Realtime Hit Counter

Friday 9 August 2019

پنهنجي پاران : الصادق، کڏو، ڪراچي، سنڌ


16 ڊسمبر 2012 جي اخبار ۾ هڪ ننڍڙي هڪ ڪالمي خبر ڇپي. بظاهر ته هن خبر ۾ ڪا اهڙي وڏي ڳالهه نظر نه ايندي پر جيڪڏهن گهري نظر سان ڏسبو ته ان ۾ اوهان کي ملڪن ۽ قومن جو جياپو نظر ايندو. هڪ نگاه هن خبر تي وجهون ٿا:

”ہندوستانی عدالت نے پاکستانی خاتون نزہت جہاں کو 19 سال بعد ہندستانی شہری تسلیم نہ کرتے ہوئے اسے غیر ملکی قرار دیدیا اور اسے شہریت نہ ملنے کی وجہ سے ڈی پورٹ کئے جانے کا بھی خطرہ ہے۔“ (روزنامہ ”امت“ کراچی)
19 سالن کانپوءِ غير ملڪي قرار ڏيڻ جي معنيٰ آهي ته ڪير به هندستان ۾ وڃي ڪجهه دير ۾ اتان جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي اتان جو شهري نٿو ٿيو وڃي جيئن اسان وٽ شهريت جو ڪاروبار سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ سان لڳو پيو آهي.
جيڪي اڄ هتي اچن ٿا اهي سڀاڻي نادرا جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايو هتان جا شهري ٿيو وڃن، ووٽر لسٽن ۾ نالا لکرائي ووٽ ڏين. اميدوار بيهي جعلي ووٽن تي چونڊجيو هن ڌرتي جي قسمت جا مالڪ بڻجيو وڃن.
ڪنهن به ملڪ جو شهري ٿيڻ لاءِ ڪي شرط آهن، ڪي گهرجون آهن. ڪو طريقه ڪار آهي. خود هتان جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪي شرط شروط آهن. باقاعده 8 صفحن تي ٻڌل شهريت جو ايڪٽ آهي جنهن کي The Pakistan Citizenship Act 1951 چيو وڃي ٿو.
همارا ڪراچي، همارا ڪراچي ڪرڻ وارا چون ٿا ڪراچي اسان جو آهي. اسان کي هتان جي ماڻهن جو مينڊيٽ حاصل آهي. ٽي وي تي پروگرام به ڏسبا ته عوام کان انهن جا مسئلا پيا پڇبا ته ”عوام ڇا ٿو چوي“؟ هي الائي ڪٿان جو عوام آهي! جيڪو هتان جو اصلوڪو رهاڪو آهي انهن کان هنن عوام جي هڏ ڏوکين کي پڇڻ جي زحمت ئي نٿي ٿئي ته پڇن ته هتان جو حقيقي ۽ اصلو ڪو عوام ڇا ٿو چوي! پڇن به فقط انهن کان ٿا جيڪي هتان جا آهن ئي ڪونه. نه قانوناً نه اخلاقاً.
پاڪستان جي هن شهريت واري ايڪٽ جي تحت به هو هتان جا شهري نٿا ٿي سگهن. هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ جيڪي هتي لڏي اچي پناه گير ٿيا، ڇا هينئر هتي موجود ماڻهون سڀ جا سڀ نسلي طور انهن جو ئي اولاد آهن؟ جيئن چون ٿا ته ”ہم پاکستان بنانے والوں کی اولاد ہیں“ ڇا اڄ ڏينهن تائين هيءَ هجرت هلندڙ ناهي؟
هن سٽيزن شپ ايڪٽ جي ڪلاز 6 جي تحت لکيل آهي ته ”1 جنوري 1952 کان اڳي جيڪو لڏي اچي هت پهتو اهوئي پاڪستان جو شهري هوندو.“
(ڏسو: The Pakistan Citizenship Act 1951 -.6: Citizenship by migration (1) PP: 2)
هتي ته جيڪو آيو سو هتان جو آهي. نادرا جا سڃاڻپ ڪارڊ ائين ٺهيو وڃن ڄڻ هي ڪالهه آيل صدين کان وٺي رهندڙ آهن ٿئي ائين ٿو جو پهرين ٻاهران آيل جو پراڻي دور جو راشن ڪارڊ ٿو ٺهي پوءِ پراڻو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ان بنياد تي وري نادرا جو ڪمپيوٽرائزڊ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيو وڃي. هتان جا اصل رهاڪو وتن ٿا ڌڪا کائيندا. ثابت ڪن ته هتان جا آهن! انهن جي سار لهڻ وارو به ڪير آهي؟ جيڪي وزير، مير، پير آهن تن کي انهن ماروئڙن جي ڏکن سورن جو ڪهڙو احساس؟ پر انهن ميرن، پيرن کي معلوم ٿيڻ گهرجي ته جي هاڻي به انهن اک نه پٽي ته پوءِ اهي ڌاريا ان ڳالهه ۾ ڪوبه فرق ڪونه ڪندا ته ڪير لاچار آهي ۽ ڪير مير ۽ پير! اهي سڀني کي هڪ ئي لڪڻ سان هڪليندا. تنهن ڪري سنڌ جي غريب ماروئڙن جي بقا ۽ ترقي ۾ ئي انهن وزيرن، اميرن، ميرن، پيرن ۽ وڏيرن جي بقا آهي. سنڌ جا اهي غريب ۽ مسڪين ئي درحقيقت انهن وڏن ماڻهن جي زندگي جي ضمانت آهن. 
هڪ صحابي حضرت ابوالدرداء رضي الله عنه فرمائي ٿو ته مون نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کان ٻڌو، پاڻ فرمايائون : ابْغُونِي ضُعَفَاءَكُمْ فَإِنَّمَا تُرْزَقُونَ وَتُنْصَرُونَ بِضُعَفَائِكُمْ. ”مونکي ڪمزور ماڻهو ڳولهي ڏيو ڇوته اوهان کي رزق ۽ الله جي مدد انهن جي ڪري ملي ٿي جيڪي اوهان ۾ ڪمزور آهن“ (ابودائود:2594 ).
ڳالهه هلي پئي شهريت جي حاصلات جي ته هر ملڪ وانگر هتان جو به هڪ قانون ۽ قاعدو شهريت جي حاصل ڪرڻ جو آهي پر عمل نٿو ٿئي. ٻين ملڪن ۾ بنا ڪنهن به قاعدي ۽ قانوني طريقيڪار جي شهريت جو حصول ناممڪن آهي، بلڪه شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعده ان ملڪ جي آئين، قانون ۽ سياسي نظام جي برتري ۽ بالادستي جو قسم ۽ حلف پڻ کڻڻو پوي ٿو. مثال طور آمريڪي شهريت لاءِ حلف نامو هن ريت آهي:
“I hereby declare, on oath, that I absolutely and entirely renounce and abjure all allegiance and fidelity to any foreign prince, potentate, state or sovereignty, of whom or which I have heretofore been a subject or citizen, that I will support and defend the constitution and laws of the United States of America against all enemies foreign and domestic; that I will beer arms on behalf of the United States when required by the law; that I will perform noncombatant services in the armed force of the United States when required by the law; that I will perform work of national importance under civilian direction when required by the law; and that I take this obligation freely without any mental reservation or purpose of evasion; so help me God.”
”آءٌ هتي هي حلف ۽ قسم کڻي اعلان ڪريان ٿو ته آءٌ مڪمل ۽ پوري طرح سان هر ان اطاعت، وفاداري کان مستقل لاڳاپو ٽوڙي دستبردار ٿيان ٿو، پوءِ کڻي اهو بادشاه هجي يا حڪمران ۽ راڄوڻو، رياست يا حاڪميت اعليٰ جنهن جو ڪڏهن آءٌ رعايا، يا شهري رهيو هجان. ۽ اهو ته آءٌ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جي آئين ۽ قانون جي مڪمل حمايت ۽ دفاع ڪندس سڀني دشمنن خلاف، پوءِ توڻي جو اهي دشمن اندروني هجن يا بيروني ۽ آءٌ انهي جو سچو عهد ۽ اطاعت جو ذمو کڻان ٿو ۽ اهو ته آءٌ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي طرفان هٿيار کڻندس جڏهن قانون جي مطابق ان جي ضرورت پيش ايندي ۽ اهو ته آءٌ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي افواج ۾ رضاڪارانه خدمات سرانجام ڏيندس جڏهن قانون جي مطابق ان جي ضرورت پوندي، ۽ اهو ته آ۽ قومي اهميت جا ڪم سر انجام ڏيندس سويلين هدايتن جي مطابق جڏهن قانوني گهرج هوندي ۽ اهو ته آءٌ هي قانوني ذميداري جو بار هر قسم جي ذهني تحفظ ۽ بهاني ۽ گسائڻ جي ارادي بنا کڻان ٿو سو اي رب تون تنهنجي مدد ڪر.“
هي ترجمو اسان جو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هن ۾ ڪي قانوني اکرن جي ترجمي ۾ اسان کان غلطي ٿي هجي پر پوءِ به مفهوم ۽ معنيٰ آساني سان سمجهه ۾ اچيو وڃي ته آمريڪا جو شهري ٿيڻ لاءِ ٻئي جتي جو به شهري هوندو ان جي وفاداري ۽ اطاعت کان دستبرداري جو اعلان ڪرڻ ضروري آهي. مسلح افواج لاءِ رضاڪارانه خدمات به سرانجام ڏيڻ جي ضرورت پئي سگهي ٿي. قومي سلامتي ۽ اهميت جا ڪم ڪرڻ جي به حامي ڀرڻ ضروري آهي. ۽ ظاهر آهي ته آمريڪي قومي سلامتي ۾ ڪنهن به ملڪ خلاف جاسوسي ۽ ٻيا اهڙائي ڪم جنهن جي آمريڪا جي قومي سلامتي هجي ان کي ڪرڻا پوندا.
برطانوي شهريت جي لاءِ جيڪو حلف نامو آهي ان ۾ ته رياستي ۽ آئيني بالادستي تسليم ڪرڻ سان گڏوگڏ ديني ۽ مذهبي بالادستي کي تسليم ڪرڻ به ضروري ۽ لازمي آهي.
1. I pledge allegiance to Her Majesty Elizabeth Windsor, to her family and to the monarchy for which it stands: three kingdoms under one queen, infinitely stratified, with such liberties as are granted to the people by parliament and such justice as a judiciary that also makes the laws may allow. 
2. I acknowledge that all governmental authority is derived from the Crown and denounce the heresy that is should be derived from the people. 
3. Being a Catholic/ Hindu/ atheist/ Methodist/ agnostic/ Baptist/ Muslim/ other I recognise the supremacy of the Church of England in all spiritual matters and its right to a privileged place in the government of my new country. Furthermore I freely acknowledge my obligation to give financial support to that Church and recognise the right of its archbishops to sit in the legislature for as long as they hold office in the Church of England and without benefit of election. I acknowledge that the separation of church and state has no place in the traditions of this nation and is therefore of no merit. 
هن سموري جو ترجمو ڪرڻ بدران ڪن خاص ڳالهين کي واضح ڪريون ٿا:
نمبر1 ۾ آهي ته عوام کي جيڪي اختيار يا آزادي آهي سي حڪمران بادشاه يا ملڪه جي طرفان پارليمينٽ جي ذريعي عوام کي ڏنا ويا آهن حقيقي انهن جو ڄڻ حق ڪونهي.
نمبر3 ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪنهن به مذهب يا دين سان تعلق رکندڙ هجي پر چرچ آف انگلينڊ جي بالادستي جو اعتراف ضروري آهي ۽ اها ڳالهه به آهي ته هن ملڪ جي روايتن جي خلاف آهي ته رياست ۽ مذهب الڳ الڳ هجن.
اسان جو انهن دانشورن ۽ ڏاهن کي نماڻو عرض آهي جيڪي سياست يا رياست ۽ مذهب کي ڌار ڪرڻ لاءِ سيڪيولر رياستن جا حوالا ڏيڻ ۾ مغرب جو حوالو ڏين ٿا. برطانيه مغربي دنيا جو هڪ اهم بلڪه مرڪزي ملڪ آهي. جمهوريت، انساني حق، مذهبي رواداري، سيڪيولر ازم اهي سڀئي اسان جا ڏاها ۽ دانشور انهن مغربي ملڪن جا بنيادي وصف ڄاڻائن ٿا پر برطانيه جي شهريت جو حلف نامو انهن سڀني ڳالهين جي ابتڙ آهي.
تازو هينئر وارد ٿيندڙ شيخ الاسلام به ڪينيڊا جو شهري آهي ۽ ڪينيڊا جي سربراهه رياست ملڪه برطانيه آهي انهن لاءِ به تقريباً ساڳيو ئي حلف ۽ قسم نامو آهي. اسلام تي چرچ آف انگلينڊ جي بالادستي ۽ هر روحاني ۽ مذهبي معاملن ۾ ان کي ترجيح ڏيڻ کانپوءِ به ڪو صاحب شيخ الاسلام سڏرائي نبي آخر زمان صلي الله عليه وسلم جي عشق جي هام هڻي ٿو. سمجهه کان ٻاهر آهي. انگلينڊ ۾ خودساخته جلاوطني ڪاٽيندڙ قائد تحريڪ پير صاحب به برطانيه جو شهري آهي جيڪو هينئر پناهگير علمائن جو روحاني پيشوا به بڻيل آهي. اهو به چرچ آف انگلينڊ جي بالادستي جو حلف کنيو ويٺو آهي.
هتي جيستائين حقيقت کي تسليم نه ڪبو تيستائين سڌارو مشڪل بلڪه ناممڪن آهي ۽ سڀ کان وڏي حقيقت جنهن کي مڃڻ کانسواءِ پاڪستان جو سڌارو ممڪن ڪونهي سو آهي دو قومي نظريي کي غلط ۽ قرآن و سنت جي خلاف سمجهڻ ۽ مڃڻ. جيستائين ان ڪوڙ ۽ بنيادي غلطي کي نه مڃبو تيستائين سڌارو نه ايندو! مريض جو علاج ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مرض جو سبب ڄاڻي ان سبب کي ختم ڪجي جي نه ته مرض ڪڏهن به ختم ڪونه ٿيندو. هتي انهي مرض ۽ ان جي اسباب تي ڪنهن جي نظر ڪانهي باقي هر ڪو ٽي وي، اخبار ۾ وڏو اينڪر، تجزيي نگار ٿيو ويٺو آهي ته هتان جو عوام ڇا ٿو چوي، ڇا ٿو گهري، ان سان ڇا ٿي رهيو آهي؟
جنهن جي لاءِ رڙيون، ڪيڪون ٿين ٿيون اهي حقيقت ۾ هتان جا آهن ئي ڪونه. سڀ ٻاهران آيل آهن ۽ هتان جي وسيلن تي اچي انهن قبضو ڪيو آهي ۽ انهي قبضي لاءِ پاڻ ۾ جنگ و جدل هلندڙ آهي جنهن جي ڪري هتي بدامني ۽ فساد آهي.
هتان جو عوام ويچارو ته ڪنهن کي نظر ئي نٿو اچي. خاص طرح اسان جي مين اسٽريم ميڊيا ۽ انهن اينڪر پرسنز کي جيڪي عوام جي ڳالهه دنيا جي آڏو آڻڻ جون ٻٽاڪون هڻن ٿا. هتان جي عوام جي حالت بقول اياز: ”ڪنڊيءَ نه سنڱري، ٻٻر نه پلڙو، سائو نه سلڙو، ڇانگو نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا.“ واري آهي. 
انهي ۾ اسان سڀ برابر جا قصوروار آهيون وڏيرن، اميرن کان وٺي هيٺ تائين اسين سڀ جا سڀ ۽ جيستائين اسان سڀ پنهنجون ذميواريون، قومي ذميواريون نه سمجهنداسين ۽ پنهنجي ڊيوٽي ادا نه ڪنداسين، تيستائين اسان کي پنهنجا حق نه ملي سگهندا. ڇو ته حق سان گڏ فرض ۽ ڊيوٽي به آهي، رڳو حق ملن. فرض ۽ ڊيوٽي ادا نه ڪريون، اها ناانصافي آهي ۽ الله سائين کي ظالم ۽ ناانصاف پسند ڪونهن.
هتي اهي ئي قومون زنده رهنديون جيڪي پنهنجي حقن حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجا فرض به ادا ڪنديون رهنديون ۽ سجاڳ رهنديون. خواب غفلت ۾ نه گذارينديون. اسان کي به هن غفلت جي ننڊ مان جاڳڻ جي ضرورت آهي جنهن جي بغير اسين ڪجهه حاصل نه ڪري سگهنداسين بلڪه الٽو رهيو سهيو به وڃائينداسين.
ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري
سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.
(شاه صاحب)
********************
اسان ماڻهن کي جهڙي طرح سياسي ۽ سماجي سڌارن جي شديد ضرورت آهي اهڙي طرح تعليمي فڪري سڌاري (Reform) جي ضرورت به شديد بلڪه اشد آهي ته نئين تشڪيل (Re-form) جي به ضرورت آهي. خاص طور اسان سنڌ واسين کي جيڪي دين بابت ڪجهه اهڙا تاثر رکن ٿا جو دين سندن استحصال ڪري ٿو تنهن ڪري هو دين کان ڄڻ بيزار آهن. خاص طرح سان جديد پڙهيا لکيا ماڻهو هن ڳالهه ۾ اڳتي آهن. هنن جي نگاهن ۾ دين اسان جي پوئتي رهجي وڃڻ يا غيرن جي غلامي ۾ ڦاسڻ جو باعث ۽ سبب آهي. اهڙي ساڳي صورتحال جو شڪار هن ملڪ يعني پاڪستان جو عام پڙهيو لکيو ۽ خاص طور پنهنجي پاڻ کي کاٻي ڌر جا (Leftist) سڏائڻ وارا دين کي پنهنجي پوئتي هئڻ جو اصل ڪارڻ سمجهن ٿا. هن ملڪ ۾ دين جا جيڪي ٺيڪيدار آهن تن وٽ ان جو ڪوبه حل موجود ڪونهي. ڇو ته سندن فڪر ۽ عمل خود دين جي تعليم سان ٺهڪندڙ ڪونهي. نه ئي جديد مسائل کي منهن ڏيڻ لاءِ وٽن ڪا ڳالهه آهي. دين اسلام ته سموري انسانيت جو دين آهي. ڪنهن خاص قوم، ملڪ ۽ طبقي لاءِ ڪونهي. پر عام طرح سمجهاڻي اها ٿي ملي ڄڻ دين اسلام جو تعلق فقط انهن سان آهي جيڪي پنهنجي پاڻ کي مسلمان سڏرائن ٿا پوءِ کڻي نالي جا مسلمان هجن. الله فقط انهن جو آهي ٻين جو ڪونهي. ساڳيائي خيال بني اسرائيل يا يهودين جا هئا ۽ آهن.
مسلمانن جو خدا. يهودين جو خدا هڪ جهڙي ڳالهه آهي ۽ الله ته رب العٰلمين آهي، خدا ڪنهن خاص گروهه، قوم ۽ طبقي جو رب ناهي. الھ العالمين ۽ رب العالمين جي تعليم ۽ فڪر دين اسلام جي حقيقي تعليم ۽ فڪر آهي. هر ڪنهن قسم جي گروهي، قومي ۽ طبقاتي تعصب کان مٿانهين تعليم ۽ فڪر. هن تعليم ۽ فڪر جي صحيح ڄاڻ ۽ آگاهي موجوده حالت ۽ دور ۾ اسان کي فقط حڪيم الامت شاه ولي الله رحمة الله عليه جي سمجهاڻي ۾ملندي جنهن جي تشريح ، امام عبيدالله سنڌي رحمة الله عليه پنهنجي تفسير ۽ ٻين لکڻين ۾ ڪئي آهي. پنهنجي سنڌي تفسير جيڪا پاڻ مولانا مدني﷥ کي املاء ڪرايائون، هندستان ۾ ٻن جماعتن جو عموما ذڪر ڪن ٿا. هڪڙي علي ڳڙهه سان وابسته جماعت، ٻي ديوبند سان وابسته جماعت. ان کي اسين موجوده دور جي جديد تعليم يافته ۽ قديم تعليم يافته جماعتن جو مثال سمجهي سگهون ٿا. موجوده دور ۾ به ڪيئي ماڻهو ۽گروه شاه صاحب جي فڪر يا مولانا سنڌي﷥ جي نظريي جي ڳالهه ڪرڻ وارا اسان کي ملن ٿا جيڪي فقط پنهنجي پاڻ کي ئي هن ڳالهه جو صحيح جانشين ۽ وارث قرار ڏين ٿا پر ڪي وري جمعيت علماءَ اسلام جي گروهي ۽ متعصب سياست ۾ ڦاٿل آهن ته ڪي وري خانقاهي نظام جي چڪر ۽ ڌٻڻ ۾ گرفتار. مولانا سنڌي﷥ بين الاقواميت جو قائل آهي پر اها بين الاقواميت مٿان کان شروع نه ٿيندي، بلڪه هيٺيان يعني قوميت کان شروع ٿي بين الاقواميت تائين پهچندي. تنهن ڪري پهريائين قومي قيادت پيدا ڪرڻ ۽ قومي سياست سڌارڻ ضروري آهي جيڪا جمعيت علماءَ اسلام جي نفي آهي. اهڙي طرح پاڻ بيعت هوندي به مولانا سنڌي خانقاهي نظام ۽ ان سلسلي کي اڳتي ڪونه وڌايو. ڇو ته هُن اها اميد نٿي رکي ته اهو نظام قومن ۾ زندگي پيدا ڪندي مقصد حقيقي جي حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو ۽ خانقاهي نظام ڪو اجتماعي ڀلي جي لاءِ موجوده دور ۾ ڪم اچي سگهي ٿو.
بهرحال، حڪيم الامت شاه صاحب جي فڪر کي امام عبيدالله سنڌي﷥ جي تشريح جي روشني ۾ سمجهڻ جي هينئر اسان کي، خاص طور سنڌ جي ماڻهوءَ کي اشد ضرورت آهي. هن کي سمجهڻ سان هو دين جي صحيح ۽ حقيقي تعليم کي سمجهڻ جي قابل بڻجي ويندو ۽ انهن گهڻن مونجهارن مان نڪري ايندو جيڪي دين کان کيس برگشته ڪيون ويٺا آهن ۽ کيس معلوم ٿيندو ته هي دين، دين رحمت آهي نڪي استحصال ۽ استبداد جو دين آهي. هينئر تصوف جي نالي ۾ سڄي سنڌکي ڄڻ ته نشي جو عادي بڻايو پيو وڃي. اهڙي نشي جو، جنهن ۾ کيس پنهنجو هوش به نه رهي ۽ ٻيا هن تي غالب ۽ حڪومت ڪندي سندس استحصال ڪندا رهن ۽ ان استحصال ڪرڻ ۾ اسلام جو نالو به استعمال ٿيندو رهي.
تصوف يا ٻين لفظن ۾ اسين هن کي ”زهد“ چئون يا ”احسان“، حقيقت ۾ ڇا آهي؟ ۽ ڇا اهو ماڻهو کي دنيا جهان کان ويڳاڻو بڻائي، دنيا کان کيس ڪٽي ڇڏي ٿو يا ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي الله جو ٻانهو بڻائي ٿو؟ دين اسلام ان بابت ڇا ٿو چئي؟ هن فڪر ۽ سمجهاڻي ۾ اها سموري ڳالهه بهترين انداز سان موجود آهي. سو هينئر اسان جي قوم کي دين جي صحيح ۽ حقيقي تعليم جي اشد ضرورت آهي، جنهن سان اسان جي انفرادي زندگي به سڌرندي ته اجتماعي، سياسي، سماجي سڌارا به ان جي بغير ممڪن ناهن. وما علينا الاالبلاغ.
http://www.jamiatulamaesindh.com/Alsadiq-Alsadiq-Jan-Feb-20

No comments:

Post a Comment