Realtime Hit Counter

Friday 9 August 2019

سنڌين کي جاگيردارڻي سماج جو طعنو ڏيندڙ اڙدو ترقي پسند دانشورن سان ٿيل ڳالهين مان ڪجهه اقتباس حافظ ابوڪاشف۔ : سھيڙيندڙ: شفيق جوکيو.

سنڌين کي جاگيردارڻي سماج جو طعنو ڏيندڙ اڙدو ترقي پسند دانشورن سان ٿيل ڳالهين مان ڪجهه اقتباس
حافظ ابوڪاشف۔ : سھيڙيندڙ: شفيق جوکيو.


سنڌين کي جاگيردارڻي سماج جو طعنو ڏيندڙ اڙدو ترقي پسند دانشورن سان ٿيل ڳالهين مان ڪجهه اقتباس
حافظ ابوڪاشف۔
هنن چيو: اسان سنڌي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا بلڪه ڪريون پيا. اچو ته گڏجي سنڌ جو جاگيرداراڻو نظام ختم ڪريون جنهن کي پيپلز پارٽي ختم ڪرڻ نٿي چاهي. ان کان سواء سنڌي ماڻهن جي ترقي نه ٿيندي.
مون چيو: جاگيرداراڻو نظام برابر بڇڙو آهي ۽ سرمائيداراڻو نظام ان کان ڪجهه ايڊوانس آهي پر جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ سماجي ۽ سياسي طور غالب ڪميونٽي جا ماڻهو سنڌ جي ٻهراڙي وارن کان اخلاقي ڪردار ۽ سياسي شعور ۾ ااڳتي آهن ته اها اوهان جي ڀل آهي!. ان لاء مون ڪجهه دليل ڏنا:
1- بينظير جي شهادت تي سنڌي ماڻهن پرتشدد احتجاج ڪيو گاڏين ۽ سرڪاري ملڪيتن کي باهيون ڏنيون پر انهن ۾ موجود انسانن کي ٻاهر ڪڍي پوء! پر، ڪراچي ۾ غير سنڌي ماڻهو احتجاج ڪرڻ وقت بسن ۾ ويٺل ماڻهن کي لهڻ جي مهلت نٿا ڏين بلڪه مسافرن سميت بسن کي ساڙيو وڃي ٿو!
2- سنڌ ۽ مرڪز ۾ پي پي جي حڪومت هوندي به سنڌي ماڻهو جنهن ايم پي اي يا ايم اين اي جي گهر تي تئو تنگڻ چاهين يا ٽماٽا ۽ انڊا اڇلائڻ چاهين ته ايئن ڪري سگهن ٿا پر ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم خلاف ڪو ٽي وي اينڪر به ڳالهائي نٿو سگهي! هاڻي ٻڌايو ته وڌيڪ مهذب ڪير ٿيو ۽ وڌيڪ برداشت جو مادو ڪهڙي سماج ۾ ٿيو؟؟؟؟؟؟؟
3- چيو وڃي ٿو ته پاڪستان اسان ٺاهيو! ٺيڪ آ اوهان يوپي ۾ پاڪستان لاء تحريڪون هلايون . احتجاج ڪيا قربانيون ڏنيون سڀ ڪجهه ڪيو هوندو. پر اها ڳالهه سوچيو ته سنڌ کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ته يوپي وارن نه بلڪهه سنڌ جي جاگيرادرن ڪيو جن کي اوهان هر روز گاريون ڏيو ٿا!.
4- ايم ڪيو وارا پيپلز پارٽي جي وڏيرن ۽ زميندارن کي جاگيردار چون ٿا حالانڪه اهي ايڏا وڏا جاگيردار ڪونهنن. سنڌ ۾ سڀ کان وڏا جاگيردار جتوئي ۽ مهر آهن. پوء ارباب دور ۾ سنڌ جي ننڍن زميندارن جي مقابلي ۾ مهرن ۽ جتوئين سان گڏ اقتدار ۾ ڇو ويٺا؟
5- چون ٿا ته جاگيرادر سڀ ڪجهه لٽي ويا ! مونکي ٻڌايو ته جاگيردارن کي قرض ڏيڻ لاء ملڪ ۾ ڪيتريون بينڪون آهن؟ هڪڙي زرعي ترقياتي بينڪ آهي ۽ جاگيرادر ڦري لٽي به ان کي ڦريندا. زرعي ترقياتي بينڪ جي مجموعي ماليت جي مقابلي ۾ ٻيون ڪمرشل بينڪون ۽ صنعتڪارن کي قرض ڏيڻ لاء ڪيتريون بينڪون آهن انهن کي قرضن جون ڪيتريون سهولتون ۽ رعايتون آهن ڀيٽ ڪري ڏسو! (هاڻي ٿورو گهڻو ڪن ٻين بينڪن به محدود سرماِيو زراعت ۾ لڳائڻ جا منصوبا بڻايا اهن پر اهي به اڪثر ڪمرشل مقصدن لاء آهن)
6- زميندار جيڪا پراڊڪٽ مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو (ڪپهه، ڪمند، ڪڻڪ چانور، داليون، سبزيون وغيره) انهن جو اگهه به سرمائيدار مقرر ڪري ٿو . ۽ زميندار جيڪا شي خريد ڪري ٿو ٻج ڀاڻ دوائون ٽريڪتر وغيره. ان جو اگهه به سرمائيدار مقرر ڪري ٿو ته پوء استحصال ڪرڻ وارو اصل ڪير ٿيو؟
7- سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي غير جانبدار سروي ڪيو ته پيسو ڏوڪڙ سنڌي ماڻهن وٽ وڌيڪ اهي يا ٻين وٽ؟
8- ٻهراڙي جو ٿاڻيدار سنڌي ماڻهو جي ڳالهه وڌيڪ ٻڌي ٿو يا غير سنڌي جي؟
مون چيو ته اوهان کي سنڌي ماڻهن کي جاگيرادرن جي چنبي مان ڇڏائڻ جو ڪم ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڪميونٽي کي ايم ڪيو ايم جي چنبي کان ڇڏائڻ گهرجي. اسان جي لاء جاگيرادر مان جان ڇڏائڻ ايڏو ڏکيو ڪونهي! ڪجهه لاڳيتيون اليڪشنون ٿيون ته سنڌي ماڻهو پنهنجي سياسي بلوغت جو مظاهرو ڪري ڏيکاريندا پر اوهان ڏسندا ته ايم ڪيو ايم اسٽيبلشمنٽ جو پاسو ڇڏڻ واري سڀ کان اخري جماعت هوندي.
اهي سڀ حقيقتون ڏسجن ته ٻهراڙي جي سنڌي ماڻهو کي اخلاقي قدرن ۾ ۽ سياسي شعور ۾ شهري بابو کان پوئتي سمجهڻ ئي سڀ کان وڏي غلط فهمي آهي جنهن ۾ اڙدو اينڪر مافيا کان وٺي اديب دانشور سڀ گرفتار آهن.

No comments:

Post a Comment