Realtime Hit Counter

Friday 9 August 2019

مولانا محمد صادق کڏي وارو، ڪراچي، سنڌ تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ مصنف:ڊاڪٽر ابوسلمان شاهه جهانپوري



مولانا محمد صادق کڏي وارو، ڪراچي، سنڌ
تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ
مصنف:ڊاڪٽر ابوسلمان شاهه جهانپوري

سنڌ جو مشهور ديني ۽ سياسي رهنما ۽ مولانا محمد صادق، مولانا عبدالله پٽ شيخ عبدالڪريم جو پٽ هو. 15 مارچ 1874ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو هو. شروعاتي تعليم پنهنجي والد کان ۽ ان جي قائم ڪيل مدرسي مظهرالعلوم محلي کڏي ڪراچي ۾ ٻين استادن کان حاصل ڪيائين. علمن جي تڪميل ۽ فراغت جي سند لاءِ دارالعلوم ديوبند ڏانهن ويو. حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن ديوبندي جو پيارو شاگرد ۽ ان جي تحريڪ جو سنڌ ۾ اهم ميمبر هو. حضرت شيخ الهند جڏهن مولانا سنڌيءَ کي ديوبند سڏائي جمعيت الانصار جي قائم ڪرڻ ۽ اتي رهي ڪري سياسي ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو ته، ان سان گڏ ئي مولانا محمد صادق کي به ياد فرمايو هو ته جيڪڏهن مشوري کان پوءِ مولانا سنڌيءَ جو سنڌ ۾ رهڻ ضروري سمجهيو وڃي ته مولانا محمد صادق کي ديوبند ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو وڃي. پر مولانا سنڌي جي ديوبند ۾ رهڻ جي فيصلي کان پوءِ مولانا محمد صادق کي ڪراچي ۾ رهي ڪري سنڌ ۾ تحريڪ جو ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو. ان جو مدرسو مظهرالعلوم حضرت شيخ الهند جي سياسي ۽ ديني اصلاحي تحريڪ جو خاص مرڪز هو. هو جمعيت علماءِ هند جي شاخ سنڌ جو صدر به هو. ريشمي خط، خلافت، ترڪ موالات (عدم تعاون)، هجرت ۽ آزادي جي تحريڪن کي سنڌ ۾ زور وٺائڻ ۾ هن جو ۽ هن جي دوستن مان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا دين محمد وفائي وغيره جو خاص حصو آهي. هندستان پاڪستان جي سڀني اڪابر عالمن ۽ انقلابين سان هن جا نهايت ويجها تعلقات هئا.
مولانا حسين احمد مدني ان بابت لکيو آهي ته مولانا صاحب محلي کڏي ڪراچيءَ جو رهاڪو آهي. مٿيان درسي ڪتاب خاص ڪري دورو حديث حضرت شيخ الهند کان پڙهيو. ان ۾ ۽ مولانا عبيدالله صاحب ۾ نهايت گهرا لاڳاپا سدائين رهيا. آزاديءَ جي مشن ۾ سدائين سرگرميءَ سان شريڪ رهيو. عالمي جنگ جي ڏينهن ۾ جڏهن انگريزن عراق تي حملو ڪيو ته هن ۽ هن جي ساٿين لس ٻيلي وغيره جي بلوچستاني قبائلين کان بغاوت ڪرائي ڇڏي. ان جي ڪري اها فوج، اسلحو ۽ رسد جي مدد، جيڪا ڪراچيءَ مان ٿي ڪري هر هفتي عراق پهچي رهي هئي ۽ جنهن ڪري عراق ۾ انگريزي فوجن جي پيش قدمي برابر جاري هئي، بيهي ويئي. هتي جيئن ته لس ٻيلي جي بغاوت هيٺ ڪرڻ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي ويا ۽ رسد جو سلسلو ڪٽيل رهيو، ان ڪري ڪوت العماره ۾ ٽاؤنشيڊ ۾ ڦاٿل فوجون، جن جو تعداد مولانا مدني رحه جي بيان جي مطابق ٽيهه هزار ۽ ”تاريخ اقوام عالم“ جي وضاحت جي مطابق ڏيڍ لک جي لڳ ڀڳ هئو. هٿيار ڦٽي ڪرڻ تي مجبور ٿي پيون ۽ لسٻيلي جي بغاوت دٻائڻ کان پوءِ رسد عراق پهتي ته جنگ جو پاسو انگريزن جي خلاف پلٽو کائي چڪو هو. مولانا مدني جي وضاحت جي مطابق ٽاؤنشيڊ جي فقط سترنهن هزار فوج ۽ تاريخ اقوام عالم جي وضاحت جي مطابق فقط نوي هزار فوج باقي رهجي ويئي هئي. ٽاؤنشيڊ جيئن ته 19 اپريل 1914ع تي هٿيار ڦٽي ڪيا هئا، ان ڪري خيال آهي ته ان کان پوءِ ئي مولانا محمد صادق جي گرفتاريءَ جو واقعو پيش آيو هوندو. مولانا مدني رحه جي بيان جي مطابق ڪارواڙ (مهاراشٽر) ۾ ان کي نظربند ڪيو ويو هو ۽ جنگ جي خاتمي تائين نظربند رهيو. مولانا مدني صاحب لکي ٿو ته مولانا محمد صادق نهايت جوشيلو، رازدار ۽ مستقل مزاج شخص هو. هند جي ورهاڱي تائين دارالعلوم ديوبند جي مجلس شوريٰ ۽ جمعيت علماءَ هند جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. خلافت ڪاميٽي سنڌ ۽ جمعيت علماء سنڌ ۾ هميشه نهايت بلند همت ۽ ڪوشش سان پورو ڪم ڪندو رهيو.
18 جون 1953ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪيائين.
ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ ان جو ذڪر ڪيترن ئي جاين تي آيو آهي ۽ آخر ۾ ڪيس ۾ ملوث شخصيتن جي سلسلي ۾ ان تي هيٺ ڏنل جامع نوٽ آهي:
”مولوي محمد صادق آف سنڌ- جنودربانيه جي فهرست ۾ ڪرنل آهي، سنڌ جي انتهائي ڪٽر وهابين ۾ شامل آهي. شيخ ابراهيم ايم اي، سابق پروفيسر حبيبه ڪاليج ڪابل هن جو ڀائيٽيو آهي. جنگ ڇڏڻ کان پوءِ هي شخص روپوش رهي ڪري جهاد جي لاءِ پروپئگنڊا ڪري رهيو هو. عبيدالله پير جهنڊي وارو ۽ ٻيا باغي سرهندي سنڌي پيرن سان هن جو تعلق آهي. 1915ع ۾ ۽ 1916ع جي شروع ۾ قلات (بلوچستان) جي شورشن ۾ هن جو هٿ آهي. هاڻي هو ڪارواڙ (مهاراشٽر) ۾ نظربند آهي.“
تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ
مصنف:ڊاڪٽر ابوسلمان شاهه جهانپوري
ڇپائيندڙ:سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست

https://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=314#15831

No comments:

Post a Comment