Realtime Hit Counter

Friday 4 November 2011

حُرُ تحريڪ ۽ اڄ جي سنڌ! ڪليم ٻُٽُ


حُر تحريڪ ۽ اڄ جي سنڌ!
ڪليم ٻُٽ
”اوهان مسلم ليگ ۾ شامل ٿي وڃو!“ سائين جي ايم سيد پير صاحب کي چيو. پير صاحب مسڪرائي انهن کان پڇيو :
”ڇا جي لاءِ؟“
”ان لاءِ جو 1940ع جي قرارداد مطابق وطن کي آزاد ڪرايو ويندو“. سيد صاحب چيو پير صاحب وڏو ٽهڪ ڏئي چيو :
”مسلم ليگ وطن کي آزاد ڪرائيندي؟ شاهه صاحب مان ته اوهان کي وڏو سياست دان سمجهندو هوس، پر لڳي ٿو ته اوهان سياست جي هجي کان به واقف ناهيو“.
”۽ اوهان شايد مختلف جيلن ۾ رهي ، مختلف سياستدانن سان ملي ڪري سڄي سياست کي حفظ ڪري ڇڏيوآ هي“. شاهه صاحب وراڻِو هو ”سياست جي حفظ جو ته مان دعويٰ نٿو ڪريان، پر جيڪا جماعت هر قدم انگريزن جي مشوري سان کڻي ۽ جنهن ۾ ”سر خان بهادر“ وڏيرا ۽ سيٺ شامل هجن، اها آزادي جي دعويٰ ڪري ته سٺو مذاق آهي! هي ڳالهه به لکي ڇڏيو“. پير صاحب چيو.
”پير صاحب ! اسان ته جلد ئي اسيمبلي مان پاڪستان جي آزادي جي قرارداد بحال ڪرائينداسين“. سيد صاحب چيو، پير صاحب وري هڪ وڏو ٽهڪ هڻي چيو:
”ٺيڪ آهي! اوهان قرارداد پيش ڪريو ۽ بحال به ڪرايو، ۽ انگريز اوهان کي ٿالي ۾ آزادي رکي ڏيندا! شاهه صاحب ياد رکو انگريز اول ته پاڪستان ڏيندا ئي نه ، ۽ جي هندو سندن چوڻ ۾ آيا به ته اهڙو پاڪستان ملندو جيڪو سالن تائين انگريزن جي هيٺ هلندو“.
سيد صاحب جوش ۾ چيو هو :
”اسان پنهنجي آزاد ملڪ ۾ ڪنهن کي به مداخلت ڪرڻڪو نه ڏينداسين“.
پير صاحب وري ٽهڪ ڏيندي چيو هو:
”اوهان هوندئو ڪٿي! ڇا ايستائين ملڪ جي ڏور اوهان جي ئي هٿن ۾ هوندي شاهه صاحب غلطي تي آهيو، آزادي جي جنگ ته اوهان وڙهندو ۽ فتح انهن کي ئي ملندي جيڪي انگريزن جا ازلي غلام آهن. اوهانکي کير مان مکي جيان ڪڍي ڦٽي ڪندا ۽ اهو گمان به آهي ته اوهان کي جيل ۾ به رکيو وڃي“. پوءِ وري پير صاحب چيو هو :
”جي زندگي رهي ته ڏسنداسين اسان جي پيشگوئي ڪيتري درست آهي، .. پوءِ خبر پوندي ته سياست ڪير ٿو سمجهي توهان يا اسان!“. ۽ پوءِ ”اسان ته انشاءَ الله ”وطن يا ڪفن“ حاصل ڪري وينداسين۽ اوهان سڄي عمر اهڙيون داستانون لکندا رهندو جن ۾ شڪايتون هونديون“.
هي مقالمو جناب محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي ناول ”سانگيءَ“ جي صفحي نمبر 88، 89 ، 90 تان کنيل آهي جيڪو سورهيه بادشاهه ۽ سائين جي ايم سيد صاحب جي ملاقات تي مبني آهي. هن ملاقات مان اندازو ٿئي ٿو ته سورهيه بادشاهه جا انديشا ڪيترا نه درست هئا، کين اها سُڌ چڱي طرح هئي ته ڪو به قابض بغير لڙائي جي قبضو ڪو نه ڇڏيندو، گانڌي جي عدم تشدد جي تحريڪ آزادي لاءِ ناڪافي آهي، ڇو جو اهڙين تحريڪن مان قابضن کي ڪو خاص جاني يا مالي نقصان نه رسندو آهي.
شايد اهڙن جوڌن ۽ سرفروشن لاءِ ئي ڀٽ ڌڻي فرمايو آهي ته:
”پاڻ ئي ايندوهوت پر تون به ٿج اڳڀري،
متان چوي بلوچ ته ڪميڻي مان ڪين ٿيو“. (شاهه)
”وطن يا ڪفن“ جي نعري بنا آزادي ڪين ملندي آهي. آزادي جي لاءِ ڪجهه سر ڪٽرائڻا پوندا آهن ته وري ڪجهه سر ڪٽڻا پوندا آهن. انقلاب ائين ئي ذهن ۽ سوچ ۾ ايندو آهي.
اسين جي اڄ سنڌ جي حالتن تي نظر وجهون ته صاف ظاهر آحي . سنڌ سان صدين کان وير رکيو ويو، سنڌ کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي. سورهيه بادشاهه جي پيشن گوئي ڪيتري نه سچي هئي جو اڳتي هلي سائين جي ايم سيد کي ”رهبر“ جهڙو ڪتاب لکڻو پيو.
هر دور جي حڪمران جي اهائي سوچ رهي آهي ته هو هر retaliation کي بغاوت جو نالو ڏيندو آهي، هر وطن پرست هنن لاءِ باغي هوندو آهي. ڪڏهن کيس ڌاڙيل قرار ڏئي مظلوم عوام آڏو پيش ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري کيس قاتل، ڦورو چور چئي عوام کي گمراهه ڪيو ويندو آهي.. پر پوءِ به وطن جي اهڙن سرفروشن کي عوام جي دلين مان ڪڍي نه سگهندي آهي.
اڄ 20 مارچ آهي، اڄ جي نڀاڳي ڏينهن سنڌ جي عظيم سرفروش ۽ ٽئين حُر تحريڪ جي باني کي عوام کان ڌار ڪيو ويو هو، پر سندس ”وطن يا ڪفن“ جي ڏنل نعري کي هڪ پل لاءِ به عوام جي دل مان نه ڪڍي سگهيا آهن.

”سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال نه ڍار
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين!“. (شاهه)1
http://www.dailyibrat.com/

No comments:

Post a Comment