پر هن (صدام حسين عراق ۾ مقامي صنعتن کي زور وٺائي تنگ نظريءَ جو ثبوت ڏنو.

ڇهون ڏوهه: هن بين الاقوامي قانون ۽ معيار جي ڀڃڪڙي ڪندي هاريُنِ کي ٻين ملڪن جي هارين کان وڌيڪ زمينون ڏنيون ۽ انهن کي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ مشينون ٽريڪٽر ۽ ٻيا زرعي اوزار ڏئي پيداوار وڌائڻ لاء مجبور ڪيائين. هن(صدام حسين) رڳو ان تي بس نه ڪئي پر انهن کي فرج ( رفريجريٽر) ۽ ٽيلويزن جهڙيون شيون ڏئي هنن کي ٿڌو پاڻي پيئڻ ۽ دنيا جي حالات کان باخبر رهڻ لاء به مجبور ڪيائين.

ستون ڏوهُه: هن ظالم ڊڪٽيٽر حڪمران يونيورسٽي سطح تائين تعليم مفتُ ڪري ڇڏي ۽ يونيورسٽين جي ليباريٽرين ۾ تحقيق ۽ ريسرچ جو اعلي انتظامُ ڪرڻ جا بندوبست ڪيائين آخرڪار هڪ ايشيائي ملڪ جي حڪمران کي اهو ڪهڙو حق پهچي ٿو؛ ته هو يورپ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جو خواب ڏسي سگهي؟

اٺون ڏوهه: هن مَردَ عورت کي هڪ جهڙا شهري حقوق ڏيئي عورتن کي قانون تعليم، صحت، فني مهارت ۽ فوجي خدمتن جي شعبن(کاتن) جاگيرداراڻي سماج ۾ فوجي قوت تيارُ ڪرڻ جو جهڙو، بين الاقوامي ڏوهه ڪيو.

ڏهون ڏوهه: هن ترقياتي منصوبن تي بيحساب دولت خرچ ڪئي ۽ انتظامي عهدن تي موجود وڏن آفيسرن کي ٻاهرين بئنڪن ۾ اڪائونٽ کولڻ جي حق کان محرومُ رکيائين ۽ ڪيترن ئي ويچارن ڪروڙپتين کي عراقي دينار ٻاهر اڏاري کڻي وڃڻ کان روڪي اهو پئسو عراق جي انفرا-اسٽرڪچر مظبوط ڪرڻ لاء خرچ ڪيائين.

مٿين ڏهاڪو ڏوهن مان هر ڪو ڏوهه اهڙو آهي جو ان تي ٻه دفعا ( ڀيرا) ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي سگهجي ٿي.
البته هو جيڪڏهن سِرَ جيئدان گهري ته کيس ان شرط تي سِرَ جيئندانُ ڏيئي سگهجي ٿو ته کيسِ اهو ڏيکاريو وڃي ته وزارت داخلا ۽ ابُوغُريبُ ۾ عراقين جي زندهه ۽ مردهه لاشن کي جمهوريت جو پروٽوڪولُ ڪيئن ڏنو وڃي ٿو؟
جاري آهي.

ورتل منٿلي الصادقُ،
کڏو،ڪراچي،سنڌُ
مورخه: مئي، جون 2006ع
***

شاعري خليل مطران
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي ؟

خليل مطران، خليل جبران جي ئي وطن لبنان سان تعلق رکندڙ شاعر آهي، خليل جبران کان عمر ڪجهه آڳاٽو پُڻُ، هي سٽون آڳاٽي عرب مزاحمت جي حمايت ۾ چيل آهن جيڪي ان وقت کان به وڌيڪ هن وقت عراق ۾ آمريڪا جي خلاف هلندڙ عرب مزاحمت جي حالتن سان ٺهڪي رهيون آهن. عربي متن سان گڏ انهن جو تشريحي ترجمو به ڏجي ٿو جنهن ۾ شعر جي وزن کان وڌيڪ تخيل تي توجهه ڏنو ويو آهي

شردوا اخيارها برا و بحرا
واقتلوا احرارا ها حرا فحرا
کسروا الاقلام هل تکسيرها
تمنعع الايدي ان تنقش صخرا
قطعوا الايدي هل تقطيعها
تمنع الاعين ان تنظر شزرا
اطفئوا الاعين هل اطفاءُ ها
تمنع الانفاس ان تنفث جمرا
اخمدوا الانفاس هذا جهدکم
وبه منجاتنا منکم فشکرا.
خليل مطران البناني.

شاعري خليل مطران
مترجمه: ڊاڪٽر پروفيسر غلام مصطفيٰ راڄپر،

ڌڪي ڌوڻي ڌرتيءَ ڄاون سڀن کي
تڙي تڙ سمورا اُڪاري سگهو ٿا.

ڳڻي هاڻ حريت جي حامين سڀن کي،
اي جلاد ماري ٻوٽاري سگهو ٿا.

مروڙي ۽ ٽوڙي قلم ڪانهن ڪانا،
لکيل ليک ڦاڙي ۽ ساڙي سگهو ٿا.

مگر سنگتراشيءَ ۾ سارا سنيها،
هٿن ساڻ هيڪر اتاري سگهو ٿا.

هڻي ڪات هٿڙا ڪارائيءَ کان ڪاٽي،
ڇيڻيءَ جي ڇُهڻَ کان جي کاري سگهو ٿا.

ته ارڏا اکين ڳاڙها ماڻهو اسان ڀي،
گهرون جي ته گُهوري نِهاري سگهون ٿا.

اکين ۾ ٽُنبَي تير تازا تپايل،
ڏيئا ڏينهن جيها اُجهائي سگهو ٿا.

ته پوءِ ڇار ڇاڻي ڳولهي چڻنگ ڳاڙهي،
ڏيئي ڦُوڪَ ٽانڊا اٿاري سگهو ٿا.

ڏيئي نَنهُن نِڙِِيءَ تي جهلي جهٽ گهڙي ڪا،
گهُرو جي ته ٻُوساٽي سگهو ٿا.

ته واهه واهه اهائي ته آزادي آ، جو
ڏيئي ساهه ڏَهڪاءُ ويهاري سگھو ٿا.

ورتل
ماهانه الصادق، کڏو، ڪراچي، سنڌ
مئي۽ جون، 2006ع.
صورتخطي
جوکيو شفيق احمد.

No comments:

Post a Comment