Realtime Hit Counter

Friday 9 August 2019

هر سوسائٽي جي قانون جو بنياد ان سوسائٽي ۾ تسليم ٿيل اخلاقي اصولن تي رکيل هوندو آهي. استاد ابوڪاشف: سهڙيندڙ : شفيق جوکيو.

هر سوسائٽي جي قانون جو بنياد ان سوسائٽي ۾ تسليم ٿيل اخلاقي اصولن تي رکيل هوندو آهي.

استاد ابوڪاشف: سهڙيندڙ : شفيق جوکيو.

هر سوسائٽي جي قانون جو بنياد ان سوسائٽي ۾ تسليم ٿيل اخلاقي اصولن تي رکيل هوندو آهي. جڏهن اسان نئون قانون ٺاهيندا آهيون ته؛ اها هڪ اخلاقي ڳالهه هوندي آهي ته ” هيئن ٿيڻ گهرجي“ پوء ان ” هيئن ٿيڻ گهرجي واري ڳالهه “ جي جڏهن تقاضا تمام وڌي ويندي آهي ته اسين ان کي ” گهرجي“ مان ” ٿي ويو “ ڪري ڇڏيندا آهيون.
ان مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته قانون جو ” را مٽيريل “ ۽ ” خام مال “ هڪ اخلاقي نطريو هوندوآهي. اها ڳالهه تسليم ڪرڻ کان پوء هي حقيقت به تسليم ڪرڻ گهرجي ته ” مذهب“ اخلاقي تعليم جو مجموعو هوندو آهي.
هاڻي جڏهن اسان اهو چئون ٿا ته ” مذهب انسان جو ذاتي معاملو هجڻ گهرجي“ ته اسان درحقيقت ايئن چئي رهيا هوندا آهيون ته ” قانون انسان جو ذاتي معاملو هجڻ گهرجي“ ....ان سان جيڪا انارڪي پيدا ٿيندي ان ڏانهن اسان جو ڪو به توجهه نه ويندو آهي.
مذهب کي بطور عقيدي جي قبول ڪرڻ برابر هر انسان جو ذاتي مسئلو آهي، پر جڏهن مذهب جي اخلاقي تعليم کي سوسائٽي قانون جو درجو ڏئي ته ان جو احترام ڪرڻ سڀني جو فرض هوندو آهي. ان جو مثال ايئن آهي جيئن اليڪشن ۾ چونڊجي آيل پارليمنٽ جا ممبر جڏهن هڪ قانون ٺاهيندا آهن ته اهو رڳو انهن جي سياسي حامين تي لاڳو نه ٿيندو آهي، بلڪه اليڪشن ۾ مخالفت ۾ ووٽ وجهڻ وارن تي به اهو قانون لاڳو ٿي ويندو آهي ته ؛ ”ٽرن آئوٽ“ کان ٻاهر رهجي ويل ماڻهون جيڪي ان سڄي عمل کان لاتعلق هوندا آهن انهن تي به گهر ويٺي اهو قانون سندن ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو آهي ۽ ملڪ جي عدالت اهو تسليم نه ڪندي آهي ته؛ هنن جيئن ته اليڪشن ۾ حصو ئي نه ورتو هو يا مخالفت ۾ ووٽ ڏنو هو تنهن ڪري هي قانون جي عملي طرح ڀڃڪڙي ڪري سگهن ٿا.

No comments:

Post a Comment