Realtime Hit Counter

Friday 9 August 2019

پلهءِ پايو سچ! آڇيندي لڄ مران: ابو ڪاشف. سهڙيندڙ: جوکيو شفيق.

پلهءِ پايو سچ! آڇيندي لڄ مران: ابو ڪاشف.
سهڙيندڙ: جوکيو شفيق.
اسلامي دنيا جي سياسي گهوٽالي ۾ قوميت ۽ معاشي مساوات مخالف مذهبي سياسيت جو منفي ڪردار هڪ اهم فيڪٽر آهي. ڪو به سياسي نظام ان دور جي سماجي ڍانچي کي نظر انداز ڪري قائم نٿو ڪري سگهجي.پوء ڇونه اهو مذهبي سياسي نظام هجي!
بادشاهتي دور ۾ قومن جي اجتماعي نفسيات ان ڳالهه کي قبول ڪري وٺندي هئي ته هڪ خاندان سڄي قوم جي حاڪميت جي ذميداري نباهي سگهي ٿو ۽ ڪنهن هڪ قوم جي بالغ نظر قيادت تي ٻيون قومون به اعتماد ڪري سگهن ٿيون. اهڙين حالتن ۾ عرب ۽ ٻين غير ترڪ مسلمانن جي لاء ترڪي جي سياسي قيادت ۾ هلڻ ممڪن هو. اهڙي طرح مغل بادشاهن جو سياسي اقتدار هندستان جي گهڻ قومي معاشري ۾ هڪ زماني تاين قبول ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه بادشاهتي دور جي سماجي سيٽ اپ ۽ قومن جي اجتماعي نفسيات سبب ممڪن هو.
پر صنعتي ترقي واري دور ۾ جڏهن کان دنيا ن هڪ نئين سماجي دور ۾ داخل ٿي آهي ته سماجي سيٽ اپ جو رخ بدليو آهي هاڻي هڪ طرف ڪنهن قوم جي اندروني قيادت به مستقل طور هڪ خاندان جي حوالي نٿي ڪري سگهجي ته ڪا به قوم پنهنجي اجتماعي سياست به ٻي قوم جي تابع بڻائڻ لاء تيار نٿي ٿي سگهي پوء ڇو نه ٻنهي جو مذهب ساڳيو هجي. پهرين جنگ عظيم دوران عرب-ترڪ ڪانفليڪٽ ان جو زنده مثال آهي.
بدقسمتي سان خلافت جي ختم ٿيڻ کان پوء مسلمان قومن جامذهبي سياسي مفڪر ان حقيقت کي نفسياتي طور قبول نه ڪري سگهيا آهن ته هاڻي دنيا جي مٿان ڪنهن هڪ قوم جي سياسي حڪمراني جو دور ختم ٿي چڪو آهي بلڪه هو اڃا تائين ترڪن واري خلافت جهري نطام کي ٻيهر لاڳو ڪرڻ جهڙا خواب ڏسي رهيا آهن ۽ انهن مان جيڪي شيعه سياسي مفڪر آهن اهي پنهنجي مخصوص سياسي تصور مطابق سڄي دنيا ۾ هڪڙي سياسي حڪومت جا خواب ڏسي رهيا آهن.
جڏهن ته اهڙي صورت ۾ اسلام جي سياسي نظام کي به فقط پنهنجي قومي سياسي سيٽ اپ جي دائري ۾ ئي لاڳو ڪري سگهجي ٿو سوبه ڪنهن هڪ خاندان جي بالادستي سان نه بلڪه عوام جي اڪثريت جي تائيد سان. ان لاء نيشن اسٽيٽ جي سياسي تصور وارو طريقو اختيار ڪرڻ ئي سياسي دانشمندي ۽ اسلامي تعليمات جي تقاضا آهي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ هڪ کان وڌيڪ مسلمان قومون آهن ته ان ملڪ جو سياسي نظام به ملٽي نيشنل اسٽيٽ جي تصور تي هلائڻ گهرجي. ان کان سواء امن قائم ٿيڻ ۽ اقتصادي ترقي جو ٻيو ڪو به رستو ممڪن ناهي.
سنڌ ۾ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري اهو تصور ڏنو. هنن ڪانگريس کي به انڊين انٽرنيشنل ڪانگريس بڻائڻ جي تجويز ڏني.
هنن جي مقابلي ۾ علامه اقبال، مودودي صاحب، مصر جا اخوان المسلمون وارا، سعودي سلفي عالم ۽ ايران جا آيت الله صاحبان. اهي سڀ قوميت جي بنياد تي سياسي نظام جا سخت مخالف ٿي بيٺا انهن سڀني جي غلطين عالم اسلام کي موجوده بحران ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. انهن سڀني مذهبي سياسي تحريڪن ۾ ڪجهه بنيادي ڪمزوريون رهيون آهن.
1- قوميت جي بطور سياسي نظام جي مخالفت ڪرڻ.
2- اسلام جي معاشي نظام کي مارڪيٽ اڪانامي جي موافق قرار ڏيڻ سبب خارجه پاليسي ۾ سرمائيدار بلاڪ کي ڪميونسٽ بلاڪ جي مقابلي ۾ مسلمانن لاء وڌيڪ بهتر سمجهڻ.
3- مذهبي ۽ مسلڪي اختلافن جي حوالي سان ڪنهن قابل عمل بقاء باهمي جو اصول نه اپنائي سگهڻ
ان سوچ تي ضد ٻڌي بيهڻ سبب صدر ناصر جي عرب قومي تحريڪ انهن مذهبي قوتن هٿان تباه ٿي وئي ۽ ان سوچ سبب افغانستان ۾ ڀاڙي تي جنگ وڙهي وئي.
هن وقت طالبان هجن يا القائده حزب الله هجي يا الداعش ۽ حماس ۽ يمن جا حوثي هجن يا سعودي عرب جا سلفي ۽ ايران جا آيت الله اهي سڀ قوميت کي مذهبي لحاظ سان ڪفر قرار ڏيڻ وارا آهن ۽ انهن جي انهن ڪفري فتوائن سبب اسلامي دنيا فرقيواريت ۽ انتهاپسندي جي ور چڙهي وئي آهي. هاني سنڌ ۾ به اهو مرض وڌي رهيو آهي جيڪو مذهبي سان گڏ سيڪيولر سنڌين کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندو پيو وڃي! مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر کان ٿڙيل پاڪستان، هندستان ۽ افغانستان جو ديوبندي طبقو به ان مرض ۾ مبتلا آهي.
تنهن ڪري اسان جي سمجهه اهو ڪم ڪري ٿي ته جيستائين اهي سڀ مذهبي تحريڪون هيٺين اصولن کي سياسي، معاشي ۽ سماجي نظام ۾ قبول نه ڪنديون تيستائين مذهبي سياست فساد ۽ انارڪي ڦهلائڻ ۽ سڌي يا اڻ سڌي طرح ڌارين قوتن جي آله ڪار بڻجڻ کان سواء ڪو ڪم نه ڪري سگهندي! ڀلي ڪير انهن مان عملي طور مخلص ڇو نه هجي ۽قربانيون ڏيندڙ به هجي.
1- قوميت کي بطور سياسي نظام جي قبول ڪرڻ ۽ مسلمانن جي بين الاقوامي خلافت/امامت واري تصور کي آزاد قومن جي اجتماعي فيصلي جي تابع سمجهڻ.
2- معيشت کي هاري ۽ مزدور جي مفاد جي تابع بڻائڻ ۽ سرمائيدرانه نظام کي انسانيت جي لاء زهر قاتل سمجهڻ.
3- مذهبي ۽ مسلڪي حوالي سان هڪ ٻئي سان گڏجي رهڻ لاء اتحاد جي کوکلن منافقنه نعرن بجاء اختلاف جو سليقو پيدا ڪرڻ.
4- سرمائيداري نظام جي تسلط کان آزاد سائنسي تحيققن ۽ صنعتي ترقي کي انسانيت جو گڏيل ورثو سمجهڻ.
جيڪڏهن انهن مٿين سياسي مفڪرن جا حمايتي اهي ڳالهيون تسليم نٿا ڪن ته پوء انهن کي چئو ته سنڌ جي سني مسلمانن کي سعودي مصر ۽ افغانستان جي شهريت وٺي ڏيکاريو ۽ سنڌ جي ڪنهن شيعه عالم کي ايران ۾ آيت الله بڻجي رهبر انقلاب ۽ ولي فقيه بڻجڻ جو حق تسليم ڪرائي ڏيو ته پوء اسين مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر تان دستبردار ٿيڻ لاء سوچي سگهون ٿا.

No comments:

Post a Comment