Realtime Hit Counter

Friday 9 August 2019

سنڌ جو درد رکندڙ لاء ڌيان طلبُ!!!



سنڌ جو درد رکندڙ لاء ڌيان طلبُ!!!سنڌي قومپرستن کي پنهنجي ڪمزورين تي نظر ثاني ڪري سنڌي قوم جي اکين ۾ پاڻ کي عزت وارو بڻائڻ گهرجي. انهن لاء کين پهريون ڪم اهو ڪرڻو آهي ته پنهنجي صفن مان بداخلاق ماڻهن کي ڪڍي باڪرادر ماڻهن کي اڳتي آڻين 
2-ڪم اهو آهي ته مذهب جي مخالفت ڪرڻ ڇڏي ڇڏين. مذهب جي مخالفت ڪرڻ سان اسلام کي ذري جيترو به نقصان نه ٿيندو ڇو ته سندن لکڻيون پڙهي ڪو ترڪ يا اندونيشائي يا بنگالي اسلام تان هٿ ڪونه کڻدو نڪو يورپ جا پڙهيل لکيل ماڻهو قرآن جو مطالعو ڪرڻ يا اسلام قبول ڪرڻ ڇڏي ڏيندا پر نتيجو اهو ٿيندو ته پاڪستان جي ٻين قومن جي مقابلي ۾ سنڌين جو ڪيس ڪمزور ٿيندو.
هن وقت ڪجهه قومپرست دانشور ۽ ڪارڪن پنهنجي لکڻين سان اهو تاثر پيا ڏين ته جيستائين سڄي سنڌي قوم دهريت کي اختيار نٿي ڪري تيستائين سنڌ جي آجپي جي جدو جهد صحييح معني ۾ شروع ئي نٿي ڪري سگهجي. پر منهنجي ناقص سمجهه ۾ اها ڳالهه تڏهن ممڪن ٿيندي جڏهن نطام شمسي ۾ ايتري تبديلي اچي وڄي جو پراڻي نظريي مطابق سج زمين جي ٻاهران ڦرڻ شروع ڪري.

No comments:

Post a Comment