Realtime Hit Counter

Monday 14 November 2011

شهنشاهان ڪسريٰ ايران (فارس) / قيصر روم وارن جو سرمائيداراڻه نظام ۽ سنڌ، هند جي بد حالي واري حالت؛

امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح

جامع النقل و المعقول علامة الدهر غلام مصطفيٰ قاسمي سنڌي

شهنشاهان ڪسريٰ ايران (فارس) / قيصر روم وارن جو سرمائيداراڻه نظام ۽ سنڌ، هند جي بد حالي واري حالت؛

امام انقلاب عبيد الله سنڌي جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ !

جوکيو شفيق احمد

قران مجيد ۾ سوچ ويچار(تدبر) ڪرڻ جي اهميت! حڪيم الهند امام شاهه ولي الله الهندي جن قرآن مجيد(حڪيم) جو سوچ ويچار ڪرڻ کي هڪ لازمي سنت قرار ڏنو آهي. قرآن مجيد جي فارسي ترجمي ۽ ان جي حاشيي فتح الرحمٰن کي (تدبر) سوچ ويچار جو سمجهڻ گهرجي.

سندن (حڪيم الهند امام شاهه ولي الله الهنديءَ) کان پوءِ سندن پُٽَنِ شاهه عبد العزيز، شاهه عبد القادر، شاهه رفيع الدين صاحبان ٽنهين پنهنجي پيءُ جي پيرويءَ ۾ قرآن شريف (حڪيم) (واري تعليم) جي وڏي خدمت ڪئي.

شاهه عبد العزيز صاحب جن تفسير ''فتح الرحمٰن'' لکي قرآن مجيد ۾ فڪر ۽ غور ڪرڻ ۽ قرآن مجيد(حڪيم) جي آيتن کي پنهنجي دور جي ماڻهن جي حالتن سان مطابق ڪرڻ جو هڪ تمام سٺو نمونو پيشِ ڪيو آهي. اڳتي هلي ولي اللٰهي جماعت مان (امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جي استاد) مولانا شيخ الهند محمود حسن جن به شاهه عبد القادر جن جي ترجمي ''موضح القرآن '' جي اهڙي اصلاح ڪئي جو (هنديءَ) اردوءَ جي پراڻن ۽ نه استعمال ٿيندڙ لفظن جي جاءِ تي عام رائج لفظ وڌا ۽ ان جو نالو''موضح القرآن'' رکيو.

قرآن مجيد (حڪيم ۾ غور ڪرڻ لاء (حڪيم الهند امام) شاهه ولي الله جي ٻڌايل اصولن کي جيڪڏهن گهريءَ نظر سان ڏٺو وڃي ته هيءَ ڳالهه پڌري پٽِ معلومُ ٿيندي، ته شاهه صاحب (حڪيم الهند امام ولي الله)جن کُلَمِ کُلا هڪ فرد جي ڀيٽ ۾ جماعت ۽ انفراديت جي مقابلي ۾ اجتماعيت (صالحن واري عوامي جمهوريت) کي ايترو زياده واضح نه ڪيو آهي. ان جو سبب(ڪارڻ) هي هيو جو ان دور ۾ جيڪي (هندوستان جون) ملڪي حالتون هيون، اهي ان قسم جي فڪر کي پکيڙڻ ۽ ان جي ظاهر ظهور تائيد کي برادشت نه ڪري سگهن هان؛ ڇوته هو بادشاهن (امپيرلزم) جو دور هيو ۽ بادشاهي (امپريلزم) دور ۾ هڪ ڄڻو(بادشاهه) ئي طاقت جو سرچشمو هوندو آهي. پر ان سان گڏ شاهه صاحب (حڪيم الهند امام شاهه ولي الله الهندي) جن قرآن مجيد (حڪيم) جي نازل ٿيڻ جو اصلي مقصد (سبب، ڪارڻ) سرمائيدارڻه نظام (سسٽم) جي اصلاح ۽ (معاشرتي، معاشي اقتصادي)عدل انصاف واري نظام (سسٽم) قائم ڪرڻ ۽ غلط اجتماعيت (عوامي جمهويت) جي جاءِ تي صالح ۽ سُڌريلَ اجتماعيت(صالحن واري عوامي جمهوريت) پيدا ڪرڻ کي قرار ڏنو. ڇا ڪاڻ ته قرآن حڪيم اجتماعيت(صالحن واري عوامي جمهوريت) تي سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ جي دعوة ڏني آهي.

نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي اچڻ (بعثت) واري زماني کي جيڪڏهن غور سان ڏٺو ويندو ته اسان کي دنيا جا سڌريل ملڪَ ٻن بادشاهن (يعني شهنشاهن) جي حڪومت (شهنشاهيت) هيٺ نظر ايندا: 1-ڪسريٰ يعني ايران (فارس) جو شهنشاهه. 2- قيصر رومُ.

عراقُ ، يمنُ خراسان ۽ انهن جا سرحدي ملڪَ ڪسريٰ جي حڪومت (شهنشاهيت) هيٺ هيا.

ماوراء النهر (بخارا، ثمرقند، تاشقند)، وغيره ۽ هندوستان (سنڌ سميت) جا بادشاهه به ڪسريٰ کي ڍل (محصول) ڏيندڙ هيا. هر سال انهن ملڪن جي آمدنيءَ جو هڪ مقرر حصو (ڏنُ)، ڪسريٰ (ايران فارسُ) وصول ڪندو رهندو هو.

رُومُ ۽ ان جي آسپاس ملڪن تي قيصر (روم) جو قبضو هيو، مِصرِ، مغرب ۽ آفريڪا جا بادشاهه قيصر رُومُ جي تابعدارَ هئا.

ڪسريٰ (ايران فارس) ۽ قيصر (رُومُ) ٻنهي بادشاهتن (شهنشاهتن) جو نظام (سسٽم) سرمائيدارڻه نظام (سسٽم) هيو ۽ انهن ٻنهي حاڪمن کي سڪشت ڏئي انهن جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ ڄڻ رُوءِ زمين تي قبضي ڪرڻ جي (مترادف) برابر هيو. ان ڪري ته رسول الله عليه الصلوٰة و السلامُ جن ايندي ئي اعلان فرمايو(ڪيو) ته؛ هَلَکَ ڪسريٰ فلا ڪسريٰ (معنيٰ) قيصر اهڙو هلاڪُ (هلاکُ) ٿيندو جو وري قيصر نه ايندو. ڪسريٰ به اهڙو هلاڪُ (هلاکُ) ٿيندو جو وري ڪسريٰ نه ايندو) اهڙو اعلان ڪري ڄڻ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن سرمائيدارڻه نظام جي خاتمي جو اعلان (ڪيو) فرمايو.

هڪ جاءِ تي شاهه صاحب (حڪيم الهند امام شاهه ولي الله الهنديءَ) جن اهل فارس (ايران) ۽ رُومينِ جي عيش عشرت واريءَ زندگيءَ تي تبصره ڪندي هيئن لکيو آهي: '' تواريخ شاهد آهي ته رُومينُ ۽ ايرانين جي حڪومت ڪافي ڊگهي عرصي تائين رهي. انهن پنهنجي وقت جي حالتن پٽاندڙ تمدن (سوسائٽي) جي گهرجن ۽ پنهنجي عيش عشرت ۽ آرام پرستيءَ واري زندگي کي وڏي هٿي ڏني. هنن آخرت کي وساري ڇڏيو پنهنجي دنيوي زندگيءَ کي عيش آرام سان گذارڻ کي پنهنجو مُولُ متو قرار ڏنو شيطان (سرڪش) هنن تي پنهنجو پورو قبضو ڪيو. دنيا جي مختلف طرفن مان ڪيئي خفتي ۽ هنرمند انهن وٽ پهچي ويا ۽ زندگيءَ جي لذتن بابت ڪيئي نيون شيون ۽ نوان طريقا ايجاد ڪيا ويا. سڀ امير ۽ وڏيرا عياشيءَ ۾ مصروف هيا ۽ ان ڏس ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ۾ رات ڏينهن رڌل رهندا هئا.

انهن جي باري ۾ مشهور آهي ته عيش پرست ۽ خود پسند اميرن مان جنهن ڪمربند يا چيلهه جو پٽو (اڳٺ) هڪ هزار روپين کان گهٽ قيمت (اگهه) هوندو ته ان کي حقارت جي نظر سان ڏٺو ويندو هو. هرهڪ عاليشان سرمائيدار چڱي مڙس جي اها ڪوشش هوندي هئي ته ان وٽ هڪ عاليشان محلات هجي جنهن جي اڳنڌ ۾ هڪ سهڻو باغ هجي. غسل خانه (وهنجڻو) وغيره سڀ موجود هجن، ۽ انهن جي دسترخوان تي قسمين قسمين لذيذ کاڌا هجن ۽ سندن چمڪندڙ پوشاڪ ٻين کان سٺي هجي. ان کانسواءِ هنن وٽ سٺي نسل جا ڀلا گهوڙا ۽ آرامده گاڏيون هجن ۽انهنجي خدمت لاء نوڪرياڻيون ۽ نوڪر هميشه هجن'' امام شاهه ولي الله الهندي رح جو مضمون پورو ٿيو.

شاهه صاحب (حڪيم الهند امام شاهه ولي الله الهندي) جن پنهنجي دور جي بادشاهن ۽ رياستن جي نوابن جو مثال ڏئي رومينُ ۽ ايرانين جي حالت هن طرح سمجهائي آهي: '' هن زماني جي نوابن ۽ بادشاهن جي ٺٺ ٺانگر کي ڏسي توهان انهن جي عياشين زندگيءَ جي لذتن ۾ وڌاءُ ۽ حد کان ٽپي وڃڻ جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. اهو عيش پرستيءَ جو طريقو هنن جي رَڳَ رَڳَ ۾ گهڙي چڪو هو.

جنهن سبب سڄي سماج ۽ معاشري (سوسائٽي) ۾ هڪ لاعلاج ناسور پيدا ٿي پيو. ٻيا ماڻهو به انهن جي عيش پرستين کي ڏسي پاڻ به عياشين ڏي مائل ٿي پيا. ڇو ته هڪ سڄي چوڻي آهي ته''الناس علي دين ملوڪهم'' يعني عام ماڻهو پنهنجن بادشاهن جي دين تي هوندا آهن. رعيت جي هر طبقي ۾ پنهنجي وت آهِرِ عياشي جو مرضُ پکڙجي ويو آهي ۽ ان عامُ وبا جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. اهڙي عيشُ عشرت جو هيءُ نتيجو نڪتو آهي جو اهي ڪيترن قسمن جي پريشانين جو شڪار ٿي پيا آهن. ڇوته عيش پرستي واري حياتي گذارڻ لاءِ جنهن ساز سامان جي ضرورت هئي ان جو حاصل ڪرڻ وڏي دولت جي خرچ ڪرڻ کان سواء نٿي ٿي سگهيو. ان ڪري بادشاهن ۽ نوابن (نائبن) پنهنجي رعيت ۽ واپارين تي ۽ اميرن پنهنجي زيردستن تي ڳرا ٽيڪس کڻي مڙهيا. انهن حالتن ۾ غريبن لاءِ صرف (رڳو) ٻه ئي رستا هئا.

هڪ هي ته هو باغي بڻجي مسلح ٿي حڪمرانن جو مقابلو ڪن ۽ اهو وري انهن غريبن لاء ناممڪن هيو ڇو ته هو ويچارا صفا پلها(خالي) هئا، ۽ ٻيو رستو انهن لاء هي هيو جو اهي غريب بادشاهن ۽ سرمائيدارن جي فرمانبرداريءَ کان سواءِ ڪنڌ نه ڪڍائن ۽ چوپاين (ڍڳن ڍورن) جانورن ۽ گڏهن وانگر ذلت جي زندگي گذارن. جنهن ۾ کانئن سندن مرضيءَ جي خلاف هر ڪاهرائڻ، کوهن مان پاڻي ڀرڻ وغيره جو ڪمُ ورتو وڃي پيو ۽ انهن جي ٿوري گهڻي پالنا جو خيال به رڳو ان ڪري ڪيو پيو وڃي جو انهن جي مالڪن جا پنهنجا مطلب انهن ۾ ڦاٿل آهن.

بهرحال ان هيٺين طبقي جا ماڻهو پنهنجن ڀوتارن جي خدمت ۾ ايتري قدر ته مشغول هوندا هئا جو کين آخرت لاءِ سوچڻ جي هڪ گهڙي به واندڪائي نه هوندي هئي.

ان عياشيءَ واري نظام (سسٽم) ۽ سرمائيدارنه ذهنيت واري زندگيءَ کي قائم رکڻ لاءِ هي به ضروري هيو، جو اهڙي قسم جا ماڻهو هجن جيڪي انهن لاءِ قسمين قسمين کاڌا تيار ڪن ۽ انهن جي عياشين لاءِ مختلف قسمن جا ڪپڙا (لبيس) ۽ هار سينگار جو سامان ٺاهين ۽ انهن جي عياشين لاءِ شانائتا بنگلا ۽ وڏيون ماڙيون جوڙين اڪثر ماڻهو ته ان بي فائدي ڪمن ۾ مشغول ٿي ويا. ان ڪري ان جو لازمي نتيجو هي نڪتو جو ڪي اهڙا ضروري هنر ۽ ڌنڌا صفا(مورڳو) ڇڏي ڏنا ويا جن جو هجڻ اصلي تمدن (سوسائٽي) ۽ تهذيب (ڪلچلرل) لاءِ تمام ضروري هيو. جن ماڻهن جو وڏيرن ۽ سرمائيدارن سان تعلق هيو. انهن جي دلين ۾ به هي شوق پيدا ٿيو ويو هو ته اهي به سرمائيدارن سان ملندڙ جلندڙ حياتي گذارنِ. سڀن جي اها خواهش هوندي هئي ته ڪنهن طرح حڪومت سان ڳنڍيل هجن ۽ جئن به ممڪن ٿي سگهي حڪومت جي خزانن مان ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪري پنهنجي حياتي سٺي گذارينِ. ان ڪري انهن ماڻهن جي اڪثريت ته سرڪاري نوڪريءَ کي پنهنجو خاص مقصد کڻي بڻايو هو ۽ اهڙي نوڪريءَ کي ئي انتهائي ڪمال سمجهڻ لڳا هئا.

انهن جي نظر ۾ ان ڳالهه جي ڪابه اهميت نه هئي ته ڪو حڪومت جو انتظام صحيح طريقي سان هلي ۽ تمدن (سوسائيٽيءَ) کي ڪنهن بهتر معيار تي رکيو وڃي. پر ان جي ابتڙ هنن جو مکيه مقصد رڳو پيئسو ڪمائڻ هوندو هو ۽ بس. تان ته انهن ماڻهن مان ڪي ته رڳو شعر شاعريءَ کي پنهنجو ڌنڌو بڻائيندا هئا ۽ بادشاهن جي تعريف(واکاڻ) ۾ مداحن وارا شعر چئي لکي سرڪاري خزاني تي وڏو ٻوجهه ثابت ٿيندا هئا ۽ ماڻهو وري پيري فقيري جي ظاهري ڏيکاءَ سان حڪومت سرڪاري آفيسرن يا عام ماڻهن کان نظر نياز ڪمائڻ لاءِ ڄار وڇائيندا وتندا هئا. ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته اهڙا ماڻهو به حڪومت ۽ معاشري تي وڏو بار(ٻوجهه) بڻبا هئا. بادشاهن يا نوابن وٽ قُرُبُ يا رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ چاپلوسي يا خوشامد (خوش آمد چمچا گيري چاپلوسي) ڪرڻ هڪ عام مرض يا وبا جي صورت اختيارُ ڪري ورتي هئي.

مطلب ته اهو مرض چوٽيءَ کي پهچي ويو. تڏهن الله تعالي انهن تي ناراض سخت ناراض ٿيو ۽ الله تعالي جي صفت رحمت، عام ماڻهن جي بيوسيءَ جي حالت ڏسي چاهيو ته (سرمائيداري) ۽ عياشيءَ واري مرض جي پاڙ پٽي وڃي. ان ڪري الله تعالي پنهنجو اُمِي نبي (رسول) سيدنا محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم موڪليو. پان سڳورن صلي الله عليه وسلم، ان مٿي بيان ٿيل عيش عشرت واري حياتيءَ جون خرابيون ٻڌايون ۽ سرمائيدارن واري زندگيءَ ۽ اهڙي طرز سان رهڻ کان پرهيز ڪرڻ جو حڪمُ ڏنو. مثال طور؛ پاڻ (سڳورن) صلي الله عليه وسلم ريشمي ڪپڙن پائڻ، سون چانديءَ جي ٿانونِ ۾ کائڻ پيئڻ، يا مردن لاءِ زنانه زيور (ڳهه ڳٺا) استعمال ڪرڻ، وڏيون ماڙيون (ڪوٺيون بنگله) ٺهرائڻ يا انهن بنگلن کي رنگين پردن يا فوٽن (مجسمن) ، تصويرن سان سينگاريڻ کان منع فرمائي.

سيدنا رسول الله صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي پيروڪارن ۽ سڄي امت کي شروعَ کان ئي ٻڌايو هو ته پاڻ سڳورن جو غلبو (سرمائيدارن) بادشاهن جي دولت ۽ حڪومت جي زوال جو سبب بڻبو ۽ سندن نبوت جو مقصد ڪسريٰ (ايران فارس) ۽ قيصر رُومُ جهڙن بادشاهن جي حڪومتن کي مَلِيَا ميٽُ ڪرڻ هو.

بهرحال ان دور ۾ الله تعاليٰ هي ارادو ڪيو ته ماڻهن جي حال جي درستي ڪئي وڃي. ماڻهن جي معاشي حالت جي اصلاحَ ڪري معاشري کي خوشحال بڻايو وڃي ۽ ان ڪم جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ اهڙي جماعت پيدا ٿئي جيڪا انهن ماڻهن کي ڀلائيءَ جو حڪمُ ڪندي رهي ۽ براين کان روڪيندي رهي ۽ انهن خرابُ (بڇڙي) حالت کان انقلابي طرح سان مٽائي ۽ اهڙي انقلابي تبديلي تڏهن ممڪنُ هئي جڏهن ڪسريٰ ۽ قيصر جهڙن ٻن وڏن بادشاهن جي حڪومتن کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي معاشي مساوات، انساني دوستيءَ ۽ خدا پرستيءَ تي ٻڌل (مشتمل) هڪ صحيح نظام قائم ڪيو وڃي.

سيدنا رسول الله صلي الله عليه وسلم جن کي الله تعالي موڪليو ۽ کين اهڙي بشارت ڏني وئي ته ڪسريٰ (ايران، فارس) ۽ قيصر رُومُ جو اقتدارُ ختم ٿيندو ۽ انهن جي هيءَ صورت هوندي جو پهريون رسول الله عليه الصلواة والسلامُ جي ذريعي عرب ۾ انقلاب برپا ٿيندو ۽ پوءِ سندن تربيت ۽ ٽرينگ ورتل جماعت (انقلابي پارٽي) مهاجرين ۽ انصارن جي ذريعي انهن ٻنهي حڪومتن کي ختم ڪري هڪ بين الاقوامي (انٽرنيشنل) انقلاب برپا ٿيندو''. (حجة الله البالغة- باب اقامت الارتفاقات ص-105- منيريه مصر) تان ورتو ويو.

ورتل:- سماجي انصاف ۽ اجتماعيت؛ شاهه ولي الله الهندي جي نظر ۾!

تعليمات امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح.

مصنفه:- جامع النقل و المعقولعلامة الدهر

غلام مصطفيٰ قاسمي سنڌي

پبلشر:- ساگر پبليڪشن،

ڪراچي،سنڌ


No comments:

Post a Comment