Realtime Hit Counter

Friday 9 August 2019

”رب العٰلمين“ ئي ”رب الاقوام“ آهي (قرآن فهمي جو سنڌي طريقو) ابوڪاشفُ.: سهڙيندڙ : شفيق جوکيو.



”رب العٰلمين“ ئي ”رب الاقوام“ آهي
(قرآن فهمي جو سنڌي طريقو)

يعني جهانن جو پالڻهار ئي قومن جو پالڻهار به آهي
سورة الفاتحة جي پهرين آيت ۾ رب العالمين جو لفظ آيو آهي
العالمين جمع آهي ان جو واحد ”عالم“ (لام جي زبرسان) آهي .
عام طرح عالم (لام جي زبر سان) ان جي معني سنڌي ۾ جهان/دنيا ٿيندي آهي
عالم حيوانات عالم نباتات عالم جمادات عالم ناسوت ملڪوت جبروت ۽ لاهوت به ان معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آهن.

سياسي ٻولي ۾ اهو لفظ ”ٽين دنيا“ ” مسلم دنيا “ وغيره اصطلاحن جي شڪل ۾ استعمال ٿيندو آهي.

عام طرح سورة الفاتحة جي پهرين آيت جو ترجمو ان طرح ڪيو ويندو آهي ته:
سڀ تعريفون الله جي لاء، جيڪو جهانن جو پاليندڙ آهي.

عام طرح مفسرين ڪرام ان مان مخلوقات جي سمورن قسمن جي الڳ الڳ دنيا مراد وٺي الله جي بي انتها عظمت جو بيان ڪندا آهن ته ڏسو ! الله جي ڪيڏي وڏي قدرت آهي جو هو سموري ڪائنات کي پالي رهيو آهي!

پر امام عبيد الله سنڌي ”رب العٰلمين“ کي رب الاقوم (قومن جو پالڻهار) جي مفهوم ۾ ورتو آهي. ڇوته هر قوم جو به هڪ پنهنجو جهان ۽ پنهنجي دنيا هوندي آهي. خود قران مجيد ۾ ڪيترن ئي جاين تي اهو لفظ ”قومن“ جي مفهوم ۾ استعمال ٿيو آهي. لوط عليه السلام جي قصي ۾ آهي ته کيس پنهنجي قوم وارن چيو ته ”اولم ننهڪ عن العٰلمين“ يعني ”ڇا اسان توکي ٻين قومن جي ماڻهن کي مهمان بڻائڻ کان نه روڪيو هو؟“

اهڙي طرح بني اسرائيل کي چيو ويو آهي ته ”فضلنٰڪم علي العٰلمين“ يعني اوهان کي دنيا جي قومن تي فضيلت عطا ڪئي سون.

امام سنڌي جو خيال آهي ته مفسرين جيڪو رب العٰلمين کي وسيع مفهو ۾ ورتو آهي اهو لفظ جي معنيٰ توڙي خارجي حقيقت جي حد تائين بلڪل صحيه به آهي پر قرآن جنهن مقصد لاء آيو آهي ان مقصد جي تقاضا آهي ته ”رب العٰلمين“ مان مراد ”رب الاقوام“ وٺجي.
ٻظاهر اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته جهانن جو رب مراد وٺجي يا قومن جو رب، ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي!
آئون سمجهان ٿو ته تمام وڏو فرق آهي اچو ڏسون ته اهو وڏو فرق ڪهڙو آهي؟؟؟؟؟؟؟؟
امام عبيدالله سنڌي جو نظريو آهي ته ان ڳالهه ۾ ته ذري برابر به شڪ ناهي ته الله ئي سڄي ڪائنات جو اڪيلو خالق مالڪ مدبر ۽ پالڻهار آهي. پر قرآن مجيد انساني عالم جي اندر نتيجن پيدا ڪرڻ لاء نازل ٿيو آهي ٻين لفظن ۾ ته قرآن جا مخاطب نباتات جمادات وغيره جا جهان ۽ دنيائون ناهن بلڪه قران انساني عالم ڏانهن آيو آهي انسانن سان مخاطب آهي ۽ انساني سوسائٽي ۾ ئي نتيجا پيدا ڪرڻ گهري ٿو. ۽ انساني سوسائٽي جن مختلف جهانن ۽ دنيائن ۾ تقسيم ٿيل آهي انهن کي قومون چئجي ٿو جيئن مٿي ذڪر ڪيل آيتن ۾ قومن جو ذڪر آيو.
ان اجمال جو وڌيڪ تفصيل ڪجهه هن طرح آهي ته جڏهن اسان سڄي ڪائنات جو تناظر پيش ڪريون ٿا ته اهو هڪ اعتبار سان تمام وسيع ۽ بظاهرذهن کي مرعوب ڪندڙ مفهوم آهي ته ”هيڏي ساري وسيع ڪائنات جو پاليندڙ“!!!!!!!!!!

پر انساني سوسائٽي ۾ ان مفهوم سان اهو خاص تحرڪ پيدا نٿوٿي سگهي جيڪو ”قوم“ جي مفهوم سان ٿي سگهي ٿو.

اچو ته ان اجمالي تفصيل جو وڌيڪ تفصيلي مفهوم ذهن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪريون.
مثال طور دنيا جون سڀ قومون آدم جو اولاد آهن ان اعتبار سان سڄي انسانيت مٽي مائٽي جي هڪ رشتي ۾ جڙيل آهي. ان اعتبار سان آدم عليه السلام جي اها عظمت ٿي ته هو اسان سڀني جو وڏو ڏاڏو آهي.

ان کان هيٺ اچون ته خانداني اعتبار سان اسان جو ويجهو ڏاڏو پيءُ جو پيءُ يا اهڙي طرح پڙڏاڏو تڙڏاڏو وغيره هوندا آهن هاڻي جڏهن اسان کي پنهنجي ويجهي ڏاڏي جي حوالي سان ڪنهن معاملي ۾ سڏيو يا متحرڪ ڪيو ويندو ته اها ڳالهه اسان کي فوري طور متحرڪ ڪندي ۽ اسين ان قريبي نسبي تعلق کي نباهڻ لاء متحرڪ ٿي وينداسين اسان جو وڌ ۾ وڌ مطالبو اهو هوندو ته اهو سڏ جائز ڳالهه جي لاء هجي. پر جيڪڏهن اسان کي ڏاڏي آدم جي حوالي سان ڪنهن اهڙي ڪم لاء سڏيو ويندو ان صورت ۾ اسان فوري طور متحرڪ نه ٿي سگهنداسين مثال طور اوهان کي ڪو ماڻهو اوهان جي ڪنهن قريبي رشتيدار بابت ڪا ڏکائتي خبر ٻڌائي ۽ ٻي خبر ان کان به وڌيڪ ڏکائتي خبر هجي پر اها چين يا برازيل ۾ رهندڙ ڪنهن انسان بابت هجي جيڪو ڏاڏي آدم جي حوالي سان اوهان جو مائٽ ٿئي ته اوهان کي ڪهڙي خبر وڌيڪ متحرڪ ڪندي؟ اهو اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا!!!! ان مان سمجهه ۾ آيو ته ڏاڏي آدم جي عظمت اولاد جي گهڻائي جي لحاظ کان ته اسان جي ويجهي ڏاڏي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي پر ان عظمت جو حوالو اسان ۾ اهو تحرڪ پيدا نٿو ڪري سگهي جيڪو ويجهي ڏاڏي وارو حوالو پيدا ڪري سگهي ٿو.

هاڻي ڳالهه سمجهڻ ۾ ڪجهه آسان ٿي پئي ته الله جي هڪ عظمت اها آهي ته اهو سڄي ڪنات جو خالق مالڪ ۽ پالڻهار آهي. اهو هڪ وڏو حوالو آهي جيڪو ذهن کي مرعوب ڪري سگهي ٿو پر ان کان ننڍو حوالو اهو آهي ته الله اسان جي قوم جو پالڻهار آهي پر اهو حوالو قومي سطح تي ٺهيل انساني سماج ۾ وڏو تحرڪ پيدا ڪري سگهي ٿو مثال طور اسان کي ڪو چوي ته دنيا ۾ الله تعاليٰ ڪيترا ئي سمونڊ ۽ درياه پيدا ڪيا آهن ته اهو وڏو حوالو آهي ۽ درياهن جي اعتبار سان مسيسيپي ۽ امازون درياه سنڌوءَ کان به وڏا قدرتي ڪرشمآ آهن پر اسان کي قومي نفسيات جي حوالي سان سنڌو درياه جو حوالو وڌيڪ ۽ فوري طور متحرڪ ڪري سگهي ٿو. مثال طور اسان هيئن چئون ته اسان سنڌين کي اسان جي پالڻهار هيء سنڌو جي ڌرتي ڏني آهي ۽ ان ۾ سنڌو درياه وهائي ڏنو آهي ته اها مهرباني ۽ ٻاجهه تمام ويجهڙي محسوس ٿئي ٿي ۽ سنڌين ۾ الله جي فرمانبرداري جي جذبي کي اڀارڻ ۾ دنيا جي ٻين خطن ۽ درياهن کان وڌيڪ موثر ٿي سگهي ٿي.

هاڻي انساني عالم يعني قومن کي مدنظر رکي پوء رب العٰلمين جو مفهوم اهو ٿيندو ته
سڀ تعريفون ان الله جي لاء آهن جيڪو دنيا جي سمورين قومن جو پالڻهار آهي.
ان جو عملي فرق سياست ۽ معيشت ۾ اهو وڃي نڪرندو ته هر قوم کي پنهنجي قومي معاشي سماجي ۽ سياسي نظام ۾ الله سان قريبي تعلق ڏسڻ ۾ ايندو ۽ قوم جا ماڻهو جيئن سماجي تعلقات جي دائري ۾ هڪ ٻئي جي معاملن سان وابسته هجن ٿا. اجتماعي ادار قائم ڪن ٿا ته اهي پنهنجي قومي زندگي ۾ الله کي پنهنجو پالڻهار سمجهندا ته قومي پاليسين کي به خدا جي مرضي جي تابع سمجهڻ کين پنهنجي گهر جي ڳالهه محسوس ٿيندي يعني اسان جي رب اسان کي هي وطن ۽ معاشي وسيلا عطا ڪيا آهن جن تي اسان جي زندگي جو مدار آهي سو اسين پنهنجي قومي زندگي ۾ پنهنجي رب کي وساري نٿا سگهون.
ان طريقي سان جڏهن هر قوم جو سمجهدار طبقو خدا جي اڳيان پاڻ کي ويجهڙو بيٺل ڏسندو ته هو پنهنجي قوم ۽ ان جي قومي نظام کي خدا جي نافرمانيءَ واري تباهي کان بچائڻ ۾ فڪرمند رهندو ان طريقي سان جيڪا سياسي ۽ معاشي بين الاقواميت قائم ٿيندي اها خدا جي فرمانبردار قومن جي بين الاقواميت هوندي جيڪا بين الاقوامي انصاف جي قائل هوندي اتي ڪنهن هڪ قوم کي ويٽو پاور حاصل هجڻ جو حق نه هوندو ڇو ته دنيا جون سڀ قومون خدا جي اجازت سان زمين تي آباد آهن ۽ هو خدا کان سواء ڪنهن ٻي قوم جون محتاج ناهن ته ان طريقي سان توحيد جو اهو تصور قومي آزادي جي هم آهنگ به ٿي ويندو.
امام سنڌي رب العٰلمين جو اهو مفهوم پنهنجي عربي تفسير الهام الرحمٰن ۾ سمجهايو آهي ان مفهوم کي مون هتي پنهنجي اکرن ۽ مثالن ۾ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
امام سنڌي جي ان تفسير سمجهڻ کان پوء منهنجي دل ۾ ان مفهوم جي ايتري ڪشادگي پيدا ٿي پئي آهي جو آئون سمجهان ٿو ته سنڌي قوم کي سياسي سماجي ۽ معاشي آزادي ايتري حاصل هجي جو اها خدا کان سواء ٻي ڪنهن جي بڻايل آئين ۽ قانون جي غلام نه هجي.
منهنجي سمجهه ايترو ڪم ڪري ٿي ۽ مون کان وڌيڪ سمجهه رکڻ ورا ان ڳالهه کي اڃا به وڌيڪ واضح ۽ صاف ڪري سگهن ٿا. وفوق ڪل ذي علم عليم
*******************

No comments:

Post a Comment