Realtime Hit Counter

Friday 9 August 2019

اسان سنڌي قوم کي قومي نفسيات جي حوالي سان سنڌو درياه جو حوالو وڌيڪ ۽ فوري طور متحرڪ ڪري سگهي ٿو.
استاد ابوڪاشف.
سهڙيندڙ شفيق جوکيو.
اسان سنڌي قوم کي قومي نفسيات جي حوالي سان سنڌو درياه جو حوالو وڌيڪ ۽ فوري طور متحرڪ ڪري سگهي ٿو. هاڻي ڳالهه سمجهڻ ۾ ڪجهه آسان ٿي پئي ته الله جي هڪ عظمت اها آهي ته اهو سڄي ڪنات جو خالق مالڪ ۽ پالڻهار آهي. اهو هڪ وڏو حوالو آهي جيڪو ذهن کي مرعوب ڪري سگهي ٿو پر ان کان ننڍو حوالو اهو آهي ته الله اسان جي قوم جو پالڻهار آهي پر اهو حوالو قومي سطح تي ٺهيل انساني سماج ۾ وڏو تحرڪ پيدا ڪري سگهي ٿو مثال طور اسان کي ڪو چوي ته دنيا ۾ الله تعاليٰ ڪيترا ئي سمونڊ ۽ درياه پيدا ڪيا آهن ته اهو وڏو حوالو آهي ۽ درياهن جي اعتبار سان مسيسيپي ۽ امازون درياه سنڌوءَ کان به وڏا قدرتي ڪرشمآ آهن پر اسان کي قومي نفسيات جي حوالي سان سنڌو درياه جو حوالو وڌيڪ ۽ فوري طور متحرڪ ڪري سگهي ٿو. مثال طور اسان هيئن چئون ته اسان سنڌين کي اسان جي پالڻهار هيء سنڌو جي ڌرتي ڏني آهي ۽ ان ۾ سنڌو درياه وهائي ڏنو آهي ته اها مهرباني ۽ ٻاجهه تمام ويجهڙي محسوس ٿئي ٿي ۽ سنڌين ۾ الله جي فرمانبرداري جي جذبي کي اڀارڻ ۾ دنيا جي ٻين خطن ۽ درياهن کان وڌيڪ موثر ٿي سگهي ٿي.
هاڻي انساني عالم يعني قومن کي مدنظر رکي پوء رب العٰلمين جو مفهوم اهو ٿيندو ته
سڀ تعريفون ان الله جي لاء آهن جيڪو دنيا جي سمورين قومن جو پالڻهار آهي.
ان جو عملي فرق سياست ۽ معيشت ۾ اهو وڃي نڪرندو ته هر قوم کي پنهنجي قومي معاشي سماجي ۽ سياسي نظام ۾ الله سان قريبي تعلق ڏسڻ ۾ ايندو ۽ قوم جا ماڻهو جيئن سماجي تعلقات جي دائري ۾ هڪ ٻئي جي معاملن سان وابسته هجن ٿا. اجتماعي ادار قائم ڪن ٿا ته اهي پنهنجي قومي زندگي ۾ الله کي پنهنجو پالڻهار سمجهندا ته قومي پاليسين کي به خدا جي مرضي جي تابع سمجهڻ کين پنهنجي گهر جي ڳالهه محسوس ٿيندي يعني اسان جي رب اسان کي هي وطن ۽ معاشي وسيلا عطا ڪيا آهن جن تي اسان جي زندگي جو مدار آهي سو اسين پنهنجي قومي زندگي ۾ پنهنجي رب کي وساري نٿا سگهون.
ان طريقي سان جڏهن هر قوم جو سمجهدار طبقو خدا جي اڳيان پاڻ کي ويجهڙو بيٺل ڏسندو ته هو پنهنجي قوم ۽ ان جي قومي نظام کي خدا جي نافرمانيءَ واري تباهي کان بچائڻ ۾ فڪرمند رهندو ان طريقي سان جيڪا سياسي ۽ معاشي بين الاقواميت قائم ٿيندي اها خدا جي فرمانبردار قومن جي بين الاقواميت هوندي جيڪا بين الاقوامي انصاف جي قائل هوندي اتي ڪنهن هڪ قوم کي ويٽو پاور حاصل هجڻ جو حق نه هوندو ڇو ته دنيا جون سڀ قومون خدا جي اجازت سان زمين تي آباد آهن ۽ هو خدا کان سواء ڪنهن ٻي قوم جون محتاج ناهن ته ان طريقي سان توحيد جو اهو تصور قومي آزادي جي هم آهنگ به ٿي ويندو.
امام انقلاب عبيد الله سنڌي رب العٰلمين جو اهو مفهوم پنهنجي عربي تفسير الهام الرحمٰن ۾ سمجهايو آهي ان مفهوم کي مون هتي پنهنجي اکرن ۽ مثالن ۾ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
امام سنڌي جي ان تفسير سمجهڻ کان پوء منهنجي دل ۾ ان مفهوم جي ايتري ڪشادگي پيدا ٿي پئي آهي جو آئون سمجهان ٿو ته سنڌي قوم کي سياسي سماجي ۽ معاشي آزادي ايتري حاصل هجي جو اها خدا کان سواء ٻي ڪنهن جي بڻايل آئين ۽ قانون جي غلام نه هجي.
منهنجي سمجهه ايترو ڪم ڪري ٿي ۽ مون کان وڌيڪ سمجهه رکڻ ورا ان ڳالهه کي اڃا به وڌيڪ واضح ۽ صاف ڪري سگهن ٿا.
وفوق ڪل ذي علم عليم.



No comments:

Post a Comment