Realtime Hit Counter

Sunday 27 February 2011

سيدنا پير محمد راشد روضي ڌڻي قُدس سرھ جو احوال

سيدنا پير محمد راشد روضي ڌڻي قُدس سرھ جو احوال

بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِ

نالو ۽ نسب

سندن نالو سيد محمد راشد بن محمد بقا شاه لقب روضي ڌڻي ۽ ڪُنيت اَبو ياسين آهي. سندن جَدِ اعلى سيد علي مڪَّي هاشمي رحمة الله عليه چوٿين صدي هجريءَ ۾ اسلام جي دعوت خاطر عرب ملڪ کان سنڌ ۾ آيا هئا. سندن سڪونت سنڌو درياءَ جي ڪناري سيوهڻ ويجهو جبلن جي دامن ۾ هئي، جيڪو بعد ۾ لڪِ علي / لڪِ علوي جي نالي سان سڏجڻ لڳو. سندس پشت ۾ هڪ عارف، ڪامل ولي، وقت جو غوث ڇهين، ستين هجريءَ ڌاري پيدا ٿيو، جنهن جو نالو سيد محمد احمد هو. هيءُ ئي اهو بزرگ آهي جنهن جو لقب صدرالدين عرف شاه صدر آهي ۽ هن الله تعالى جي پياري ٻانهي جو اهو مقام آهي، جو چشتي سلسلي جو اڳواڻ حضرت خواجه معين الدين اجميري رحمة الله عليہ جڏهن پنهنجي مرشد خواجه عثمان هاروني رحمة الله عليہ سان گڏ سيوستان جي سفر دؤران وٽن لڪِ عليءَ ۾ آيو آهي، ته سندن مقام ۽ مرتبت کي ڏسي اتي ئي ڪجھ ڏهاڙا سندن صحبت، خدمت ۾ گذاري فيض ۽ برڪت جو ڀاڱو وٺي پوءِ اڳتي روانو ٿيو آهي. ان بزرگ هستيءَ سان سترهين واسطي تي حضرت پير سائين قدس سرھ جن جو سلسلهء نسب ملي ٿو ۽ ويهين واسطي سان سيد علي مڪي قدس سرھ سان ۽ اوڻٽيهين واسطي سان امام علي رضا بن امام موسى ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام علي زين العابدين بن امام حسين ابنِ سيده فاطمة الزهراء رضوان الله تعالى عليهم بنتِ سيدنا ونبينا مُحَمَّدنِ الۡمصطفى صلي الله عليه وآله وسلَّم سان وڃي ملي ٿو.

ولادت

سلسلي قادريه راشديه جو سالارُ هدايت ۽ حقيقت جو چمڪندڙ سج پهرين شعبان/ رمضان سنه 1171 هجريءَ ۾ هن سرزمين تي جلوھ افروز ٿيو. سندن ولادت ڳوٺ رحيم ڏني ڪلهوڙي ۾ ٿي. روايت آهي، ته پاڻ اڃا هڪ مهيني جا هئا، ته ماهِ رمضان آيو، يا ماه رمضان ۾ ئي سندن ولادت ٿي، ته رمضان شريف ۾ سڄو ڏينهن امڙ سانئڻ جو کير ڪونه پيئندا هئا. غالباً انهيءَ ئي سندن ٻارائپ جي ڪرامت سبب کين ”روزي ڌڻيءَ“ جو لقب مليو، جيڪو اڳتي هلي سندن مزار مبارڪ تي نئين روضي تعمير ٿيڻ سان ”روضي ڌڻيءَ“ جي لقب ۾ مشهور ٿيو.
سندن ولادت جي حوالي سان هڪ ٻئي روايت ۾ آهي، ته جڏهن پاڻ ڄاوا ته سندن والد گرامي حضرت سيد محمد بقا شاه شهيد رحمةالله عليہ پنهنجي مرشد حضرت مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي (پريالوءِ) رحمةالله عليہ جن کي دعوت ڪري پنهنجي ڳوٺ وٺي آيا. جڏهن مخدوم سائينءَ جن وٽ ننڍڙي صاحبزادي کي دعا طلبيءَ واسطي پيش ڪيو ويو، ته مخدوم سائينءَ رحمة الله عليہ جن نظر پوڻ سان ئي ڏاڍا سرها ٿيا ۽ خوشيءَ مان فرمايائون، ته ”هي اهو يار آهي، جنهن کان دنيا جو هڪ وڏو حصو فيضياب ٿيندو.“ يقيناً حضرت مخدوم سائين جن جي اها پيش گوئي حرف به حرف سچي ثابت ٿي.

تعيلم ۽ تربيت

جڏهن پاڻ تعليم پرائڻ جهڙا ٿيا، ته پنهنجي شفيق ۽ مهربان والد بزرگوار جي حڪم جي تعميل ڪندي، پوري شوق ۽ دلچسپيءَ سان علم جي حصول ۾ لڳي ويا. پاڻ ابتدائي تعليم حضرت حافظ زين الدين مهيسر رحمة الله عليہ ۽ حضرت ميان محمد اڪرم گهمرو رحمة الله عليہ وٽ حاصل ڪيائون، بعد ۾ وقت جي نامور عالم، ڪامل ولي، عارف بالله، حضرت حاجي فقيرالله علوي رحمة الله عليہ وٽ شڪارپور ۾ پڙهيا. اتان پوءِ ڪوٽڙي ڪبير ضلعو نوشهرو فيروز ۾ مخدوم العلماء حضرت مخدوم ميان يار محمد رحمة الله عليہ وٽ علم جي تحصيل ڪيائون. مقرر نساب جي تڪميل کان پوءِ لاڙڪاڻي لڳ آريجن ۾ ان زماني جي محدثِ اعظم حضرت مخدوم محمد آريجوي رحمة الله عليہ جن وٽ حديث پاڪ جا مٿيان ڪتاب مڪمل ڪري دستاربندي ڪيائون.

طريقت ۾ قدم

پاڻ جڏهن اڃا ڪوٽڙي ڪبير ۾ حضرت مخدوم ميان يارمحمد رحمة الله عليہ وٽ (ظاهري علم) جي تحصيل ۾ مشغول هئا، ته هڪ دفعي سندن والد حضرت سيد محمد بقا شاه شهيد رحمة الله عليہ ملاقات لاءِ اتي آيو. هن ڀيري سندن تعليمي حال احوال کان آگاهي وٺڻ بعد سلسلي نقشبنديه جي ذڪر جي تلقين ڪري کين طريقت جو سبق ڏئي ويا. پوءِ جڏهن ٻئي ڀيري پاڻ آيا، ته ذڪر جي مشغولي ۽ ڪنهن ڪيفيت حاصل ٿيڻ بابت پڇا ڪيائون ان تي کين عرض ڪيائون، ته مون تي ڪا اهڙي ڪيفيت يا اثر ظاهر ڪونه ٿيو آهي، البته سندن ڀاءُ سيد علي مرتضى شاه، جيڪو ساڻن گڏ پڙهندو هو، تنهن تي خاصو اثر ۽ ڪيفيت تاري ٿي هئي. ان تي حضرت محمد بقا رحمة الله عليہ کين وري سلسلي قادريءَ جو ذڪر ڏئي ويا، پاڻ فرمائين ٿا، ته ان ذڪر کان طبيعت تي اهڙو اثر ٿيو، جو مٿي کان پيرن تائين وار وار ذڪر سان معمور ٿي ويو. انوارِ الٰهي ۽ تجلياتِ قدسي سان ظاهر ۽ باطن روشن ٿي پئي.

خاص مهرباني

حضرت سيد محمد بقا شاه شهيد رحمة الله عليه کي سدائين اهو اونو رهندو هو، ته ظاهري علم جي تحصيل ۾ ڪا ڪسر نه رهجي وڃي ۽ غالباً انهيءَ خيال سان پڙهڻ دؤران وٽن پيا ايندا هئا. ۽ سندن علمي صلاحيتن کي پيا جانچيندا هئا، پر هاڻي جيئن ته طريقت جي راه گامزن ڪيو هيائون، تنهن ڪري انهن سبقن تي به خاص توجه ٿي ڏنائون. آخر انهن ڏهاڙن ۾ جڏهن سندن ظاهري علم سان گڏ باطني عرفان جي حصول ۾ محويت شوق کي ڏٺائون، ته هڪ ڏينهن مٿن ڏاڍا راضِي ٿيا ۽ خاص خلوت ۾ کين گهرائي فرمايائون: بابا! اسان جي سلسلي ۾ ”قدم رکڻ“ جي روايت آهي، جيڪا حضرت غوث الاعظم محي الدين سيد عبدالقادر جيلاني قدس سرھ الاقدس کان هلندي آئي آهي، جو پنهنجن مريدن مان جنهن کان گهڻو خوش ۽ راضي ٿيندا آهن، ته سلسلي جي فيض ۽ برڪت جو قدم سندس مٿان رکندا آهن ۽ جيئن ته اهو قدم پنهنجي مرشدن حضرت سيد عبدالقادر آخرين (پير ڪوٽ سڌانا، ضلع جهنگ) چناه وارن رحمة الله عليہ کان اسان تي آيل هو، هاڻي اسان جي دل جو لاڙو وري اوهان ڏانهن سرس آهي، تنهنڪري پنهنجي گردن ڏيو، ته اها امانت اوهان جي حوالي ڪيون. پوءِ پير سائين حضرت روضي ڌڻي قدس سرھ سندن آڏو پنهنجو ڪنڌ جهڪايو، ته پاڻ رحمة الله عليہ مٿن قدم رکي، خُدائي امانت جو اهو بار سندن سپرد ڪيو.

فيض جي پالوٽ

حضرت پير سائين قدس سرھ جن جڏهن ظاهري ۽ باطني عرفان جون منزلون طي ڪري، رُشد و هدايت جي مسند تي رونق افروز ٿيا، ته شريعت ۽ طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي ان روشن شمع جي قدمن ۾ هزارين پروانن ۽ پتنگن اچي سر جهڪايا. فيض ۽ فضل جو هڪ اهڙو آبِ حيات ڦٽو، جنهن لکين اڃايلن کي ابدي زندگي بخشي ڇڏي. سعادت ۽ سيادت جي هڪ اهڙي مُکڙي ٽڙي، جنهن جي هٻڪار کان هر هنڌ واسجي ويو. بلا شبه نه صرف سرزمينِ سنڌ، بلڪه ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کان قلات ۽ قندار تائين، جيسلمير ۽ گجرات، ملتان ۽ مڪران سميت مُلڪان ملڪ سندن عقيدت ۽ ارادتمنديءَ ۾ بي حساب خلق جو پنهنجي خالقِ حقيقيءَ سان ناتو جڙي ويو ۽ پوءِ اها علم و عرفان جي آبياري رڳو پاڻ تائين محدود نه رکيائون، بلڪه سوين اهڙا ڪامل اڪمل، عارف عالم بڻايائون، جن سندن تعيلم ۽ فيض جون اهي درسگاهون ۽ خانقاهون آباد ڪيون، جيڪي اڄ سوڌو هزارين ڀٽڪيلن لاءِ روشنيءَ جو مينار آهن.
رِوايت آهي، ته سندن اهڙن ڪامل خليفن جو تعداد تيرهن سَوَنِ کان به مٿي آهي، جيڪي سڀ ارشاد ۽ تلقين جا صاحب هئا، جن ۾ سندن مَسنَد نشين صاحبزاده حضرت سيد صِبۡغَتُ الله پير سائين تَجَرَ ڌڻي قدس سرھ جيڪي خليفة الله جي لقب سان مشهور آهن، حضرت سيد محمد ياسين شاه قدس سرھ درگاه ٺَلاه شريف، صاحبزاده حضرت سيد حسن شاه درگاه بکري شريف، خليفو حضرت سيد محمد حسن شاه درگاه سوئي شريف، جتان وري (حفيظ الملة حافظ محمد صديق جي ) درگاه ڀرچونڊي شريف آباد ٿي. خليفو حضرت محمود فقير نظاماڻي رحمة الله عليہ جامع (ملفوظات شريف)، خليفو محمد حسين مهيسر جامع (ملفوظات صغير)، حضرت خليفو سارنگ ڪلهوڙو، حضرت خليفو ميان الهرکيو ڪلهوڙو، حضرت خليفو اميد علي آمري وارو، حضرت خليفو محمد پناه، حضرت خليفو محمد لقمان ٽالپر، حضرت خليفو سيد خان ماباڻ وارو، حضرت خليفو نبي بخش لغاري عليه رحمة الباري سرِ فهرست آهن.

وصال مبارڪ

سندن وصال مبارڪ ٽيهٺ سالن جي عمر ۾ پهرين شعبان سنه 1234 هجري اڳوڻي درگاه رحيم ڏنو ڪلهوڙو ۾ ٿيو ۽ اتي ئي سندن روضو مبارڪ هو، پر پوءِ حضرت سيد علي گوهر شاه اول پير سائين بنگلي ڌڻي قدس سرھ وصال کان تقريباً ٻاونجاه سال پوءِ اتان هجرت ڪرائي نئين درگاه شريف تي آندو. روايت آهي، ته حضور صلي الله عليه وآله وسلَّم جن جي طرفان خواب ۾ کين اهو حڪم مليو هو. ملفوظات شريف ۾ آيل آهي، ته حضرت پير سائين روضي ڌڻي رضي الله عنہ جن جي وصال وقت حاويليءَ جا صاحب ۽ صاحبزادو ميان محمد صادق شاه بيهوش ٿي ويا. حاضرين کي اها پڪ ٿي ويئي، ته شايد اهي به رحلت ڪري ويا، گهڻي دير کان پوءِ جڏهن هوش ۾ آيا، تڏهن ظاهر ڪيائون، ته اسان جو روح پير سائينءَ جن سان الله جل جلاله جي درٻار تائين گڏ ويو هو، اسان ڏٺوسين ته حضرت مرشد مربي الله جل جلا له جي درٻار ۾ سجدو ڪيو. درٻارِ خداوندي مان آواز آيو، ته اسان بي ادب ۽ ناشڪر دنيا وارن وٽ اوهان جو وڌيڪ رهائڻ پسند نه ڪيو ۽ پاڻ وٽ گهرايو. پير سائينءَ جن جي روح مبارڪ الله جل جلا له جو حمد ۽ ثناء ڪئي ۽ پوءِ عرض رکيو، ته مولاڪريم! ٽي عرض قبول پون، پهريون ته زمين وارن تي ڏڪر جي تڪليف دور ڪرڻ لاءِ برسات جي عنايت ٿيندي رهي. ٻيو ته منهنجي مسند تي ويهندڙ منهنجي اولاد حضورصلي الله عليه وآله وسلَّم جن جي سنت جي متابعت سان گڏ فيض واري هجي. ٽيون ته منهنجي ابن ڏاڏن ۽ حق جي واٽ جي طالبن جا رُوحَ مون سان گڏجن، پوءِ الله جل جلا له پنهنجي خاص مهربانيءَ سان ساڻن سندن عرض قبول ڪرڻ جو واعدو فرمايو

تصنيف ۽ تاليف

پاڻ بيشڪ وعظ، نصيحت، تعليم و تربيت، عبادت و رياضت پنهنجي فياض توجه ۽ نظر سان ارادت ۽ عقيدت وارن سچن طالبن، مريدن جي ضرور رهبري ڪئي اٿن. نه صرف درگاه شريف، بلڪه سموري زندگي مسلسل سال جا نو مهينا سفر ڪري دور دراز انتهائي مشڪل ماڳن تي پهچي حضرت حبيب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلَّم جن جي امت کي نيڪي ۽ خير جي دعوت ڏيندا رهيا آهن ۽ اهو فيض جنهن محبت ۽ شفقت، جذبي ۽ جهد سان پاڻ نڀايو اٿن، اهو سندن ذات سان ئي خصوصيت رکي ٿو. پر وري جڏهن سندن تصنيف ۽ تاليف ٿي ڏسجي، ته ان ميدان ۾ پاڻ سڀني کان اڳتي ۽ يڪتا نظر ايندا. پاڻ رحمة الله عليہ ڪيترو لکيو اٿن، ان جو صحيح اندازو ته ڪونهي، جو حضرت پير سائين تجر ڌڻي قدس سرھ جي عظيم ڪتب خاني ۾ روايت موجب موجود چاليھ هزار ناياب ۽ قيمتي ڪتاب انگريزن نابڪارن جي ڦرلٽ ۾ ضائع ٿي ويا. ان هوندي به جيڪي ڪجھ هن وقت تائين معلوم ٿي سگهيو آهي، ان (ملفوظات شريف) آڌار ست ڪتاب سندن يادگار مليا آهن:

مجمع الفيوضات
صحبت نامه
مڪتوبات شريف
آداب المريدين
شرح اسماءُاللهِ الحُسنى
جامع الجوامع
جامع سنڌي ڪلام
http://www.mangnejo.com/Ahwal-e-murshid.html

چوٿين 04-فيبروري پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن هو استاد نظاماڻي

چوٿين 04-فيبروري پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن هو استاد نظاماڻي

4 فيبروري 1952ع جو اُهو صُبح جڏهن حر تحريڪ جا اهم غازي، سنڌ جا سياستدان، معزز قبيلن جا سردار، سرڪاري ڪامورا ۽ صحافي حضرات پير ڳوٺ درگاهه شريف ضلع خيرپور جي انهن عمارتن وٽ اچي گڏ ٿيا هئا، جيڪي انگريز سرڪار 1943ع ۾ بمباري ۽ ڊائناميٽ ذريعي تباهه ڪري ڇڏيون هيون.
پاڳارا خاندان جي اها شاندار لائبريري، جيڪا حضرت محمد بقا شاهه رحه عرف پَٽ ڌڻي، سنڌ، هند جا جهر جهنگ جهاڳي تاريخ جا اهم ڪتاب گڏ ڪيا. ان کانپوءِ حضرت محمد راشد روضي ڌڻي رحه کان وٺي حضرت صبغت الله شاهه شهيد تائين انهي لائبريري ۾ لکين ڪتاب گڏ ٿيا، ديوان مسڪين جو خالق پير سائين مسند ڌڻي، جنهن هڪڙي شاعر جي غزل کان متاثر ٿي، کيس داد ۾ پنهنجو هاٿي، پيل بان سميت ڏيئي ڇڏيو هو. اها شاندار لائبريري انگريز سرڪار ائين لُٽي ۽ برباد ڪئي، جيئن تاتارين بغداد جي لائبريرين کي برباد ڪيو هو. پير صاحب شاهه مردان شاهه عرف ڪوٽ ڌڻي، درگاهه شريف جي حويلي، روضي مبارڪ ۽ مسجد شريف کي ڪوٽڏيجي کان به وڏو حفاظتي ڪوٽ ڏياري مريدن جي داخلا لاءِ شاهي در ٺهرايو هو. انگريز سرڪار بمباري ڪري ڪوٽ جو اڌ حصو ختم ڪري ڇڏيو هو. مسجد شريف ۽ روضي کانسواءِ هرطرف سِرن ۽ پٿرن جا ڍير هئا. حُر فقير شهيد سورهيه بادشاهه جي شهادت 20 مارچ 1943ع کان وٺي 4 فيبروري 1952ع تائين سرڪاري فوج سان وڙهندا رهيا. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به حُر پاڪستان سرڪار کي انگريز سرڪار سمجهي برسرِ پيڪار رهيا. شهيد سورهيه بادشاهه جي شهادت 20 مارچ 1943ع کان وٺي 4 فيبروري 1952ع تائين مطلب 9 سال بنا ليڊر جي سرڪار خلاف مزاحمت ڪندا رهيا. حُرن جي ٽولي جو اڳواڻ اهوئي غازي هوندو هو جيڪو ان وقت سربراهي ڪري رهيو هوندو هو. حُرن جا اهڙا ڪيترائي ٽولا هوندا هئا، جيڪي پنهنجي مڙسي سان مُنهن ڏيئي رهيا هئا.
14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان آزاد ٿيو، ان وقت به لکين حُر، هندستان ۽ پاڪستان جي مختلف 20 حُر ڪئمپن ۾ قيد هئا، هزارين حُر غازي مختلف جيلن ۾ قيد هئا، اُهي لوڙها يعني حُر ڪئمپون لاڙڪاڻي جي وارهه شهر کان هندستان جي دوهند شهر تائين پکڙيل هيون. هندستان جي وزيراعظم جواهر لال نهرو آزادي کانپوءِ حُر ڪئمپ جو دورو ڪيو، هو حُر ڪئمپ ۾ پهچي حُرن کي چيائين ته، ”توهان آزادي جا ويڙهاڪ هئا، توهان جي جدوجهد کي اسان سلام پيش ڪيون ٿا. توهان اسان جا فريڊم فائٽر آهيو، جيڪڏهن اوهان هندستان ۾ رهڻ چاهيو ته، اوهان کي اسان هتي زمينون، روزگار به ڏينداسين، اوهان جي پير جي گادي به بحال ڪنداسين، پر جيڪڏهن اوهان پاڪستان وڃڻ چاهيو، ته اوهان کي پاڪستان موڪلينداسين، توهان اڄ کان انهن حُر ڪئمپن مان آزاد آهيو. حُرن چيو، ”اسان پنهنجي سنڌ واپس وينداسين، جتي اسان جون ٻنيون، اسان جي وڏن جون قبرون آهن، اسان جي مرشدن جا روضا آهن، اسان پنهنجي ديس واپس وينداسين.“
جڏهن حُرن کي هندستان جي ڪئمپن مان آزاد ڪري پاڪستان جي سرحد تي پهچايو ويو ته، اتي سرڪار سندن استقبال لوهي زنجيرن ۽ هٿڪڙين سان ڪيو. حُرن سمجهيو، اسان جي مسلمانن جو ملڪ آزاد ٿي ويو آهي، پر هي ڇا؟ حُرن کي وري جيلن ۽ مختلف لوڙهن ڏانهن موڪليو ويو، اهي حُر ڪئمپون پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ موجود هيون ۽ موجوده پير صاحب پاڳارو شاهه مردان شاهه ۽ سندس ننڍو ڀاءُ نادر علي شاهه راشدي جلاوطني جي زندگي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. ميرو نظاماڻي، جنهن جي لاءِ ليمبرڪ چوندو هو، مِيري جي گولي ميرو ميرو ڪندي ايندي آهي. يعني مِيري نظاماڻي جو ٿيل فائر دشمن جو سر کڻڻ کانسواءِ نه گُسندو هو. اهڙو غازي به پاڪستان سرڪار هٿان وڙهندي شهيد ٿيو. پاڪستان سرڪار پنجن سالن کانپوءِ ۽ شهيد سورهيه بادشاهه جي شهادت کان نو، ڏهه سال بعد پاڳارا خاندان جي گادي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ حُرن کي سرينڊر ڪرڻ لاءِ جماعت جا معزز مقرر ڪيا ويا. پيرسائين پاڳارو 27 صفر 1347هه، 22نومبر 1928ع ۾ پيرڳوٺ درگاه شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس نالو سيد سڪندرعلي شاه لقب ڇٽ ڌڻي آهي. هي اهو دور هو جو انگريزن جي چالبازين جو ڄار پيرصاحب سورهيه بادشاه جي خلاف وڇايل هو. 1930ع ۾ سورهيه بادشاه جي گرفتاري ۽ وري 1936ع ۾ آزادي. وري 1941ع ۾ گرفتاري دوران سندس صاحبزادي سيد سڪندر علي شاه موجوده پاڳاري تمام گهڻيون تڪليفون ڏٺيون. پاڻ جڏهن پنهنجي والد سان گڏ پهريون دفعو گرفتار ٿيا ته سندن عمر اڍائي سال هئي.
سورهيه بادشاه جي ٻيو دفعو گرفتاري (آڪٽوبر 1941ع) وقت عمل ۾ آئي ٻئي صاحبزاده (سيد سڪندر علي شاه موجوده پاڳارو ءِ سيد نادر علي شاه) کي به ڪراچي شهر ۾ مير خدابخش ٽالپر جي بنگلي ۾ قيد ڪري رکيو ويو. بقول پيرسائين جي ته ”هي اهو دورهو جو اڃان تحريڪ جي مڪمل منصوبه بندي نه ٿي هُئي.جڏهن سورهيه بادشاه رح کي شهيد ڪيو ويو ته، سندن عمر 15 سال هئي. سورهيه بادشاه جي شهادت جي صدمي سان گڏ انهن ٻنهي صاحبزادن کي پنهجي ڏيهه سنڌ مان جلاوطن ڪري پهريائين هڪ آفيسر محمود حسين جي نگراني ۾ 1943ع ۾ عليگڙه موڪليو ويو. جتي ٽي سال رهيا.ان کانپوءِ جون 1946ع ۾ سمنڊ جي رستي ِلورپول انگلينڊ جي نا مناسب ماحول ڏانهن موڪليو ويو. جتي گرم علائقي جي ماڻهن لاءِ سرد علائقي ۾ ڪا به مناسب سهولت ڪانه هئي. جنهن جو احوال پيرسائين هڪڙي خط ۾ ڊاڪٽر بلوچ سان ڪيو جيڪو ان وقت آمريڪا ۾ پڙهي رهيو هو . جنهن ۾ پيرصاحب لکيو ته، سرد علائقي ۾ اسان وٽ نه هيٽر آهي نه سگري، سرد موسم ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهيون. مسٽر ڊيوس جي انهي اسڪول ۾ شاگردن جو تعداد پندرهن کان وڌيڪ نه هو. جنهن ۾ سڀ جا سڀ شاگرد باغي اڳواڻن جا هئا. جن ۾ سنڌ، روڊيشيا، ٿائلينڊ، ايران، عراق، آئرلينڊ، حبشه، جهڙا ملڪ شامل هئا.
گادي بحال ٿيڻ ۾ ڪهڙن ماڻهن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو، ڪنهن مخالفت ڪئي، انهن جو وڏو دلچسپ داستان آهي ۽ هڪ وڏي ٿيسز جو موضوع آهي . ” جن پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ گادي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، حضرت پيرسائين جن جا مرشد چناه وارا بزرگ محمد افضل صاحب رحه، مولوي محمد صالح مهر پيش امام مسجد درگاه شريف، خليفو احمد فقيرلغاري، خليفو حاجي حاميد انڙ، الهه بچايو فقير وڪيو، ولي محمد فقير گاڏيواڻ، ميرمحمد فقير ڀيو، خليفو سرائي سانوڻ خان نظاماڻي، عبدالرحمان فقير سنجراڻي، صاحبڏنو فقير موچي، محمد ملوڪ فقير مهر، محمد حسن فقير ڀاڻوجو، مير تاج محمد فقير، ڪريمڏنو فقير ڪٽپر، گاگن فقير مڱريو، عثمان فقير بهڻ، لعل بخش فقير مڱڻيجو، حاجي دودو فقير نظاماڻي ۽ ٻي اها جماعت جيڪا لوڙهن ۾ قيد هئي ڦوڙي ڪري جماعت جي فقيرن کي ڏيندي هئي، جيئن مرشد جي گادي آباد ٿئي“.( حوالو، خليفي احمد جو ڳالهيون. رحيم لغاري جهونگار 16.)
4 فيبروري 1952ع تي موجوده درگاهه شريف، جتي ماضي جون شاندار عمارتون کنڊرات بڻيل هيون، اتي مسجد شريف ۾ 24 يا پنجويهه سالن جو ڪِلِين شيوِ نوجوان يعني موجوده پير سائين پاڳارا هڪڙي وڏي هجوم ۾ ويٺو هو، جتي پير صاحب کي پڳ ٻڌرائڻ جي تياري ڪئي پئي وئي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪمپيئرنگ جا فرائض سرانجام ڏيئي رهيو.
انهي ميڙ ۾ پير صاحب جا همدرد به هئا ته مخالف به جن پير صاحب جي خاندان توڙي حُرن سان وڏا ويڌن ڪيا هئا. اهي غازي ۽ حر به موجود هئا، جن جا نيڻ ڳوڙهن سان ڀريل هئا، اهي ڳوڙها خوشيءَ جا به هئا ته غم جا به هئا. خوشي جا انهي ڪري هئا، جو ڏهن سالن کانپوءِ شهيد اعظم سورهيه بادشاهه جو صاحبزادو پڳدار ٿي رهيو هو ۽ درگاهه شريف وري آباد ٿي رهي هئي. ڏک جا ڳوڙها انهي ڪري هُئا جو حضرت سورهيه بادشاهه جي شهادت جو کين يقين نه ٿي آيو، انهن کي اهو ويساهه هو ته شهيد سورهيه بادشاهه زنده آهي، اهو موٽي ايندو. ڇاڪاڻ ته شهيد سورهيه بادشاهه پنهنجي روحاني خطاب ۾ چيو هو ته، ”مان ڀلي قيد ٿي وڃان پر توهان پنهنجي جدوجهد آزادي هٿن مان نه ڇڏجو. انگريز توهان کي منهنجي رت ۾ ٻڏل ڪپڙا به ڏيکاريندا پر توهان اعتبار نه ڪجو، مان موٽي ايندس.“
هاڻي هوائن جا رُخ بدلجي چڪا هئا، نه شهيد سورهيه بادشاهه واپس اچڻو هو ۽ نه ئي هاڻ انگريز سرڪار موجود هئي. لکين حُرن لاءِ گادي جي بحالي به لازمي هئي، ڇاڪاڻ ته اڃا به ڪيترائي حر غازي جهنگلن ۾ روپوش هئا، ڪيترائي حُر جيلن ۽ ڪئمپن ۾ قيد هئا.
پير صاحب 4 فيبروري تي پڳ ٻڌڻ کانپوءِ اهو اعلان ڪيو ته اڄ کانپوءِ اسان پاڪستان سرڪار جا وفادار آهيون، هي ملڪ اسان جو آهي، هن جي حفاظت ڪرڻ اسان تي فرض آهي. وقت اچي ويو آهي ته شاندار ماضي جي بجاءِ روشن مستقبل ڏانهن ڏسجي. اسان پنهنجي دشمنن کي معاف ڪيون ٿا ۽ انهن ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايون ٿا، پوءِ پير صاحب پهريائين انهن جون دعوتون قبول ڪيون جن حر تحريڪ دوران حرن سان ڪلور ڪيا. اهو هڪ وڏو فيصلو هو، اها هڪ وڏي بهادري هئي. حُر جيڪي سؤ سالن کان گوريلا ويڙهه ۾ مصروف هئا، انهن جي روشن مستقبل لاءِ لازمي هو ته امن معاهدو ڪيو وڃي. دشمنيون ختم ڪيون وڃن، حُرن کي آباد ڪرڻ، انهن جي تعليم ۽ روزگار لاءِ لازم هو ته ڪجهه وڃائڻو ئي ڇو نه پوي، پوءِ ٿيو به ائين. پير صاحب پڳ ٻڌڻ کانپوءِ حُر ڪئمپ جو دورو ڪيو، حرن غازين ڏانهن ماڻهو موڪليائين، پُرامن رهڻ لاءِ پيغام موڪليائين، اُهي حُر غازي جن تي ڪيترائي سرڪاري ڪيس هئا، انهن کي پيش پوڻ ۽ هٿيار اُڇلڻ جو حڪم ڏنائين، پوءِ انهن جي آزادي لاءِ پير صاحب پاڻ وڪيل به ڪيا ۽ انهن کي آزاد ڪرايائين. اهڙي نموني هي درگاهه شريف وري آباد ٿي، وري لائبريري به آباد ٿي، جيڪا اڄ به شاندار نموني سان موجود آهي.

شهيد انقلاب سورهيه بادشاهه جو ملهايل 67هون يوم شهادت راج کتري

شهيد انقلاب سورهيه بادشاهه جو ملهايل 67هون يوم شهادت
راج کتري

شهيد سورهيه بادشاهه ادبي فورم پاران 27 مارچ ڇنڇر شام آچر رات گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڍليار جي گرائونڊ تي ملهايو ويو. پروگرام جي صدارت پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ڪئي، جنهن پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه جنهن انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجي ڌرتي ۽ وطن واسين لاءِ پنهنجي جانثار ساٿين سان، پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. ان جو تاريخ ۾ اهڙو مثال ڪٿي به نٿو ملي، جو وطن يا ڪفن موت يا آزادي فيصلي تي اٽل رهندڙ هي بهادر انسان کي گورن انگرزن پنهنجي فيصلي ۽ اصول جا سمورا ليڪا لتاڙي سورهيه بادشاهه کي موت جي سزا ٻڌائي. هن 34 سالن جي ڦوهه جواني ۾ پاڻ شهادت عظميٰ جو درجو حاصل ڪيو. اهڙي ريت برصغير جي تاريخ جو عظيم هيرو عظيم مجاهد سنڌ جي جانثار غازين جو سردار وطن خاطر سر ڏئي سرهو ٿيو ۽ آزادي ۽ انقلاب کي مان بخشائين. هن چيو ته پير صاحب پاڳارا جي جماعت ۾ ڪڏهن به اوچ ۽ نيچ نه هوندي ۽ فقير فقير هوندو آهي، جيڪو تسبيح جي داڻن ۾ سمايل هوندو آهي. هن چيو ته اسان مرشد جي فيض جا طالب آهيون. راشدي پاڳارا خاندان اهل علم جو گهر رهيو آهي. هن چيو ته مرشد جي سڃاڻپ علم آهي ۽ نصيحت ڪئي وئي ته علم حاصل ڪريو ۽ علم کان وانجهيل شخص پنهنجا ٻئي جهان وڃايا ۽ رحمانيت جو پهريون ڏاڪو علم آهي. هن چيو ته ايڪي اتحاد ۽ ڀائيچاري جو اخلاق ۽ پابندي هن جماعت ۾ ڏسڻ وٽان آهي. يوم شهادت جي ادبي ويهڪ ڪانفرنس کي مهمان خاص ڀٽ ڌڻي جي گادي نشين، شهزاده علي بخش ناز لطيفي خطاب ڪندي چيو ته حر جماعت ۾ هر قسم جا ماڻهو ڏٺاسين ۽ حر حسيني آهن. ڀٽائي سرڪار جو سر ڪيڏارو حر حسينيت ۽ آزادي پرست تي لکيل آهي. هن چيو ته حرن سان وڏو ظلم ڪيو ويو. اها هڪ الڳ ايف آءِ آر ٺهي پئي، جيڪو انگريز انصاف پسند جو گهر سڏيو ويندو هو ان گوري انگريز سنڌ جي ماڻهن سان جيڪي ظلم ڏاڍ ۽ بربريت جا پهاڙ ڪيرايا آهن ان جو مثال تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي. هن چيو ته امام انقلاب شهيد سورهيه بادشاهه، هميشه عزت آجپي خوشحالي ۽ انسانيت جي ڀلائي جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا اسان سنڌي ماڻهن جي ورثي ۾ شامل ۽ رڳون ۾ ڳنڍ جي وئي. اعزازي مهمان اڳوڻي سيڪريٽري ثقافت سنڌ، گل محمد عمراڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شهيد اعظم سورهيه بادشاهه سنڌ جي اها عظيم هستي آهي جنهن تي جيترو به لکجي جنهن تي جيترو ڳالهائجي اهو گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪير ايڏو بهادر ٿي سگهي ٿو جو 12 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ تخت نشين ٿيندي ئي انگريز سرڪار جنهن جي بادشاهي تان، ڪڏهن سج به نه لهندو هو، سان سڌو سنئون مهاڏو اٽڪائي اعلان بغاوت ڪري ته هڪدم سندس حسيني تسلسل سامهون ايندو آهي. هن چيو ته جنهن تحريڪ جو بيناد، خون ۽ سورمن جي رت سان هجي ۽ هن ڌرتي جا سچا عاشق جن جي ڪري پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ پهريائين مسلم ليگ پنهجن فرضن ۾ ناڪام وئي، هن چيو ته ميڊم حميده کهڙو جي حقيقت ۽ ڏند ڪٿائي حقيقت کي الڳ ڪجي. پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ ڊاڪٽر علامه اقبال کان وٺي لياقت علي خان ۽ سر سيد احمد خان تائين ڪڏهن ڪير جبل ۾ ويو پر سورهيه بادشاهه 1930ع کان 1936ع تائين ان وقت جي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي قتل سزا تحت جيل ويو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح روزانو 500 رپيا في جي حساب سان سورهيه بادشاهه جو ڪيس عدالت ۾ لڙيو. انگريزن کي جرمني، روس، گانڌي ۽ نهرو مان ايترو ڊپ نه هو، جيترو سورهيه بادشاهه مان هو. هن چيو ته سراج الدولهه بنگال ۾ بادشاهت قائم ڪئي پر سورهيه بادشاهه سنڌ جي سنڌي ماڻهن جي دلين جو بادشاهه هو. جيڪو سنڌ جي آزادي لاءِ سر تري تي کڻي هليو ۽ ڌرتي تان قربان ٿيو، هن چيو ته سائين جي ايم سيد 1950ع ۽ سنڌ جي آزادي جي هلچل ۽ قوم پرستي جي جنگ شروع ڪئي پر قوم پرستي جي شعور سورهيه بادشاهه ڏنو. هن چيو ته سورهيه بادشاهه هڪ انسانيت پرست ۽ دور انديش ۽ دور نظر ماڻهو هو. هن چيو ته سائين جي ايم سيد سورهيه بادشاهه کي مسلم ليگ جاگيردارن ۽ سردارن جي آهي. ان ۾ شامل نه ٿيندس ۽ جيڪڏهن سنڌ آزاد ٿي ته سڀاڻي اختيارن جي ورڇ ۾ جي ايم سيد ۽ ان جي پيرو ڪارن جو نالو به نه هوندو. هن چيو ته علامه آءِ آءِ قاضي، سورهيه بادشاهه کي سائين جي ايم سيد کي حر ايڪٽ ختم ڪرڻ لاءِ چيو، هن چيو ته جبلگال ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ پرويز مشرف، بنگالين کان معافي ورتي ۽ حرن سان جيڪي زيادتيون ۽ بي واجپيون ڪيون ويون ان تي سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ حڪومت حرن کان معافي گهري ڇاڪاڻ ته جڏهن آصف علي زرداري بلوچستان ۽ بلوچن کان، معافي گهري ٿو ته سنڌين کان ۽ حرن کان سنڌ حڪومت ۽ برطانيه پارليامينٽ به معافي وٺي نه ته هي حر بغاوت ڪندا.
اعزازي مهمان پروفيسر محمد مبين وساڻ چيو ته انگريز سرڪار کان جن سر خان صاحب ۽ خان بهادرن جا لقب ورتا. اهي سنڌ جا ويري ۽ سنڌين جا ۽ حرن جا ازلي دشمن هئا. هن چيو ته 1843ع کان 1943ع تائين انگريز گوري کي للڪارڻ وارا حر هئا ۽ پاڳارو خاندان هو. هن چيو ته 1941ع تي موجوده پير صاحب پاڳاري کي ڪراچي بدر ڪري ان لاءِ گڙنگ بنگلو، پير ڳوٺ ۽ سانگهڙ جا علائقا تنگ ڪيا ويا ته جيئن هي ماڻهو چرپر ڪندو ته انگريزن لاءِ مسئلا پيدا ڪندو. مير محمد نظاماڻي خطاب ڪندي چيو ته فيض محمد راڄڙ واري حر تحريڪ ۽ سورهيه بادشاهه جي جانثار سائين لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون. ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي پر اڄ قومي هيرن کي وساريو پيو وڃي. مولوي محمد حسن سڪندري چيو ته وطن جي آزادي لاءِ قرباني ڏني، سورهيه بادشاهه اسان کي قرضي ڪري ويو آهي ۽ هن ڪڏهن به انگريز سامراج آڏو ڪنڌ نه جهڪايو ۽ هن ڪنڌ ڪپائڻ سيکاريو. هن چيو ته اڳ ۾ پاڪستان جي سمورن سياستدانن جا رستا، وائيٽ هائوس ڏانهن هوندا هئا پر هاڻي سمورن سياستدانن جا رستا ڪنگري هائوس ڏانهن آهن. فقير اسلم هنڱورو چيو ته اسان اڃا تائين پنهنجي قومي هيري شهيد سورهيه بادشاهه جو مدفن به ڳولي نه سگهيا آهيون ۽ سورهيه بادشاهه کي اها خبر هئي ته ايڏي وڏي تحريڪ هلندي، جانيون قربان ٿينديون. سانگهڙ جي اڳوڻي ناظم سعيد خان نظاماڻي چيو ته پير صاحب حرن جيڪي قربانيون ڏنيون آهن ان جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي. هن چيو ته 1965ع ۽ 1971 جي جنگين ۾ هن ملڪ لاءِ وڌ کان وڌ قربانيون حرن ڏنيون ۽ آئينده پنهنجي ڪامل مرشد جي حڪم تي لبيڪ چئي هر ڏکئي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ڊاڪٽر محمد هاشم خاصخيلي چيو ته تاريخدانن اديبن، ليکڪن ۽ محققن کي حرن ۽ سورهيه بادشاهه تي ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ گهرجي ۽ انگريزن جي دلالن، خان بهادرن ۽ خان حبن جا لقب وٺي تاريخ سان وڏو ظلم ڪيو آهي. فنڪشل مسلم ليگ ضلع سانگهڙ جي صدر فقير اسماعيل مهر چيو ته سورهيه بادشاهه ننڍي عمر ۾ پنهنجن حرن کي وطن ڪفن جو نعرو ڏنو ۽ جن ماڻهن کي ڌاڙيل ۽ لٽيرو چيو ويو اڄ اهي قوم جا هيرو آهن ۽ هن ڏتڙيل ۽ مظلوم قوم جا اڳواڻ، پير صاحب پاڳاري، پنهنجن حرن کي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو. فقير خدا بخش حمزو درس پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه سنڌ جي عظيم هستي جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ تاريخ جي آئيني ڏٺي وڃي ته سندس شان ۽ شجاعت کي اجاگر ڪيو وڃي. سندس تاريخي قربانيون ايڏيون ته وڏيون آهن جنهن جو مثال نٿو ڏئي سگهجي. مرڪزي صدر حاجي خان محمد هنڱورجو آيل سمورن معزز مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. جڏهن ته پروگرام ۾ سيد نور بخاري، پير بخش راڄڙ، عبدالحق درس، ايم ايس ايف اڳواڻ محم ابراهيم درس، فقير شهمير درس، حاجي محمد ڪريم، حافظ اميد علي اديب ۽ شاعر ذاڪر شر، ڊاڪٽر نور محمد ڀٽي، حاجي ڪامل هنڱورو، محمد عثمان ڀنڀرو، لليت راج کتري، محمد اسحاق پهوڙ، ليکڪ ايم جمن ڪنڀر، عبدالحليم هاليپوٽو، حاجي محمد بخش ڪٻر، خليفو محمد رحيم هنڱورو، مراد علي نظاماڻي، فقير ابوبڪر منڱريو، ڊي ڊي او روينيو کپرو، خدا بخش مسون، منصور علي ڪنڀر، عبدالجبار درس، واجد علي جسڪاڻي، عبدالحليم هنڱورجو، محمد قاسم هنڱورجو، محمد بچل هيڊ ماستر، جاويد احمد درس ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

سورهيه بادشاهه جي مدفن وارو معاملو ۽ ڪجھه حقيقتون لکندڙ: نبي بخش شر/گرهوڙ شريف

Tuesday, April 14, 2009
سورهيه بادشاهه جي مدفن وارو معاملو ۽ ڪجھه حقيقتون
لکندڙ: نبي بخش شر/گرهوڙ شريف
(روزاني ڪاوش، حيدرآباد ـ 14 اپريل 2009)a
سورهيه بادشاهه جي مدفن جي حوالي سان دوست نواز ڪنڀر ڪاوش ۾ جيڪو ڪالم لکيو آهي، انهيءَ ڪالم کانپوءِ ماڻهن ۾ ڪافي بحث هلڻ شروع ٿيو، ته سورهيه بادشاهه ڪٿي مدفون آهي؟ ان حوالي سان ٻه هنڌ مشهور آهن، هڪ ايسٽولا ٻيٽ ۽ ٻيو ڪراچي کان 7 ڪلاڪن جي سفر تي چرڻيو جبل، جنهن لاءِ مقامي ملاحن جو چوڻ آهي ته، انگريز سرڪار سورهيه بادشاهه جي ميت سندن وڏن ملاحن کي ڏني هئي ته اها ميت هو سمنڊ ۾ لوڙهي ڇڏين، پر انهن ملاحن سورهيه بادشاهه جي ميت سمنڊ ۾ لوڙهڻ بجاءِ کيس چرڻيو جبل تي دفن ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن انگريز سرڪار کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته انگريزن انهن 6 ملاحن کي ڦاسي چاڙهي ڇڏيو هو، جن جون قبرون به هو ڏيکارين ٿا. اڄ به هوڙهن ذريعي شڪار ڪندڙ ملاحن جو عقيدو آهي ته، جڏهن به سمنڊ ۾ طوفان ايندو آهي ته ملاح اهو چئي چرڻيو جبل ڏانهن ڀڄندا آهن ته هلو هلي سورهيه بادشاهه جي سام ٿيون ۽ پوءِ انهن ملاحن کي ڪجهه به ناهي ٿيندو، مون پڻ اهي قبرون ڏٺيون آهن، اتي اٽڪل 7 يا 8 قبرون آهن، جن مان هڪ سورهيه بادشاهه جي چئي وڃي ٿي، اتي هڪ مجاور به آهي، جنهن کي پاڻي ۽ کاڌو ملاح پهچائيندا آهن. 1998ع ڌاري ڪجهه دوستن جي مدد سان ايسٽولا ٻيٽ جي تحقيق ڪئي وئي، انهن دوستن ۾ ڊاڪٽر نرمل ڪمار مهراج، جاپان جو جاماري يامان ڪا ذوڪي، لعل محمد بلوچ ۽ جميل احمد بلوچ شامل آهن، انهيءَ تحقيق موجب بلوچستان جي شهر پسني کان ڏکڻ ۽ اوڀر جي ڪنڊ طرف اٽڪل 40 ناٽ، مطلب سامونڊي ڪلوميٽر لانچ ذريعي وڃڻو ٿو پوي، جتي ايسٽولا ٻيٽ آهي، جنهن کي بلوچ هفته لعل، سنڌي ست لعل ۽ هندي ۾ ساتا ديپ چوندا آهن، اسٽولا ٻيٽ جي ڪناري واري پاسي جتان ماڻهو مٿي ويندا آهن، انهيءَ کي مقامي ماڻهو بالادار چوندا آهن، بالادار جي سامهون جبل تي برٽش سرڪار پاران هڪ ٽاور لڳايل آهي، جنهن ۾ جهازن کي رستو ڏسڻ لاءِ بلب به لڳل آهي، انهيءَ بلب کي چيڪ ڪرڻ لاءِ هڪ ملازم به رکيل آهي، انهيءَ کي انهيءَ ٽاور تائين پهچڻ لاءِ ٽاور ۾ رسو به ٻڌل آهي، پر هن وقت پاڪستان جي حڪومت ڪجهه فاصلي تي رستو ٺاهي ڇڏيو آهي، جڏهن اسان انهيءَ ٽاور وٽ پهچداسين ته اتي ٽڪري ۾ هڪ غارآهي، جتي هندو ڌرم موجب ڪالي ماتا جو مندر آهي ۽ انهيءَ جا آثار به آهن. ان کان ٿورو ڏکڻ طرف هڪ تڪيو ملندو، جنهن لاءِ به اهو چيو ويو ته اتي لطيف سائين آيو هو، توهان جڏهن مٿي ويندو ته اتي بي بي حوا جي نالي سان هڪ مسجد ۽ حضرت خضر جي نالي مقبرو ملندو، جيڪي سمنڊ ۾ شڪار ڪندڙ ماڻهن ٺهرايا آهن، انهيءَ مسجد ۽ مقبري ۾ ٻيو ڪجهه به ناهي، اتي هڪڙي هنڌ قلندر لعل شهباز جو تڪيو به آهي ۽ ڪجهه مفاصلي تي هڪ مزار جو نشان موجود هو، مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته هي سنڌ جي وڏي پير جي تربت آهي. انهن جو مطلب شايد سورهيه بادشاهه ڏانهن هجي، اتي تحقيق لاءِ ويل دوستن جيڪي تصويرون ورتيون اهي به سرڪاري اهلڪار کانئن ڦري ويا هئا، پر پوءِ به جاپاني دوست جي گذارش تي ڪجهه نقشا ۽ تصويرون ڇڏيون هيائون، پر انهن تصويرن ۾ سورهيه بادشاهه جي مزار واري تصوير نه ملي هئي، پر جيئن ته ڳالهه اڄ به منجهيل آهي، ته هاڻ اسان اها مزار چوڻيو جبل واري مڃون يا ايسٽولا ٻيٽ واري؟ هاڻ اسٽولا ٻيٽ جو ڪافي ذڪر اچي ويو آهي، ٿوري معلومات هن ٻيٽ مطابق هيءَ ته هن جي ڊيگهه 3 ڪلوميٽر، ويڪر ڏيڍ ڪلوميٽر ۽ مٿان اهڙو سڌو آهي جهڙو هيلپيڊ هجي، هتي ڪو به ماڻهو مستقل نٿو رهي، باقي مڇي جي شڪار خاص ڪري گانگٽ يا جهينگو مڇي جا شڪاري هتي اچن ٿا، جن کان معلومات وٺي سگهجي ٿي، هن ٻيٽ جي هڪ طرف کان ڪارو سمنڊ آهي، جتي ڪو به جاندار نٿو وڃي ۽ ٻئي طرف کان سائو سمنڊ آهي، جتان ماڻهو سفر ڪن ٿا، هن ٻيٽ ۽ سمنڊ متعلق معلومات جاپان جي سياهه جا ماري يامان ڪا ذوڪي هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڪئي هئي، پر اهو ڪتاب صرف ڪوئيٽا جي لائبريري ۾ موجود آهي، جيڪو جاپاني زبان ۾ آهي، هڪ ترجمو ٿيل انگريزي ۾ ڪتاب ڊاڪٽر مهراج نرمل ڪمار وٽ آهي ۽ ڪجهه تصويرون به.

اآزادي لاءِ لازوال قرباني ڏيندڙ برصغير جو عظيم هيرو شهيد سورهيه بادشاهه فقير منٺار مڱريو

اآزادي لاءِ لازوال قرباني ڏيندڙ برصغير جو عظيم هيرو شهيد سورهيه بادشاهه
فقير منٺار مڱريو

شهيد سيد صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه پاڳارا جنهن انگريز سامراج هٿان بغاوت REBELLION جي ڏوهه ۾ 33 سالن جي عمر ۾ سنڌ جي آزادي لاءِ وڙهندي تختي دار سينگاريو، کي اڄ کان پندرهن سال اڳ 1986ع ۾ جڏهن اڃا صديءَ جي تڪميل ۾ پندرهن سال باقي هئا ۽ اڃا اهو دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ بحث/ تصور به شروع نه ٿيو هو ته ويهين صديءَ جون عظيم هستيون ڪهڙيون آهن ڍليار کپرو شهر ۾ سورهيه بادشاهه جي ورسيءَ تي سنڌ جي جهوني شاعر محمد خان مجيدي هن عظيم انقلابي اڳواڻ کي ويهين صديءَ جو عظيم رهنما سڏيو، پنهنجي شاعري ۾ ڀيٽا ڏيندي پنهنجو فيصلو/ فتويٰ ڏيندي چيو آهي ته:
پير پاڳارا وڏو تون هن صديءَ جو رهنما تنهنجو ليکو ڪنهن نه ليکاري ڏنو تاريخ ۾ تون پرين پارس منور، ماهه سورهيه بادشاهه محمد خان مجيدي ڄڻ انهيءَ ڏينهن منهنجي اندر جي ڳالهه ڪري وڌي هئي. سورهيه بادشاهه متعلق لکيل سندس ڊگهي نظم، جنهن جي هڪ هڪ سٽ تي نياز همايوني جي شعر وانگيان متاثر ٿي، سراج بنجي ناول لکڻ گهرجي، کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ پڙهندي جڏهن هي فتويٰ / سٽ چئي ته:
پير پاڳارا وڏو تون هن صديءَ جو رهنما
ته منهنجي دل چاهيو هو ته چاچو مجيدي اها سٽ بار بار چوي ۽ هر بار آئون انهيءَ سٽ تي ”صدق محمد خان مجيدي“ چوندو هلان، مون ته ان ڏينهن ئي اهو پڪو پهه ڪري وڌو هو ته جڏهن 20 هين صدي ختم ٿي منهنجي حياتي رهي ته آئون اهو پٿر سنڌ جي ساگر ۾ اڇلائيندس ته:
پير پاڳارا وڏو تون هن صديءَ جو رهنما
۽ پوءِ اهو ڏسندس ته ڪهڙا سنڌ جا ليکاري/ ليکڪ هن جهوني شاعر جي فتويٰ سان سهمت ٿي ”صدق محمد خان مجيدي“ ٿا چون.
اڄ آئون سنڌ جي سمورن ليکارين کي نيند/ سڏ ٿو ڏيان ته هن سنڌجي جهوني جج جنهن جي فتويٰ گهٽ ۾ گهٽ هن ملڪ جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي فتويٰ کان به مٿانهين آهي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪن.
محترم جي ايم سيد، محمد خان مجيدي کان به گهڻو پهريان پنهنجي هڪ مضمون ۾ سورهيه بادشاهه پاڳارا کي شهيد اعظم، امام انقلاب، سيد الحرار ۽ مجاهد اعظم جا لقب ڏيئي چڪو هو. جيڪي پڻ سورهيه بادشاهه کي 20هين صديءَ جو عظيم رهنما چوڻ لاءِ / سڏڻ لاءِ هڪ فتويٰ جي حيثيت رکن ٿا.
سائين امداد محمد شاهه، ڪجهه وقت اڳ پنهنجي مضمون ۾ ”سورهيه بادشاهه سنڌ جي آزادي جو اول بانيڪار“ عنوان ڏيئي ڄڻ سائين جي ايم سيد جي ڏنل فتويٰ جي تسلسل کي جاري رکيو هو. ڊاڪٽر قادر مگسي به پنهنجي مختلف بيانن ۾ سورهيه بادشاهه کي سنڌ جو عظيم هيرو سڏيو آهي.
انگريزن جي پيروڪارن کي ڇڏي سنڌ جي باقي سمورن سپوتن ۽ سرواڻ پٽن کي سڏ ٿو ڏيان ته پنهنجي قلم ۽ زبان جي ذريعي محمد خان مجيديءَ جي فتويٰ تي لکي ۽ ڳالهائي پنهنجي تاريخي تصديقي دستخط ڪن.
هن مختصر مضمون لکڻ کان پهريان سائين امداد محمد شاهه کان جنهن جي سنڌ اخبار ۾ ٽوڙي مروڙي ڇپيل انٽرويو جي نتيجي ۾ آئون سندس شان ۾ گستاخي ڪرڻ جو مرتڪب ٿيو هوس. معافي وٺندس جڏهن سائين امداد محمد شاهه ڳالهين کي ڪليئر ڪيو ته مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته ڪاش سائين خودئي انٽرويو ڇپجڻ تي ”ڪامريڊن“ طرفان ٽوڙي مروڙي ڳالهين جي ترديد ڪري ڇڏي ها ته آئون اهڙي غلطيءَ / گستاخي کان بچي پوان ها. آئون سائين امداد محمد شاهه کان کليءَ دل سان ان گستاخي جي معافي گهران ٿو ۽ اميد ته سائين مون کي پهريون دفعو اهڙي غلطي معاف ڪندو. هونئن به سائين جي ايم سيد جي پٽ هجڻ جي حوالي سان سندس خلاف چيل لفظن تي آئون اندر ئي اندر ڏکارو ٿيندو رهندو هوس. جيستائين سائين جي ايم سيد جي جدوجهد جو سوال آهي ته انگريز سرڪار ۾ به سنڌ اسيمبليءَ جو سائين اهو واحد سياستدان/ ميمبر هو جنهن سنڌ اسيمبلي ۾ سورهيه بادشاهه جي گرفتاري تي احتجاج ڪندي ڀرپور آواز اٿاريو هو ۽ ان وقت جي وزير قانون محمد هاشم گندر سندس پهرين سوال جو جواب ڏيندي چيو هو ته ها، سورهيه بادشاهه پاڳارا کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ باقي يارنهن سوالن جا جواب ڏيڻ رياست لاءِ هاڃيڪار ٿيندا، جيڪي سوال ڪجهه هن ريت هئا ته:
اگر کيس گرفتار ڪيو ويو آهي ته ڪهڙي جيل ۾ رکيو ويو آهي؟ کيس ملاقات جي سهوليت مليل آهي؟ سرڪار مٿس ڪهڙو ڏوهه مڙهيو آهي؟ ڇا مٿس کليل عدالت ۾ کيس هلايو ويندو؟ ڇا سرڪار کيس سزاءِ موت ڏيڻ چاهي ٿي؟ وغيره وغيره.
شهيد سورهيه بادشاهه متعلق هن دفعي آئون تفصيل ۾ وڃڻ نه ٿو گهران ڇو ته هن دفعي منهنجو مقصد صرف سورهيه بادشاهه کي 20هين صديءَ جو عظيم رهنما سڏڻ آهي، پر سندس مختصر زندگي هن ريت گذري.
پاڻ 10-1909ع ڌاري پيدا ٿيا. ٻارنهن سالن جي عمر ۾ والد جي وفات تي تخت نشين ٿيا ۽ پهرين ڏينهن انگريزن کان نفرت جو اظهار ڪيائون. انگريزن کيس پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ويا سر جو لقب ۽ بندوق تحفي طور موڪليائون پر سورهيه بادشاهه اهو چئي ٺڪرايا ته هٿيار اسان وٽ پنهنجا گهڻا آهن لقب اسان لاءِ پاڳارا ڪافي آهي.
انگريزن اهڙي جواب تي مڇرجي کيس گرفتار ڪري مٿس ڪوڙو ڪيس مڙهي 8 سال سخت پورهئي سان سزا ڏني. سورهيه بادشاهه جو ڪيس ۾ دفاع قائداعظم محمد علي جناح ڪيو، جنهن ان وقت 1930ع ۾ 60 هزار رپيا في ورتي ۽ ڪيس دوران غير منصفانه ڪارروائي تي احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪري ويو. ان دوران سورهيه بادشاهه هندستان جي مختلف جيلن ۾ قيد رهيو. جتي سندس ملاقاتون انقلابي اڳواڻن سان ٿيون. سڀاش چندر بوس ۽ بنگالي قومپرستن کان متاثر ٿيو.
1936ع ۾ آزاد ٿيو. پهريان گورنر گرهام ۽ پوءِ گورنر ڊو ملاقات ڪري سهڪار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ويا. سورهيه بادشاهه جي پهرين گرفتاري ۽ 8 سال سزا ملڻ وقت سندس عمر فقط 20-19 سال هئي. سورهيه بادشاهه آزادي تي سرڪار سان سهڪار نه ڪندي غازين کي ڀرتي ڪرڻ سکيا ڏيڻ ۽ باقاعده آزاديءَ جي تحريڪ شروع ڪئي. اهڙي تحريڪ جي نتيجي ۾ ايڇ ٽي لئمبرڪ انگريز سرڪار کي لکيو ته سورهيه بادشاهه پاڳارا کي موت جي سزا ڏيڻ کانسواءِ ڪو چارو ڪونهي، جنهن جي نتيجي ۾ سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪري مٿس بغاوت جو ڪيس مڙهي ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. مٿس هيٺيان الزام مڙهيا ويا.
1. انگريز سرڪار خلاف سازش ڪرڻ ۽ جنگ جي تياري ڪرڻ
2 . انگريزن خلاف جنگ ۾ مدد ڪرڻ
فوجي ڪورٽ پنج آرمي ميجر جنرلن تي مشتمل هئي جنهن جي صدارت ان وقت جو سنڌ جو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ميجر جنرل رچرڊسن ڪري رهيو هو. ايڇ ٽي لئمبرڪ سندس سول ايڊوائيزر هو. سورهيه بادشاهه کي پنهنجي مرضي مطابق وڪيل ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني وئي. انگريز سرڪار طرفان کيس هندو وڪيل ڏيئل مل مهيا ڪيو ويو.
آل برٽش ڪورٽ حيدرآباد سينٽرل جيل اندر لڳاتار ٽي ڏينهن ڪيس هلائي سورهيه بادشاهه کي سزاءِ موت ڏني.
سنڌ جو هي عظيم هيرو ۽ 20هين صديءَ جو عظيم رهنما ڪورٽ مارشل لا جي نتيجي ۾ 20 مارچ 1943ع تي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڦاسي چاڙهيو ويو. کيس ڦاسي چاڙهڻ کان پوءِ به انگريزن جي اندر جي باهه جهڪي نه ٿي ۽ ڦاسي وقت سورهيه بادشاهه کان پڇيل آخري خواهش جنهن جي جواب ۾ سورهيه بادشاهه چيو هو ته کيس پنهنجي وڏن جي ڀر ۾ پير ڳوٺ ۾ روضي ڌڻي جي روضي ۾ دفن ڪيو وڃي، تي به عمل نه ڪندي سندس لاش کي هميشه هميشه لاءِ گم ڪيو ويو.
هينئر جڏهن 20هين صدي به ختم ٿي چڪي آهي پر سورهيه بادشاهه جي لاش جو اڄ به ڪو به پتو ڪونهي، فيڊرل ڪاسترو جي بهادر ساٿي چي گويرا جي لاش کي به جيڪو بوليويا ۾ آمريڪي سامراجي فوجن سان وڙهندي 68-1967ع ڌاري شهيد ٿيو هو جي قبر کي به ڳولي لڌو ويو ۽ سندس لاش کي ڪيوبا آندو ويو جتي ايئر پورٽ تي سندس لاش جو استقبال فيڊرل ڪاسترو سميت سمورن انقلابي اڳواڻن ڪيو ۽ کيس فوجي توبن جي سلامي کان پوءِ وڏي فوجي اعزاز سان دفن ڪيو ويو. پر سنڌ جو سورهيه بادشاهه جيڪو اڃا گم آهي جنهن لاءِ مجيدي چوي ٿو ته:
تنهنجو ليکو ڪنهن نه ليکاري ڏنو تاريخ ۾
ڪانه هئي ڪا سوچ ۽ ساڃاهه سورهيه بادشاهه
آزادي لاءِ لازوال قرباني ڏيندڙ برصغير جو عظيم هيرو شهيد سورهيه بادشاهه

سورهيه بادشاهه جو سياسي تدبر شوڪت حسين شورو

سورهيه بادشاهه جو سياسي تدبر
شوڪت حسين شورو

انگريز سامراج 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ اِها پاليسي ٺاهي ته اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن کي جاگيرون عطا ڪري تابع دارن ۽ خوشامدڙين جو هڪ طبقو پيدا ڪيو وڃي ته جيئن سندن Colonial يا بيٺڪيت واري بادشاهي جون پاڙون وڌيڪ مضبوط ٿي وڃن. مولا جي ملڪ سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين غيرآباد پئي هئي، انگريزن ان زمين جي باندرن واري ورهاست ڪئي ۽ چاپلوس ۽ خوشامد ڪندڙن کي ڍئي ڇڏيو. نتيجي ۾ سنڌ ۾ زميندارن جو هڪ اهڙو طبقو پيدا ٿيو جن ۾ نه خود داري هئي، نه عزتِ نفس ۽ نه وري قومي غيرت، اهي هر ڪڌي ڪم ۾ انگريز سرڪار جا ساٿاري ٿي بيٺا. سنڌي قوم لاءِ هنن جي دلين ۾ ڪو درد ڪونه هو. جتي سنڌي هندن ۾ کوڙ سارا مخير ماڻهو هئا جن اسڪول، ڪاليج، هاسٽلون، اسپتالون، ويم گھر، باغ باغيچا، يتيم گھر ٺهرايا ۽ ڪئين خير جا ڪم ڪيا، اُتي اسان جو مسلمان زميندار طبقو پنهنجين عياشين ۾ پورو هو. پر ٻي طرف رڳو مختيارڪار جي حڪم تي ڳوٿريون ناڻي جون ڀري رسائي لاءِ پهچائي ٿي آيا. ڪي ڳاڻ ڳڻيا چار پنج مسلمان زميندار هئا جن اسڪول قائم ڪيا، باقي گھڻائي جي ته تعليم سان پوندي ڪانه هئي.
اهڙي ماحول ۾ پير صبغت الله شاهه ثاني جو ڪردار سنڌ جي مڙني پيرن، ميرن ۽ وڏيرن کان بنهه الڳ ۽ هڪ منفرد حيثيت رکندڙ شخص وارو نظر اچي ٿو. کين 12 سالن جي ننڍي عمر ۾ پڳ پارائي وئي ۽ پاڻ پاڳارا بنيا. ان ڪچي عمر ۾ به کين خود داري ۽ قومي غيرت جو احساس هو. ان ڪري ئي هن ڪڏهن انگريز سرڪار جي درٻار ۾ سلامي ڪانه ڀري. اها ڳالهه انگريز سرڪار جي ڇاڙتن ۽ ڪامورن جي لاءِ پريشان ڪندڙ هئي. پهرين اها ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن سنڌ جا ٻيا پير انگريز بهادر جي سلامي ڀريندڙ آهن، تيئن پير صبغت الله شاهه کي به ميٺ محبت ۽ لالچ وسيلي زير ڪيو وڃي. سکر جي ڪليڪٽر پير صاحب کي ملاقات ڪرڻ جو پيغام موڪليو. پير صاحب پاڻ ڪونه ويو، پر پنهنجي خليفي کي موڪليو ته وڃي ڪليڪٽر سان ملي. ڪليڪٽر آڇ ڪئي ته حڪومت پير صاحب کي خطاب ۽ تلوار يا بندوق انعام ڏيڻ چاهي ٿي. پير صاحب جواب موڪليو ته اسان کي پير پاڳاري جو خطاب الله تعالى وٽان ۽ پنهنجن مريدن وٽان مليل آهي. ان ڪري اسان کي ٻئي ڪنهن خطاب جي ضرورت ڪانهي. بندوقون ۽ تلوارون اسان جي وڏن جي زماني کان وٺي اسان وٽ پيون آهن. وڌيڪ ڪنهن بندوق جي ضرورت ڪانهي.

ان جواب ملڻ کان پوءِ حڪومت وٽ هاڻي ٻيو طريقو اِهو هو ته پير صاحب کي ڪنهن نموني هيسائي آڻ مڃائي وڃي. ان حڪمتِ عملي هيٺ کيس جيل موڪليو ويو. جڏهن پاڻ ڇهن سالن جي عرصي ۾ انڊيا جي مختلف جيلن ۾ هئا تڏهن هڪڙو خاص سياسي تدبر منجھن پيدا ٿي چڪو هو. جيلن ۾ سياسي فڪر جي ماڻهن سان سندن ملاقاتون ٿيون. انهن سان ڳالهيون ٻولهيون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پير صاحب جي فڪر ۾ هڪ سياسي سجاڳي پيدا ٿي چڪي هئي جيڪا نه رڳو ان زماني جي پر اڄ تائين پيرن جي فڪر ۾ گھٽ آهي.
پير صاحب جي سياسي بصيرت ۽ دور انديشي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته وٽس سنڌ مسلم ليگ جو تڏهوڪو روح روان ”جي. ايم سيد“ وفد وٺي آيو ته اوهان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. پير صاحب صاف انڪار ڪيو ۽ چيو ته ”شاهه صاحب! مون ته اوهان کي وڏو سياستدان سمجھيو هو، پر اوهان سياست جي ابجد مان به واقف ڪونه آهيو. جيڪا جماعت سڀ ڪجھه انگريزن جي مشوري سان ڪري. جنهن ۾ سمورا سر، خانبهادر، وڏيرا ۽ سيٺيون هجن، سا ڪيئن آزاديءَ جي دعوى ٿي ڪري!“ هن جي ايم سيد کي اهو به چيو ته ”جيڪڏهن انڌي منڊي آزادي ملي ته پاڪستان وڍيل چچريل هوندو. پر اوهان ڪٿي هوندئو؟ شاهه صاحب! وڙهڻ لاءِ اوهين هوندا ۽ فتح وقت واڳون انهن جي هٿن ۾ هونديون جيڪي انگريزن جا ازلي غلام هوندا. اوهان کي کير جي مک وانگر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو. بلڪ شڪ ناهي جو جيل ۾ به رکيا وڃو! جيڪڏهن زندگي آهي ۽ اسان جي پيشنگوئي سچي نڪتي ته پوءِ ٻڌائجو ته سياست مان گھڻو ڪير ٿو ڄاڻي، اوهين يا اسين؟ انشاء الله تعالى اسين ته وطن يا ڪفن حاصل ڪنداسون، پر اوهين پيا ڏکن ڏوراپن وارا ڪتاب ڪڍندا.“

سورهيه بادشاهه جون اهي ڳالهيون سئو سيڪڙو سچيون ثابت ٿيون. پاڪستان ٺهڻ سان جي ايم سيد کي مسلم ليگ مان نيڪالي ڏني وئي ۽ هن جي سڄي زندگي جيلن ۽ نظربنديءَ ۾ ڪتاب لکندي گذري.

سورهيه بادشاهه سنڌ جي عام پيرن کان تمام گھڻو مختلف هو. هن جيڪي اصلاحي ڪم ڪيا ۽ پنهنجن مريدن کي جيڪي هدايتون جاري ڪيون تن مان سندن انقلابي سوچ جي عڪاسي ٿئي ٿي.
پهرين هدايت ۾ مريدن کي چيو ويو ته پنهنجن ٻارن کي، ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي تعليم ڏياريو.
ٻيو ته ٻهراڙيءَ جي حالتن کي سڌارڻ rural uplift لاءِ امن امان قائم ڪريو.

ٽين هدايتو اهيا هئي ته پنهنجن جھڳڙن جا فيصلا پاڻ ڪريو. چوٿين هدايت اِها ته ولائتي ڪپڙو نه پايو، پر پنهنجي سنڌ جي ٿلهي سٽ واري کاڌي پاي.
پنجين هيءَ هئي ته نشو سڀ ڇڏي ڏيو، جھڙوڪ ٻيڙي، سلفي، حقو، چلم، ڀنگ نه پيئو. ڇهين ڳالهه اها ته مايون عاج ۽ ربڙ جا چوڙا نه پائين.
ستين هدايت اها هئي ته بيواهن، رنن زالن ۽ ڪنوارين ڇوڪرين کي پرڻائي ڇڏيو. اٺين هدايت اها فرمايائون ته هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جھيڙو ٿيڻ نه ڏيو.
جي ايم سيد لکيو آهي ته پير صاحب مذهبي رواداريءَ جو قائل هو. هندو ڪي ٻاهران ڪونه آيا هئا. پر سنڌ جا هئا ۽ سنڌي هئا. ان ڪري پير صاحب نٿي چاهيو ته مسلمان ۽ هندو مذهب جي بنياد تي پاڻ ۾ جھيڙو ڪن، ڇو ته ان مان آخرڪار سنڌ کي ئي نقصان پهچڻ جو انديشو هو.
1939ع ۾ علي محمد شاهه راشديءَ جي رٿا تي منزل گاهه مسجد سکر وارو ڪيس ڪورٽ ۾ داخل ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هندو مسلم فساد شروع ٿيا. سورهيه بادشاهه پنهنجن مريدن مان رضاڪار ڀرتي ڪيا هئا جن کي پاڻ غازي سڏيندو هو. هن غازين کي حڪم ڏنو ته جتي به مريدن جي ڳوٺ ۾ هندو هجن غازي انهن جي گھرن تي پهرو ڏين ۽ سندن حفاظت ڪن. انگريزن کي اِها ڳالهه ڏکي لڳي ڇو ته هنن چاهيو ٿي ته هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ وڙهيل هجن. انگريزن جي ان سازش ۾ سنڌ جا ڪي سياستدان شامل هئا. جن منزل مسجد گاهه جو جھيڙو ڪرائي سنڌ جي ماڻهن ۾ نفاق جو ٻج ڇٽيو هو پر سورهيه بادشاهه جو اهي سياسي تدبر هو جنهن ان سازش کي چڱي طرح ڄاتو ٿي. ان ڪري هن پنهنجن غازرين کي پهريون ڪم اهو ڏنو هو ته جيڪي به هندو ڳوٺن ۾ آهن انهن جي گھرن تي پهرا بيهاريا وڃن ته جيئن انهن سان ڪوبه مسلمان کوئنس نه ڪري، نڪي وڙهي. خيرپور جي طرف جيڪي ڳوٺ هئا ۽ انهن ڳوٺن ۾ جتي گوڙ گھمسان هئا اتي به پير صاحب ماڻهو گھرائي بيهاريا ته جيئن هندن جي حفاظت ٿئي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي چوڻ موجب پير صاحب پهريون ڪم جيڪو غازين کان ورتو سو اِهوئي هو.
سورهيه بادشاهه جي سرپرستيءَ هيٺ هڪ اخبار ”پير جو ڳوٺ گزيٽ“ جاري ٿي هئي جنهن جو ايڊيٽر هڪ رٽائرڊ ماستر ڪاڇومل هو. ان اخبار ۾ پيرصاحب هندو مسلم اتحاد تي زور ڏنو هو. 8 جولاءِ 1940ع تي شايع ٿيل ”پير پاڳارو خاص نمبر“ ۾ سورهيه بادشاهه پاڻ لکيو ته منهنجن ابن ڏاڏن هندن ۽ مسلمانن کي مقدس امانت سمجھي ساڻن برابري وارو ورتاءُ ڪيو. منهنجو به ساڳيو اصول آهي. الله ۽ پرماتما ساڳيو ئي آهي، ڀلي نالا مختلف هجن. آئون اهو ڏسي خوش ٿيندس ته مندر ۽ مسجد گڏوگڏ هجن، وچ ۾ رڳو هڪڙي ديوار هجي. هر ڪنهن کي پنهنجي مرضيءَ سان عبادت ڪرڻ جو حق حاصل هجڻ کپي جيئن ڪنهن کي به هڪ ٻئي سان ڪا شڪايت نه ٿئي. سورهيه بادشاهه هند مهاسڀا ۽ مسلم ليگ ٻنهي کي فرقيوارانه تحريڪن جو نالو ڏنو هو. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي تحقيق موجب سورهيه بادشاهه جڏهن جيل مان نڪري پير جو ڳوٺ پهتو ته ٽي ڪانگريسي ساڻن گڏ آيا. اهي پير صاحب وٽ تحريڪ بابت مشير ٿي ڪم ڪرڻ لڳا.
سورهيه بادشاهه جي سياسي فڪر ۽ ڪردار بابت اڃا گھڻين ڳالهين تي پردو پيل آهي. انگريزن جي زماني کان وٺي سازشن تحت صحيح ڳالهين کي لڪائي سورهيه بادشاهه بابت غلط ڳالهين کي مشهور ڪيو ويو آهي. اهو سنڌ جي تاريخدانن ۽ محققن جو ڪم آهي ته حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سورهيه بادشاهه جي سياسي فڪر، ڪردار ۽ ڪارنامن بابت سچاين کي ظاهر ڪن.

http://www.voiceofsindh.net/sindhiadab/articals/88.htm

Thursday 17 February 2011

پرين تو توسان رهي به نه ٿو سگهان
توکان پري ٿي به نه ٿو سگهان
توکي سهائي به نه ٿو سگهان
توکي رهائي به نه ٿو سگهان
توکان سواء چپ رهي به نه ٿو سگهان
توسان ڦٽائي به نه ٿو سگهان
توسان وير رکي به نه ٿو سگهان
توکي ڏسي به نه ٿو سگهان
توکي ٻڌي به نه ٿو سگهان
توکي ڪجهه ٻڌائي به نه ٿو سگهان
توسان کلي به نه ٿو سگهان
توسان روئي به نه ٿو سگهان
توکي روئاري به نه ٿو سگهان
توکي کلائي به نه ٿو سگهان
توکي جياري به نه ٿو سگهان
توکي ماري به نه ٿو سگهان
توکي پاڻ سان گڏ رکي به نه ٿو سگهان
توکي سمجهي به نه ٿو سگهان
توکي سمجهائي به نه ٿو سگهان
توکي ظالم چئي به نه ٿو سگهان
پاڻ کي شفيق چئي به نه ٿو سگهان
پرين تو توسان رهي به نه ٿو سگهان
تنهنجي انت کي پهچي به نه ٿو سگهان
تنهنجي الفت کي پڻ سمجهي نه ٿو سگهان
توسان نفرت به رکي نه ٿو سگهان
تنهن جي اڳيان هلي به نه ٿو سگهان
يعني توکي پٺ ڏئي به نه ٿو سگهان
نه تنهنجي ساڄي هلي ٿو سگهان
نه تنهنجي کاٻي به هلي ٿو سگهان
۽ پڻ تنهنجي پويان هلي به نه ٿو سگهان
نه تنهنجا ٻول ٻولي سمجهي ٿو سگهان
نه تنهن جا قول ڪهڻ جهڙا ڪهي ٿو سگهان
نه تنهنجي ڪنن ۾ ڪا ڪوڪ دانهن ڪري ٿو سگهان
نه ڪا اندر ۾ ڳالهه ڳوهي ڳوهي رکي ٿو سگهان
نه ڪو تنهنجو گل ٿي ٿو سگهان
نه ئي ان گل جو ڪو ڪنڊو مُنڊو ٿي ٿو سگهان
نه تنهن جي وڻ جي ڇانو ڇانوري ۾ ويهي ٿو سگهان
نه ئي تنهن جو ڀلا ڇانوَ ڇانورو پاڇو ٿي ٿو سگهان
نه جام محبت جو، جانب دلبر توکي پياري ٿو سگهان
نه ئي زهر نفرت جو توکي پياري ماري ٿو سگهان
هاڻ تون ئي سڻاء ته؛ شفيق تنهنجو ڇا ڪري ٿو سگهان؟
نه ننڊ نيڻن ۾ رات ڏينهن ڪري ٿو سگهان
نه جِي ٿو سگهان ، نه مري ماري ٿو سگهان

ڇا اسان يا اسان جا اڳواڻ سرواڻ شهيد سورهيه مجاهد انقلابي جلاوطن : سيڪيولر ناهيون ؟

ڇا اسان يا اسان جا اڳواڻ سرواڻ شهيد سورهيه مجاهد انقلابي جلاوطن : سيڪيولر ناهيون ؟
افسوس سان لکي رهيان آهيون ته:
اسان جي دعوي هئي آهي ۽ رهندي ته اسان سيڪيولر آهيون ۽ زمان ماضي حال ۾ به؛ اسان جا مفڪر مدبر ٿيوسافسٽ ٿيولاجين فلاسافر ۽ زمان مستقبل ۾ به رهنداسين، ليڪن ان جو اهو مطلب ناهي ته اسان جو ڪو به مذهب ناهي؟
ها اسان جو مذهب اسلام ( الله جي وحدانيت وارو توحيدي، جنهن ۾ ڪائنات جي خالق الله سان ڪوبه شريڪ ناهي جيڪو سياسي معاشرتي معاشي عدل انصاف مساوات ۽ انسانن ۾ برابري وارو هيو آهي ۽ رهندو انشاء الله) آهي، پر اهو مذهب اسان جي جِيءَ جند جان تي لاڳو هوندو يا رهندو ۽ سيڪيولر يعني العلمانيه يا دنياوي نظام سستم جنهن کي سيڪيولر واري روش ورتاء سلوڪ طريقو چيو سڏيو ٿو وڃي؛ اهو غيرن لاء رهندو جيئن مدينه واري رياست يا سوسائيٽي قائيم ڪيون ويون هيون جنهن ۾ مدينة المنوره جزيرة العرب يا حجاز مقدس جا وارث عرب ايستائين جو غير عرب مسلم يا غير مسلم به هيا.
تيئن ئي سنڌ جا وارث سنڌي مسلم جنهن هر فرقه ۽ غير مسلم سنڌي وغيره به وارث آهن، سو اسان سنڌي مسلم پنهنجي مذهب اسلام ( الله جي وحدانيت توحيدي ۽ سياسي معاشرتي معاشي عدل انصاف مساوات ۽ انسانن جي برابري واري) تي رهي ڪري، سنڌي غير مسلم دوستن سان (سيڪيولر (يعني دنياوي جنهن کي عربي ۾ العلمانيه چيو ويندو آهي) ٿي هلنداسين رهنداسين يعني انهن تي اسلامي فڪر سوچ شريعت طريقت لاڳو نه ڪنداسين
جيڪي دوست چون ٿا ته سيڪيولر معني ته لادينيت اهي غلط آهن.
اها لادينت انهن لاء جائز هوندي جيڪي لاديني آهن ( انهن لاء لا اڪراه في الدين ۽ لڪم الدين ولي الدين واري
اصول تي رهي ڪري انهن سان رڳو انهن لاء سيڪيولر هونداسين يا رهنداسين ، ليڪن اسان جي جِي جند لاء اسلامي شريعت طريقت لاڳو هوندي، پر جيڪي سنڌي ڪنهن به فرق فرقي سان هوندا يا سنڌي غير مسلم هوندا ته انهن تي ڪوبه جبر ڏاڍ ڏمر ظلم زيادتي نه ڪنداسين
بقيه رهيو سوال ته سيڪيولرزم جي جيڪا يورپ وارا معني مطلب تشريح ٿا ڪن ته:
مثال جو مثال ٿا وٺون ته ان ملڪ جا سڀ جو سڀ شهري لادين ٿي رهن ۽ ڪوبه ڪنهن به دين مذهب ڌرم دين تي نه هلي سو بلڪل غلط آهي اهڙي قسم جا ماڻهو شيطان صفت مذمت جوڳا آهن، جيڪي پنهنجي نفس جو سڌون ٻين تي ٿوڦي يا ڏاڍ ڏمر ظلم زيادتي ڪري، اصل ۾ ڪمزور قومن جي بنيادي حق ۽ ڌن ڌڻ دولت مال ملڪيت معدنيات تيل گيسون بندر شهر ملڪ کسي غلام ڪرڻ ٿا چاهين جيڪي هاڻ ناڪام ٿي چڪا آهن.
اهڙي قسم جا تجربا مشاهدا ۽ جڙتو جعلي فراڊي ٺڳي جا ٺاهه ناڪام ٿي چڪا آهن
.
آخر م وري به مان پنهنجي فڪر سوچ جي وضاحت تشريح ڪريان ته اسان سيڪيولر جي معنيٰ ( العلمانيه ) ٿا ڪريون ته ؛ اسان ڪنهن سان به پنهنجي دين اسلام کي قبول ڪرڻ جو ڏاڍ ڏمر زور زيادتي نه نه ڪيو هو نه ڪيو آهي ن۽ ڪنداسين ۽ پنهنجو دين اسلام ڇڏينداسين ڪونه! لا اڪراه في الدين ( دين م ڏاڍ ناهي ) پر جتي غير عادلانه غير مساوايانه غير منصفانه معاشرتي معاشي سياسي سسٽم هوندو ان کي خلاف جدوجهد ڪرڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي
ڪجهه ڳالهيون ڪمي ڪوتاهي رهجي ويئي آهي جيڪا به تصحيح ڪريان ٿو

ڏکويلن جو ڏيهه ۽ مزاحمتي عالمن جو ڪردار

ڏکويلن جو ڏيهه ۽ مزاحمتي عالمن جو ڪردار
ميانداد شر
وطن جي آجپي، امن ۽ خوشحالي ۾ جتي قوم جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ فردن جاني ۽ مالي قربانيون ڏئي پاڻ موکيو آهي اتي عالمن ۽ روحاني پيشوائن پڻ پنهنجو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. پاڻ جڏهن تاريخ جي ورقن ۾ جهاتي پائي ڏسون ٿا ته ارغونن ۽ مغلن جي دور حڪومت ۾ ڏکويلن جي ڏيهه سنڌ جي جهوڪ تي نظر پئي ٿي. سائين علي محمد راشدي (رحمة الله تعالي عليه) پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ جهوڪ شريف لاءِ ڏاڍيون حقيقت تي ٻڌل سٽون لکيون آهن. هو لکي ٿو ته، ”سنڌ ڏکويلن جو ڏيهه آهي. خاص طرح سان ٺٽي ضلعي جو علائقو جتان جي ماڻهن ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن. تاريخ جي پنن مان رت پيو ٽمي. هر قاتلن جي ڪاهه سڀ کان پهرين ٺٽي تي هوندي هئي. اتي پهچڻ بعد پير پختا ٿيندا هئس ته شوقيا ماڻهن جو شڪار شروع ڪندو هو. تعجب آهي ته ان کان پوءِ به انسان پيدا ٿيندا رهيا. ظالم مرندا کپندا ويا ماڻهو جيئرا رهندا آيا. ماڻهو به اهڙا جو ڪنهن تي نظر پين ته اڳلو سرمد بڻجي سرهو ٿي، ٿي ويو.“
ٺٽي جي سرزمين تي صوفي شاهه عنايت رحه (رحمة الله تعالي عليه) ميران پور ۾ جنم ورتو. ميران پور ۾ جنهن کي بعد ۾ مغلن ساڙائي ڇڏيو. صوفي شاهه عنايت ڪيترا سال سنڌ کان ٻاهر بيجارپور (دکن) ۾ مشهور بزرگ مخدوم عبدالملڪ رحه وٽ رهي علم ۽ فضل حاصل ڪيو. تصوف جو طريقو اختيار ڪيائين همه اوست يعني بنا ڀيد بائو، تعصب ۽ تفريق کان پاڪ روح جي پاڪيزگيءَ واري نظرئي تي عمل پيرا رهيو انهي نظرئي جي سنڌ کي ان وقت سخت ضرورت پڻ هئي، هر وقت ٻاهرين جون ڪاهون، مار ڌاڙ، ڦرلٽ، مفلسي ۽ غلامي، گهليون ۽ گهوڙا نه داد نه فرياد نه امن هو ۽ نه ئي سلامتي هئي. سنڌ جي سرزمين تي ايڏو اوندهه ڏسي شاهه عنايت رحه بيجا پور کي ڇڏي موٽي سنڌ ۾ آيو. ناانصافين جي خلاف وطن جي آجپي لاءِ بغاوت جو علم هٿ ۾ کنيو. پنهنجن پوئلڳن ۽ جانثارن کي ظلم جي خلاف تيار ڪري ٺٽي جي گورنر اعظم خان مغل جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون.
مخدوم بلاول شهيد (رحمة الله تعالي عليه) جو نالو جليل القدر مشائخ ۽ عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو. شاهه بيگ ارغون جڏهن دولهه درياهه خان (رحمة الله تعالي عليه) جي شهادت کان پوءِ ڄام فيروز جي پيش پوڻ بعد ٺٽي کان لڪيءَ تائين وارو علائقو کيس عنايت طور حڪومت لاءِ ڏنو ۽ سيوهڻ کان مٿي واري ايراضي ۽ سيوهڻ جو قلعو مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگ، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي ڏئي ڇڏيو هو. سيوستان ۽ ٽلٽي جي سنڌي سپوتن مخدوم بلاول رحه جي اڳواڻي ۾ شاهه بيگ ارغون سان مقابلو ڪيو. اتان جي سوڍن ۽ سهتن ۽ عهد ڪيو ته جيسن تائين جان ۾ ساهه آهي تيسين پوئتي نه هٽنداسين. شاهه بيگ ارغون درياهه خان جي پٽن محمود خان ۽ متل خان کي نصيحت ڪرڻ لاءِ قاضي قاضن کي موڪليو پر اتان جي غيرت مند ماڻهن قاضي قاضن جو منهن ڏسڻ به پسند نه ڪيو. مخدوم بلاول رحه جڏهن شاهه بيگ ارغون خلاف تحريڪ بلالي شروع ڪئي ته درياهه خان جي پٽن، رڻ مل سوڍي ۽ سارنگ سوڍي ٽلٽيءَ وٽ ارغونن جي لشڪر جي رستا روڪ ڪئي. سن وٽ سيد حيدر سنائي (رحمة الله تعالي عليه) سندن ٻيڙا ساڙائي ڇڏيا. انڙ پور وٽ مخدوم ساهڙ (رحمة الله تعالي عليه)، لنجار جنگ جي اڳواڻي ڪئي ۽ خاصائيءَ جي ميدان تي دائود شورو جي اڳواڻي ۾ جانڻ شورو ۽ اسماعيل شورو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو.
آزادي جي تحريڪ ۾ حُر مجاهدن ۽ سندن روحاني پيشوا پير صبغت الله شاهه ثانيءَ (رحمة الله تعالي عليه) جو وڏو ڪردار رهيو آهي. هي تحريڪ اوڻيهه صديءَ جي وچ ڌاري سنڌ ۾ نمودار ٿي ۽ هڪ سئو سالن تائين جاري رهي. راشدي پيرن جو پهريون بزرگ سيد علي مڪي (رحمة الله تعالي عليه) هو. جنهن جي ويهين پٽ (پيڙهي) ۾ سيد محمد بقا شهيد (رحمة الله تعالي عليه) پيدا ٿيو. جنهن بعد هن خاندان ۾ باقاعده سجاده نشيني جو آغاز ٿيو. سيد محمد بقا(رحمة الله تعالي عليه)کان پوءِ سندن فرزندن سيد (پير محم) راشد(روضي ڌڻي رحمة الله تعالي عليه) مسند نشين ٿيو. سيد راشد جي باري ۾ سندن والد محترم جي مرشد مخدوم محمد اسماعيل (رحمة الله تعالي عليه) پيشن گوئي ڪئي هئي ته هي اهو مبارڪ روح آهي جنهن سان دنيا جو وڏو حصو فيض ياب ٿيندو.
سيد صبغت الله شاهه اول (رحمة الله تعالي عليه) سيد محمد راشد (رحمة الله تعالي عليه) جن جا فرزند هئا. پاڻ 1818ع ۾ گاديءَ تي ويٺا.
جڏهن سيد صغبت الله شاهه (رحمة الله تعالي عليه) اول مسند و هدايت کي زينت بخشي ته ان وقت سلطنت اسلاميه جو ڏيئو اجهامي رهيو هو. پنجاب تي سکن جو قبضو هو، سنڌ سکن ۽ انگريزن ٻنهي جي نظرن جو شڪار هئي. سيد صغت الله شاهه اول نه رڳو هڪ مذهبي ۽ روحاني پيشوا هو پر ان سان گڏ ملڪ جي سياسي حالات واقعات ۾ به سندن گهري دلچسپي هوندي هئي. پير پاڳاري اول جي وفات بعد سندن پيدا ڪيل آزاديءَ واري جذبي حرن کي هميشه لاءِ انگريزن خلاف برسر پيڪار رکيو. پير پاڳاري سيد حزب الله شاهه
(رحمة الله تعالي عليه)1847ع ۾ تحريڪ جو رک موڙي انگريزن ڏانهن ڪيو ۽ اهو 1891ع ۽ ٻي حر تحريڪ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. آزادي جي هيءَ جنگ اٽڪل 12 سال هئي ان دوران انگريز سرڪار سيد علي گوهر شاهه (رحمة الله تعالي عليه) کي حيدرآباد جيل ۾ نظربند ڪيو. مٿس دٻاءُ وڌو ويو ته پاڻ پنهنجي مريدن کي ان تحريڪ کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏي.
پيرپاڳاري شاهه مردان شاهه(رحمة الله تعالي عليه) جي وفات بعد سيد صبغت الله شاهه ثاني (رحمة الله تعالي عليه) جي ڇهين پاڳاري جي حيثيت ۾ دستاربندي ٿي. پاڻ 12 ورهين جي ننڍي عمر ۾ تخت ۽ تاج جو مالڪ بڻيو. پاڻ آزاد خيال هو کيس خارجي ضابطن ۽ اثرن کان سخت نفرت هئي انگريزن پير صاحب سان ڪافي دفعا رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي وفاداريءَ جو يقين ڏيارڻ بعد کين بي شمار سهوليتن جي پيش ڪئي پڻ ڪئي پر پير صاحب (رحمة الله تعالي عليه) جي رڳن ۾ حريت پسندن جو خون هو ۽ کيس ان ڳالهه جو پوريءَ طرح احساس هو ته هو هڪ بلند پائي روحاني ۽ محب وطن خاندان سان تعلق رکي ٿو. ان ڪري پاڻ انگريزن سان تعلق رکڻ کي منافقت خيال ڪندو هو. پير صبغت الله شاهه ثاني (رحمة الله تعالي عليه) فرمايو ته شهادت اسان جو تاج آهي ۽ اڳتي وڌي ان کي پائڻ اسان لاءِ عين عبادت آهي. اسان فقط آزادي سان محبت ڪئي آهي ۽ اهو جرم نه آهي.
1943ع ۾ هن جوڌي جوان ڦوهه جوانيءَ ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري سنڌ جي تاريخ جي صفحن ۾ پاڻ کي هميشه لاءِ زنده جاويد ڪري ڇڏيو.
مولانا عبيد الله سنڌي سيال ڪوٽ جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ جنم ورتو. چئن مهينن کان پوءِ ماءُ گذاري ويس. يتيم ٿي سنڌ ۾ پهتو. سنڌ جي رنگ ۾ رنگجي سنڌي بڻجي ويو. حضرت (قطب الاقطاب شيخ السنڌ و الهند سيدنا ) مولانا سيد تاج محمود امروٽيءَ (رحمة الله تعالي عليه) جيڪو انگريز سامراج جي خلاف هو کان متاثر ٿي (حفيظ الملة حافظ ) محمد صديق رحه ڍ (رحمة الله تعالي عليه) ڀرچونڊي واري جي هٿ تي راشديه قادري طريقه جي بعيت ڪئي. هندستان مان انگري ڀڄايو هلچل ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ (رحمة الله تعالي عليه) جو اهم ڪردار رهيو. پاڻ جلاوطن به رهيو ته جيل جون صعوبتون به برداشت ڪيون. مولانا تي لکجي ته ڪتاب لکي سگهجي ٿو، هو نه صرف امامِ انقلاب هو پر مجاهد، مجتهد، محنت ڪش ۽ عالم ۽ عالم با عمل به هو ته، مورخ، مفسر قرآن، شيخ الحديث ۽ فيلسوف به هو.
پير غلام محمد سرهندي رحه(رحمة الله تعالي عليه) عالم باعمل هو ته مرد مجاهد ۽ ڪامل پير به هو. سندس ڪرامتون به مشهور هيون. مٽياري سيدن جي خاندان جو هي اڏول انسان جڏهن خلافت جي تحريڪ شروع ٿي ته انگريزن خلاف لٺ کڻي ٻاهر نڪري آيو. انگريزن جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کي حرام سمجهي فتويٰ ڏنائين ته قرآن شريف مطابق انگريز جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ اڄ به حرام آهي ته آئيندي لاءِ به حرام آهي. پاڻ فرمايائون ته انگريز جو منهن ڏسڻ به ڪبيرو گناهه آهي. پاڻ انگريز خلاف هجڻ جي ڏوهه ۾ رتنا گيري جيل ۾ ٻه سال سزا به ڀوڳيائون.
پير رشد الله شاهه جهنڊي واري کي ڄائي ڄم کان انگريزن سان نفرت هئي انگريز جي منهن ڏسڻ کي به حرام سمجهندو هو. هندستان ۾ تحريڪ آزادي شروع ٿيڻ کان به اڳ سنڌ ۾ ان تحريڪ جو بنياد وجهي منسلڪ رهي انقلابي دنيا ۾ پير پاتو هو. مولوي عبدالله لغاريءَ (رحمة الله تعالي عليه) به کانئس تربيت ورتي. لاڙڪاڻي ۾ 1920ع ۾ پهرئين خلافت ڪانفرنس منقعد ڪرايائين جنهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد (رحمة الله تعالي عليه) به شريڪ ٿيو هو.( مجاهد سنڌ علامه مولانا) مولوي عبدالله لغاري (رحمة الله تعالي عليه) سنڌ جي اوائلي انقلابين مان هو. جليان والا باغ جي سانحي کان به اڳ تحريڪ ۾ شامل ٿي چڪو هو. مولوي عبدالله لغاري جو موقف هو ته غلامي ۽ بيغرتي ساڳي شئي آهي، محب وطن مولوي صاحب جي زندگي گذارڻ جو ڍنگ به تمام سادو هو. هڪ ئي جسم تي وڳو هوندو هئس جنهن کي جمعي جي ڏينهن هڪ ڪڙئي تي وڃي ڌوئي وري پائيندو هو، نه مال نه مڏي هڪ ڪاٺيءَ جي ڦڻي ۽ ورهه جي ڪاٺيءَ جو ڏندڻ ۽ سيراندي کان سر رکي رات جو سمهندو هو.
سنڌ صوفين ۽ ولين جو مسڪن رهي آهي، صوفي ازم هتان جي ماڻهن جي مزاج جو حصو رهندو پي آيو آهي ۽ ساڳي طرح انقلابي نظريو پڻ رهيو آهي. عالم سڀ آباد ڪرين واري دعا صوفي ازم جو اصل منشور آهي. اڄ جتي انتهاپسندي ۽ طالبانائيزيشن معاشري لاءِ زهر قاتل جو روپ ڌاري چڪي آهي، اتي امن، محبت ۽ حب الوطني جي جذبي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ صوفي ازم وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي.
منٺار ملاح
ميانداد شر
سنڌ وطن جي هاڻوڪي بدتر صورتحال هر نموني اسان کي للڪاري رهي آهي هر قسم جون هٿرادو پيدا ڪيل آفتون ۽ مصيبتون اسان جو مقدر بڻايون ويون آهن. بک، بيروزگاري، بدحالي، قبيلائي جهيڙا، ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڌارين جي آبادڪاري، شهرن ۾ دهشت گردن ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جو راڄ، اغوائون، ڦرون، ڌاڙا سنڌوءَ جي پيٽ مان اڏرندڙ واري، خودڪشيءَ جي رجحان ۾ هر روز ٿيندڙ واڌ، مايوسي، انارڪي ڌارين دهشتگردن جون بدمعاشيون ، وڏيرن جي م و قعي پرستي، قوم دشمني، ڪم ظرفي، وطن فروشي، غداري ۽ ويڪو فطرت ۾ ويتر ٿيندڙ واڌ، تعليم، ۽ انصاف جي مرڻينگ حالت، سياسي سماجي ۽ معاشي تباهي، معدني وسيلن مٿان شهري دهشت گرد ٽولي جو ڇانئجي وڃڻ،چرس، هيورئن ۽ آفيم جي وبا جو پکڙجي وڃڻ ۽ ٻيون اهڙي نوعيت جون اڻ ڳڻيون سماجي بيماريون ۽ برايون هاڻوڪي سنڌ جو آئينو ڏيکاري رهيون آهن.
سنڌ ديس ۽ سنڌين جي وجود ۾ ڪوڙهه وانگر ناسور ڪري ويل هيڏين سارين سياسي، سماجي بيمارين باوجود سنڌي اڃا تائين آئسوليشن جو جيئرو جاڳندو مثال محسوس ٿي رهيا آهن. پاڻ ڪيترن ئي سالن کان سپريڊ سچوئيشن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. پر پاڻ کي جمود واري صورتحال مان نڪرڻ لاءِ تيار ئي نه ڪري رهيا آهيون. ڄڻ اسان پنهنجي قومي وجود کي تهس نهس ڪرڻ وارن سمورن معاملن کان بي خبر هجون يا اهڙا وائڙا بڻجي ويا آهيون جو سڀ ڪجهه ڏسندي به ڄڻ اهو سوچيندا هجون ته هي ڪنهن جي بازار لٽجي رهي آهي؟
انسانيت جي رهبر، لطيف جي وارثن تي ڪهي آيل ههڙيون ڏکيائيون ۽ مصيبتون ڏينهون ڏينهن بربادي ۽ تباهي جو وڌندڙ طوفان، سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ هزارين سالن کي پنهنجي برقرار رکي ايندڙ وجود کي تباهه ڪرڻ لاءِ وڄ جيان واڪا ڪريو اٿي رهيو آهي ۽ اسان ماڻهو ننڊ جي ستي پي هر لقاءَ کان بي نياز بڻجي گھري ننڊ ۾ کونگھرا هڻي رهيا آهيون.
اسان مان ڪيترن ماڻهن ڇا ڪڏهن سنجيدگي سان سوچيو آهي ته اسان اڄ ڪٿان کان اچي ڪٿي پهتا آهيون؟ ڇا وڃي بچيا آهيون؟ ڇا ڪري رهيا آهيون؟ پنهنجي چوڌاري پکڙيل نا اميدي، نراسائي ۽ سياسي سماجي برايون اسان کي ڇا ڀاسي رهيون آهن؟ يا اسان ڪڏهن اهڙن ٻين سوالن تي غور ڪيو آهي، جيڪي اسان جي برباديءَ جو گھنڊو وڄائي اسان جي ذهنن ۾ ڪا هلچل پيدا ڪري سگهي. اسان ماڻهن جي اڪثريت برتري جي ان احساس جو شڪار آهي ته اسان پنج هزار سال پراڻي تهذيب جا وارث آهيون. مڃيوسين، يورپ ۽ آمريڪا جي خطي وارا ماڻهو اڃان سڌريل ئي ڪون هئا تڏهن اسان وٽ مهين جي دڙي جهڙي سڌريل ۽ شاندار تهذيب جو جود هو، جتي اهي سهولتون ۽ انتظام هئا جيڪي هاڻوڪي دور جي سڌريل ملڪن ۾ ملن ٿا. مهين جي دڙي جهڙي شاندار سڀيتا تي صرف ۽ صرف فخر ڪرڻ ۽ انهي جي عظمت جا ڳيچ ڳائڻ پنهنجي جڳهه تي بلڪل درست، پر تاريخي دوري تي رڳو خوش ٿيڻ ۽فخر ڪرڻ ڪا به ڏاهپ، عقلمندي ۽ دانائي ناهي. انهي ۾ شڪ ڪرڻ ئي اجايو آهي ته ڪو تاريخ اهم ناهي، تاريخ ۽ تاريخي ورثن ۽ تهذيبن جي پنهنجي اهميت آهي. پر انهي کان اهم مستقبل ۽ اڃان به وڌيڪ حال جي اهميت آهي. ڇا اسان سوچيو آهي ته اسان سنڌي وطن ۾ خوشيون، هٻڪارون، ۽ مهڪارون، خوشحالي، سونهن ۽ سينگار پيدا ڪري سگهون ٿا؟ يا اسان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته اسان جيئن پوءِ تيئن ڪنهن اونهي ڌٻڻ ۾ هلندا پيا وڃون. ڇا ائين ئي ڌٻڻ ۾ اندر هلندا وينداسين يا رپوري طاقت ۽ توانائي سان پيرن تي بيهي مزاحمت ڪنداسين؟
اسان پنهنجي خصيص ۽ معمولي مسئلن ۾ الجهڻ کانپوءِ مزاحمت ته ضرور ڪندا آهيون، پر بحيثيت قوم جي اسان ماڻهن ڪڏهن ڪا سگھاري مزاحمت ڪون ڪئي آهي. هن وقت جهڙي نموني اسان مختلف بلائن جي گھيري ۾ آهيون، ماضي ۾ اهڙيون مصيبتون ۽ تباهيون، بحيثيت قوم جي اسان جو مقدر ڪون بڻيون آهن. جنهن جو شڪار هن ديس جو هر ماڻهو بڻيو هجي جئين هن وقت اسين سڀ ڀوڳي رهيا آهيون. اسان جي تاريخ، چيو وڃي ٿو ته مزاحمت جي تاريخ آهي ۽ اسان جو حال ويڙهه جو مثال آهي، برابر اسين وڙهيا آهيون، بحيثيت ذاتين ۽ قبيلن جي پر اسان بحثيت قوم جي ڪڏهن وڙهيا ئي ناهيون. اسان جي تاريخ جا وڏا هيرا، دودو، دولهه، هوشو، هيمون وغيره وڙهيا پر بحثيت سپاهي جي، اسان وٽ دشمنن سان قبيلا وڙهيا، ڳوٺ وڙهيا، پاڙا وڙهيا، ذاتيون وڙهيون پر مجموعي طور هي ديس وارا ڪڏهن به وڙهيائي ناهن.
اسان جون سوچون، مفاد، دشمنيون، جهيڙا ۽ نفرتون به ايتريون ئي خصيص، ننڍڙيون ۽ معمولي آهن، جيترا اسان پاڻ پتڪڙا آهيون، اسان خوشي توڙي ڏک جي ننڍڙين ۽ پتڪڙين ڳالهين تي خوشيءَ ۾ نه ٿا ماپون يا ڏک ۾ لڙهي وڃون ٿا، پر پاڻ سنڌين جي زندگي ۽ موت جهڙن مسئلن تي به غير سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري تن جي مذاق اڏائيندا رهون ٿا. ڇا اسان جو اهو رويو قوم دشمنيءَ تي ٻڌل رويو نه آهي؟ اسان جو اهو عمل ديس دشمنيءَ جو عمل نه ٿو ٿي سگهي ڇا؟!
دنيا جي جن به قومن، مظلوميءَ جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ دوران جيڪو به مزاحمت جو رستو ورتو ۽ ان رستي تي هن جي سچائيءَ ۽ ثابت قدميءَ سان هلندا رهيا ته ڪاميابي سندن راهه ۾ پنهنجا نيڻ نڇاور ڪندي رهي.
توهان ويهين صديءَ جي تاريخ تي ئي ٿوري نظر ڊوڙايو ته اوهان اڳيان حيرت انگيز سوڀن جا ڪارناما نظر ايندا. عظيم آڪٽوبر انقلاب کان اڳ روس ڇا هو؟ ڇا مائو زيتنگ جهڙي ڪرشماتي شخصيت پيدا ٿيڻ کان پهرين چين ڇا هو؟ ۽ هاڻي ترقيءَ جي راهه تي ڪيترو اوچائي تي اڏري رهيو آهي؟ نيلسن منڊيلا کان اڳ آفريڪين کي ڪيتري قدر خراب نظر سان ڏٺو ويندو هو؟ ايران اسلامي انقلاب کان اڳ ڪهڙين مصيبتن ۾ اڙيل هو؟ هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ تي ايٽم بم ڪرڻ کان اڳ جاپان ڇا هو؟ ۽ پوءِ ڪيئن اقتصادي ترقيءَ ۾ پاڻڀرو ٿي ويو؟ ويٽنام ۽ ڪيوبا، هوچي منهه ۽ چي گويرا ۽ فيڊل ڪاسترو کان اڳ ڪهڙي حيثيت ۾ هئا؟ ۽ اڄ ڪيتري عظمت تي پهتل آهن؟ ۽ اهي سڀ حقيقتون دنيا اڳيان ڪنهن پڌري ڪتاب جيان کليون پيون آهن ۽ انهن جي ترقيءَ جو سمورو راز پوري عالم آڏو ظاهر آهي.
جن به ملڪن ۽ قومن، سچائي، ديانتداري، دور انديشي ۽ ثابت قدميءَ سان پنهنجين قومن جي ڦٽيل تقدير کي سنوارڻ لاءِ مڙي مٺ ٿي سڀ خوف، وهم، وسوسا ۽ انديشا دور ڪري جدوجهد جي ميدان ۾ نڪري نروار ٿيا ۽ انهن جيڪي ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻيون ته انهن کي ڪير به سلام ڪرڻ کانسواءِ نه ٿو رهي سگهي. انهيءَ ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان بحيثيت قوم جي ماضيءَ جي عظمتن جي سمورن داستانن واري نشي جي حالت مان نڪري سنڌ ديس جو ڦٽل نصيب سنوارڻ لاءِ ڪنهن روشني ۽ خوشگوار صبح جا ڪرڻا پسڻ جي خاطر پنهنجون عداوتون ۽ دشمنيون وساري هن ديس ۽ قوم جي تباهيءَ جو جواز بڻجندڙ عملن خلاف جوڳا اپاءُ وٺون ۽ ضمير جي سچائيءَ ۽ ثابت قدميءَ سان سنڌ ڌرتيءَ جي دردن جي ازالي لاءِ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري اڳتي وڌون ته جيئن ايندڙ نسلن جي لعنتن ۽ ڦٽڪارن کان بچي سگهون
http://www.facebook.com/topic.php?uid=102085546494976&topic=143

Sunday 13 February 2011

عرب ملڪن ۾ امريڪا جي منافقي پال ڪريگ رابرٽس/زاهده شيخ

عرب ملڪن ۾ امريڪا جي منافقي

پال ڪريگ رابرٽس/زاهده شيخ

امريڪي حڪومت جي منافقي ۽ مڪاري هاڻي وري پنهنجي پوري طاقت ۽ جاهه و جلال سان ظاهر ٿي آهي. امريڪي حڪومت عراق ۽ افغانستان تي حملو ڪري سڄن سارن ڳوٺن ۽ شهرن سميت ٻنهي ملڪن جي وڏي حصي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو ۽ عراق ۽ افغانستان ۾ ”جمهوريت آڻڻ“ جي نالي ۾ بيشمار عام شهرين جو ڪوس ڪيو. هاڻي جڏهن مصر جا ماڻهو ڪيترن ڏينهن کان گهٽين ۾ ۽ رستن تي نڪري ”مبارڪ! جان ڇڏ، هليو وڃ!“ جا زوردار مطالبا پيا ڪن، پوءِ به امريڪي حڪومت پنهنجي اشارن تي نچندڙ حڪمران جو پاسو وٺيو بيٺي آهي. نه رڳو ايترو پر اڃان به صلاحون پيئي ڏئي ته ٽن هاڪن کان ملڪ ۾ پوليس راڄ قائم رکڻ کانپوءِ به مبارڪ ئي مصر ۾ جمهوريت قائم ڪرڻ لاءِ مناسب ماڻهو آهي.

30 جنوريءَ تي امريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ هليري ڪلنٽن پڌرو ڪيو ته امريڪا مصر ۾ نه ”آزادي ۽ جمهوريت“ جي گهر ٿو ڪري نه ئي ڊڪٽيٽر جي نيڪاليءَ ۾ مددگار ٿيندو. اسرائيل جي صدر نيتن ياهوءَ امريڪا ۽ يورپ کي چيو آهي ته علائقائي مضبوطي جي بچاءَ واسطي مبارڪ مٿان ٿيندڙ تنقيد کي ٻنجو ڏنو وڃي.

مضبوطيءَ مان نيتن ياهو جي مراد ظاهر آهي ته اها آهي ته اسرائيل کي اها آزادي مليل هجي ته اهو بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي فسلطينين کان ڦرلٽ ۽ سندن ملڪ چورائڻ جو ڌنڌو رکي سگهي. مبارڪ امريڪا ۽ اسرائيل جو پگهاردار ۽ چوڪيدار آهي. هو ٽن ڏهاڪن کان امريڪا ۽ اسرائيل پاران غزه کي ڪڙو چاڙهي بند ڪري، ٻاهرين دنيا کان ڪاٽيو ويٺو آهي. هو غزه جي قيد ڪيل فلسطينين ڏانهن سڄي دنيا مان جيڪا امداد موڪلي وڃي ٿي، ان کي مصري سرحد وٽ روڪيو ڇڏي ۽ ان جي عيوض ڳري پگهار پيو وٺي. امريڪي ٽئڪس ڀريندڙ شهرين جي پئسن جي مهربانيءَ سان مبارڪ ۽ سندس خاندان ارب ۽ کرب پتي بڻجي ويا آهن. امريڪا جي ڪا به حڪومت پوءِ چاهي اها ڊيموڪريٽ هجي چاهي ريپبلڪن هجي، مبارڪ ۾ ڪيل پنهنجي اها ڳري سيڙپ ختم ڪرڻ نٿا گهرن.

امريڪي حڪومت ڊگهي عرصي کان عرب عوام تي پنهنجي مڙهيل حڪمرانن کي عرب عوام بدران اسرائيل ۽ امريڪا جي مفادن جو چوڪيدار بڻائڻ لاءِ کين رشوتون ۽ معاوضا ڏئي عرب حڪومتن کي ڪرپٽ بڻائيندي رهي آهي. عرب عوام امريڪي پئسي جي زور تي ساڻن ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر کي ڪئين سالن تائين سٺو آهي پر هاڻي هو بغاوت جون نشانيون پيا ڏيکارين.

تيونس ۾ امريڪا جي ٿاڦيل عوام جي قاتل ظالم حڪمران کي، ماڻهن رستن تي اچي اقتدار کان تڙي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. اها بغاوت مصر تائين پکڙجي ويئي آهي ۽ يمن ۽ اردن جي گهٽين ۾ امريڪا جي پِٺُو حڪمرانن خلاف مظاهرا پيا ٿين.

اها عوامي سجاڳي ٿي سگهي ٿو ته امريڪا جي اشارن تي نچندڙ اڳڙين جي گڏن حڪمرانن کي نيڪالي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي پر ڇا ان تبديليءَ جو نتيجو امريڪا جي اشارن تي هلندڙ پراڻن پِٺُو حڪمرانن جي جاءِ تي نون اڳڙيءَ جي گڏن حڪمرانن جي اچڻ کان وڌيڪ ڪو ٻيو نڪرندو؟ مبارڪ ٿي سگهي ٿو ته هليو وڃي پر ان جي جاءِ تي جيڪو ٻيو ايندو ان کي به ڏسڻ ۾ ايندو ته کيس به ساڳيا پراڻا امريڪي سنج پهريل آهن.

اهي (امريڪا جا ڇاڙتا) فرعون حڪمران پنهنجن ملڪن جي ٻي ڪارائتي سياسي قيادت کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن. عوام ۾ اثر رکندڙ سياسي اڳواڻن يا ته قتل ڪيا ويندا آهن يا جلاوطن آهن يا ته وري جيلن ۾ واڙيل آهن. تنهن کانسواءِ جيستائين ڪو ايران جهڙو باقاعدي سورهن جا، سورهن آنا مڪمل انقلاب اچي، تيستائين ٻيو کڻي ڪهڙو به انقلاب اچي پر ملڪ جي کريل ڪامورا شاهي جيڪا زمانن کان وٺي شيءِ جيئن آهي سا تيئن ئي رکيو ويٺي آهي اُها هڪڙي پائيءَ جو به سڌارو آڻڻ نٿي ڏئي، سا ملڪ جي مالڪ ٿيو ويٺي هوندي ۽ عوام کي ساڳيا ٽڪر ساڳ سان کارايو ويٺي هوندي. ان کانسواءِ مصر جي فوج کي امريڪا جي ڊالرن تي پلجڻ جي عادت ٿي ويئي آهي ۽ اها چاهي ٿي ته کيس ملندڙ پئسن جو ساڳيو وهڪرو جاري رهي. اهو انهن پئسن جو باقاعدي وهڪرو ئي آهي جنهن سان ڪنهن به ٻي ايندڙ حڪومت کي به آرام سان خريد ڪري ڇڏبو.

جيئن ته ڊالر دنيا جو بين الاقوامي ڏيتي ليتيءَ ۽ واپار جو خاص سِڪو آهي. تنهن ڪري امريڪي حڪومت کي دنيا مٿان اقتصادي برتري حاصل آهي ۽ اهو ٻين ملڪن کي ايران وانگر دنيا کان ڪٽي اڪيلو بڻائي سگهي ٿو. عرب ملڪن جي امريڪي پنجوڙ مان نڪري آزاد ٿيڻ لاءِ ٻن ڳالهين مان ڪنهن هڪ ڳالهه جو ٿيڻ لازمي آهي. يا ته انقلاب عرب دنيا کي مڪمل طرح تبديل ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ عرب ملڪن جي پاڻ ۾ مضبوط معاشي ٻڌي پيدا ٿئي، جيڪا مقامي معاشي واڌاري کي همٿائي يا وري امريڪي ڊالر دنيا جي خاص سڪي طور ناڪام ٿئي.

اولهه جي ملڪن پاران وچ اوڀر جي عرب ملڪن مٿان برتري قائم رکندي اچڻ جو وڏو سبب عربن جي پاڻ ۾ ٻڌي نه هجڻ آهي. عربن جي وچ ۾ انهيءَ ڦوٽ کانسواءِ اسرائيل ۽ امريڪا فلسطين جي ائين ڦرلٽ ۽ توهين سان مٽي پليت نه ڪري سگهن ها، جيئن اهي ڪئين ڏهاڪن کان ڪندا اچن ۽ عربن جي وچ ۾ پيل انهيءَ ڦوٽ کانسواءِ، امريڪا عراق تي حملو به نه ڪري سگهي ها. ان ڳالهه جو امڪان تمام گهٽ آهي ته ڪو عرب اوچتو پاڻ ۾ ٺهي ويندا ۽ ٻڌي ڪندا.

ڊالر جي زوال جو امڪان وڌيڪ آهي. دراصل امريڪي سرڪار جي بجيٽ جي کوٽ ۽ واپار جي کوٽ انهن ٻنهي کي وڌائڻ جي پاليسي ۽ وفاقي رزرو (Federal Reserve) جي بجيٽ جي کوٽ کي ۽ وڏين بئنڪن جي ٺلهن ڪاغذي اثاثن کي ناواجب سان چالو سڪو بنائڻ جي پاليسيءَ جي ڪري، ڊالر خاتمي طرف ئي پيو وڃي.

جيئن ڊالر جي گهڻ ٿيندي، تيئن ان جي قيمت ۾ لاٿ ايندي. شايد اهو وقت پري ڪونهي جڏهن عرب حڪمران امريڪي پئسن لاءِ پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وڪڻڻ بند ڪندا.

(نوٽ: ليکڪ امريڪا جي خزاني جي کاتي جو اڳوڻو اسسٽنٽ سيڪريٽري آهي.)

(ڊيلي ٽائيمس 2 فيبروري 2011ع جي ٿورن سان)

http://www.dailyibrat.com/